ننڊ جو فالج
| هن مضمون'جو ڍنگ يا انداز انسائيڪلوپيڊيا ڍنگ تي استعمال ڪيل وڪيپيڊيا ڍنگ جي عڪاسي نٿو ڪري.. |
| ھي مضمون ڪن بہ ذريعن جو حوالو نٿو رکي. |
ننڊ جو فالج (انگريزي ٻولي: Sleep paralysis)
ڇا توهان کي ڪڏھن ننڊ دوران ايئن محسوس ٿيو آھي تہ اوھين جاڳي رھيا آھيو پر اوھان جو جسم بي ساھو لڳو پيو آهي ۽ ڪابه چرپر نه ٿو ڪري سگهي ؟؟ طبي دنيا ۾ ان حالت کي ننڊ جو فالج يا سليپ پيرالائسز چيو ويندو آهي، جيڪا خواب سان ملندڙ جلندڙ ڪيفيت آھي.
جڏھن انسان ننڊ ڪندو آهي ته ننڊ جي شروعات NREM (Non Rapid Eye Movement) سان ٿيندي آهي، جنھن کي اوھان ڪچي ننڊ چئي سگھو ٿا، ڪچي ننڊ (NREM) دوران جسم جا تقريباً سڀ عضوا ڪم ڪرڻ جي رفتار گھٽ ڪري ڇڏيندا آھن، ايستائين جو دل به آھستي ڌڙڪندي آهي. جنھن کان پوء پڪي ننڊ (REM= Rapid Eye Movement) شروع ٿيندي آھي. ڪچي ننڊ دوران دماغ پنھنجو آرام ڪري چڪو ھوندو آھي ۽ پڪي ننڊ ۾ دماغ سجاڳ ٿي ڪري پنھنجا ذاتي ڪم پورا ڪندو آهي، جيئن يادون پڪيون ڪرڻ، غير ضروري شين کي وسارڻ ۽ لاشعور جي اوسر ڪرڻ وغيره.
جڏھن پڪي ننڊ دوران دماغ يادن سنڀالڻ، عادت سکڻ ۽ لاشعور جي تعمير ڪندو آهي ته ھو پھرين جسم جي حرڪت بند ڪري پوري جسم کي ساڪن ڪري ڇڏيندو آهي. جنھن کي (Atonia) يا جسم جو حفاظتي طور بند ٿي وڃڻ چئبو آهي. اھو سڀ جسم جي حفاظت لاء ھوندو آھي جيئن خواب دوران دماغ ۾ حرڪت جو اثر جسم تي حقيقي طور نه ٿئي. مثال طور جڏھن اوھان خواب ۾ ڀڄي رھيا ھجو ته جسم ڪا حرڪت ڪري زخمي نه ٿي پوي.
پڪي ننڊ دوران دماغ جو جسم کي عارضي طور "بند" ڪرڻ کي سليپ پيرالائسز چئبو آهي. جنھن ۾ دماغ جا خيال بلڪل حقيقي محسوس ٿيندا آهن، پر جسم بنا حرڪت جي ساڪن پيو ھوندو آھي. ياد رهي ته پڪي ننڊ (REM) ۾ اکيون بند ھجڻ باوجود تيز حرڪت ڪري سگھن ٿيون ۽ دل جو ڌڙڪو به تيز ٿي سگھي ٿو. [1]
حوالو
[سنواريو]پڪي ننڊ (REM sleep) ننڊ جي چار مرحلا مان هڪ آهي. هن مرحلي دوران دماغ ۽ جسم جون ڪيتريون سرگرميون وڌي وڃن ٿيون، ڪڏھن ته جسم ۾ ايتريون سرگرميون ٿين ٿيون جو ڄڻ ماڻهو جاڳندو هجي. REM ننڊ 1950ع واري ڏهاڪي ۾ ان وقت دريافت ڪئي وئي، جڏهن سائنسدانن سمهندڙ ٻارن جي اکين کي تڪڙو تڪڙو حرڪت ڪندي ڏٺو.
اکين جي اھا حرڪت "REM" نالو ڏيڻ جو سبب بڻي. وقت سان گڏ، محققن معلوم ڪيو ته ان مرحلي ۾ سڀ کان وڌيڪ خواب ايندا آهن. اهڙي ننڊ ڪيترن ئي جاندارن ۾ ڏٺي وئي آهي، جنهن مان ان جي ارتقائي اهميت ظاهر ٿئي ٿي. (سليپ فائونڊيشن آرگنائيزيشن جي ٿورن سان)
Rapid eye movement (REM) sleep is one of four stages of sleep. During REM sleep, many aspects of brain and body activity ramp up, at times almost to the same level as when you’re awake .
REM sleep was first discovered in the 1950s, when scientists studying sleeping infants noticed distinct periods when their eyes darted quickly from side to side behind closed eyelids. These rapid eye movements earned REM sleep its name.
Over time, researchers have gathered more and more data about REM sleep, including the fact that it’s the sleep stage with the most active dreaming . REM sleep has also been detected in many mammals and other animals, highlighting its evolutionary importance.