مواد ڏانھن هلو

ننڍو اتحاد

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ننڍو اتحاد (Little Entente) 21-1920ع ۾ چيڪوسلواڪيا جي صدر ايڊورڊ بينس جي ڪوششن سان، چيڪوسلواڪيا، رومانيا ۽ يوگوسلاويا وچ ۾ ٿيو. هن ٺاھ جو خاص مقصد يورپ ۾ پھرين عالمي جنگ کانپوءِ ٿيندڙ گڏيل دفاع واري جاکوڙ يا امن واري مصلحت (1919ع) کي برقرار رکڻ ۽ ميمبر ملڪن کي هنگري ۽ بلغاريا جي امڪاني حملن کان بچائڻ هو. جرمنيءَ جي امڪاني حملن کان حفاظت لاءِ ٿيل مٿين مُلڪن وچ ۾ هن ٺاھ جي تمام گهڻي پٺڀرائي ڪندي، فرانس مٿين ٽنهي مُلڪن جي اقتصادي ۽ فوجي مدد ڪئي. ميمبر ملڪن ۾ اختلافن سبب 1936ع ۾ هي ‎ٺاھ ڊهڻ شروع ٿيو ۽ 1938ع ۾ مڪمل طور ختم ٿيو.[1]

حوالا

[سنواريو]