نور الله تنيو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

پيدائش[سنواريو]

نورالله تنيو (Noorullah Tuniyo) شهداد ڪوٽ ۾ استاد نيڪ محمد تنيي جي گهر ۾ 1985ع ڌاري جنم ورتو.

تعليم[سنواريو]

هن جو والد اسڪول ۾ استاد هو، جنهنڪري هن پنهنجي اولاد کي پڙهائڻ ۾ ڪار ڪسر باقي نه ڇڏي. نور الله شروعاتي تعليم شهداد ڪوٽ مان، مئٽرڪ ۽ انٽر جو امتحدا لاڙڪاڻي مان پاس ڪري بي ايس سي پاس ڪيائين.

سياسي زندگي[سنواريو]

نورالله جو قومي سياست ڏانهن لاڙو ننڍپڻ کان ٿيو، ڇو ته سندس چاچو الطاف تنيو جي ايم سيد جي سياسي پارٽي جيئي سنڌ سان لاڳاپيل هو، وٽس قومي ڪارڪنن جي اچ وڃ هوندي هئي. جڏهن سرائي قربان سان ويجهڙائي ٿيس ته سرائي جي دوستي هن کي مڪمل نظرياتي بڻائي ڇڏيو ۽ جيئي سنڌ قومي محاذ ۾ شامل ٿي ڪم ڪرڻ لڳو، پوءِ جڏهن سرائي قربان جيئي سنڌ متحده محاذ ۾ شامل ٿيو ته هيءُ به ساڻس جسمم ۾ شامل ٿيو. هن جو گهڻو وقت سرائي قربان ۽ روپلي سان گڏ گذرندو هو ـ

نورالله 21 اپريل 2011ع تي سرائي قربان، روپلي چولياڻي سان گڏ سنڌ جي تنظيمي دوري تي وڃي رهيو هو ته سانگهڙ کپري روڊ باکوڙي موريءَ وٽ قانون نافذ ڪندڙ ادارن هٿان زخمي ٿيو، ان دوران سندس ساٿي شهيد ٿي ويا، پر نورالله بچي ويو هو، مقامي ماڻهن هن کي اسپتال پهچائڻ چاهيو پر هن انهن کي چيو ته توهان مان ڪنهن وٽ موبائيل فون هجي ته هنن نمبرن تي اطلاع ڪيو ـ نورالله جو ان وقت سينو گولين سان پروڻ ٿيل هو ۽ سندس چيلھ کان هيٺيون حصو مڪمل سڙي ختم ٿي چڪو هو، پر هن جو حوصلو سلامت هو ۽ هن اهڙي حالت ۾ انهن دوستن جا نمبر ٻڌايا ۽ پاڻ انهن دوستن سان ڳالهائي کين آگاھ ڪيو ته اسان جي مٿان قانون لاڳو ڪندڙ ادارن حملو ڪيو آهي، سرائي قربان ۽ روپلو شهيد ٿي ويا آهن، سندس دوستن کي يقين ئي نه پئي آيو ته ائين ڪئين پيو ڳالهائي، تيستائين مقامي صحافين ٽي وي چينلن تي بريڪنگ نيوز نشر ڪئي ته سڄي سنڌ باھ جي ڄڀين ۾ ڀڙڪي اُٿي ۽ سڄي سنڌ مان قومي ڪارڪنن جاقافلا باکوڙي موريءَ تي پهچڻ شروع ٿي ويا ـ نورالله سانگڙ کان ڪراچي تائين وڏي همٿ ڏيکاري ۽ هن سنڌي، اردو توڙي انگريزي ميڊيا جي اڳيان ٿيل واقعي جي حوالي سان کلي ڳالهايو هو.

لاڏاڻو[سنواريو]

نورالله تنيئي جون ٻئي ڄنگهون اڳم ئي ستُ وڃائي چڪيون هيون. نيٺ زخمن جا سور نه سهندي 30 اپريل 2011ع تي اسپتال ۾ شهيد ٿي ويو، جتان سندس مائٽن ۽ قومي ڪارڪنن جي قافلي جي صورت ۾ شهداد ڪوٽ آندو ويو، جتي سندس وصيت موجب کيس پنهنجي شهيد ساٿي سرائي قربان کهاوڙ جي ڀر ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. [1]