ننڊ جو فالج

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

ننڊ جو فالج (انگريزي ٻولي: Sleep paralysis) ﺟڏﮬﻦ ﺑﮧ ﺍﻭﻫﺎﻥ ﺳﺘﻞ ﻫﻮﻧﺪﺍ ﺁﻫﻴﻮ ﺗﮧ ﺍﻭﮬﺎﻥ ﺟﻮ ﺩﻣﺎﻍ ﺟﺴﻢ ﺟﻲ ﮔﻬﮣﻲ ﻋﻀﻮﻥ ﮐﻲ ﻧﺎڪﺎﺭﻭ ڪﺮﻱ ﮀڏﻱ ﭤﻮ . ﺍﻥ ڪﺮﻱ ﺟﻮ ﺗﻴﺰ ﻧﻨڊ REM ﻳﻌﻨﻲ Rapid Eye Movement ﻧﻨڊ ﺟﻲ ﺩﻭﺭﺍﻥ ﺍﮐﻴﻦ ﺟﻲ ﺑﻨﺪ ﭘﻨﺒﮣﻴﻦ ﺟﻲ ﻫﻴﭟ ﺍﮐﻴﻮﻥ ﺣﺮڪﺖ ڪﻨﺪﻳﻮﻥ ﺭﻫﻨﺪﻳﻮﻥ ﺁﻫﻦ، ﺧﻮﺍﺏ ۾ ﺍﻭﻫﺎﻥ ﺟﻴڪﻮ ڪﺠﮫ ڏﺳﻨﺪﺍ ﺁﻫﻴﻮ ﺍﻥ ﺟﺴﻢ ﮐﻲ ﻫﺮﻭﭜﺮﻭ ﺣﺮڪﺖ ﻧﮧ ڏﺟﻲ . ﻫڪ ﺗﮧ ﺍﻭﻫﺎﻥ ﺟﻲ ﺍﮎ ﮐﻠﻲ ﻭﻳﻨﺪﻱ ۽ ﭔﻴﻮ ﺍﻭﻫﺎﻥ ﺍﻭﭼﺘﻮ ﺣﺮڪﺖ ﺳﺎﻥ ﭘﻨﮭﻨﺠﻮ ﭘﺎﮠ ﮐﻲ ﺯﺧﻤﻲ ڪﺮﻱ ﺳﮕﻬﻮ ﭤﺎ، ﮀﻮﺟﻮ ﺍﻭﻫﺎﻥ ﻧﻨڊ ۾ ﻫﻮﻧﺪﺍ ﺁﻫﻴﻮ ﺍﻥ ﻻﺀِ ﻋﺎﻡ ﻃﻮﺭ ﺗﻲ ﺍﻭﻫﺎﻥ ﮐﻲ ﺍﻥ ﮘﺎﻟﮫ ﺟﻮ ﺷﻌﻮﺭ ﻧﺎﻫﻲ ﻫﻮﻧﺪﻭ ﺗﮧ ﺍﻭﮬﺎﻥ ﺟﻮ ﺟﺴﻢ ﻫڪ ﻗﺴﻢ ﺟﻲ ﻋﺎﺭﺿﻲ ﻧﻨڊ ﺟﻮ ﺷڪﺎﺭ ﺁﻫﻲ . ﮔﻬﮣﻮ ڪﺮﻱ ﺍﻫڙﺍ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻧﻨڊ ﺟﻲ ﺍﻥ ﺣﺎﻟﺖ ۾ ﻫﻮﻧﺪﺍ ﺁﻫﻦ ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﻫﻮ ﺷﻌﻮﺭﻱ ﻃﻮﺭ ﺗﻲ ﺟﺎﮘﻲ ﺭﻫﻴﺎ ﻫﻮﻧﺪﺍ ﺁﻫﻦ ﭘﺮ ﭘﺮ ﺟﺴﻢ ﺍﻥ ﻋﺎﺭﺿﻲ ﻓﺎﻟﺞ ﺟﻮ ﺷڪﺎﺭ ﺭﻫﻨﺪﻭ ﺁﻫﻲ، ﺍﻥ ﺣﺎﻟﺖ ۾ ﮔﻬﮣﻮ ڪﺮﻱ ﻫﻲ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺧﻮﺍﺏ ﺑﮧ ڏﺳﻲ ﺭﻫﻴﺎ ﻫﻮﻧﺪﺍ ﺁﻫﻦ . ﺍﻥ ﺣﺎﻟﺖ ۾ ﺟﻴڪڏﻫﻦ ﻫﻲ ﻣﺎﮢﻬﻮ ڪﺎ ﺣﺮڪﺖ ڪﺮﮠ ﭼﺎﻫﻴﻨﺪﺍ ﺁﻫﻦ ﺗﮧ ﺍﻥ ﻋﺎﺭﺿﻲ ﻓﺎﻟﺞ ﺟﻲ ڪﺮﻱ ﺣﺮڪﺖ ﻧﺎﻫﻦ ڪﺮﻱ ﺳﮕﻬﻨﺪﺍ . ﺍﻥ ﺻﻮﺭﺕ ۾ ﺍﻫڙﻥ ﻣﺎﮢﮭﻦ ﮐﻲ ﻫﻲ ﺷﻌﻮﺭ ﻫﻮﻧﺪﻭ ﺁﻫﻲ ﺗﮧ ﺍﻧﻬﻦ ﺟﻮ ﺟﺴﻢ ﺣﺮڪﺖ ﻧﭥﻮ ڪﺮﻱ ﺳﮕﻬﻲ، ﺟﻴڪڏﻫﻦ ﺧﻮﺍﺏ ۾ ﺍُﻫﻲ ڪﻮ ﺧﻄﺮﻭ ڏﺳﻨﺪﺍ ﺁﻫﻦ ۽ ﺍﻥ ﮐﺎﻥ ﭜﭵﮡ ﭼﺎﻫﻴﻨﺪﺍ ﺁﻫﻦ ﭘﺮ ﺍﻧﻬﻦ ﮐﻲ ﻫﻲ ﺍﺣﺴﺎﺱ ﻫﻮﻧﺪﻭ ﺁﻫﻲ ﺗﮧ ﺍﻧﻬﻦ ﺟﻮ ﺟﺴﻢ ﺣﺮڪﺖ ﻧﭥﻮ ڪﺮﻱ ﺳﮕﻬﻲ ﺟڏﮬﻦ ﺗﮧ ﻫﻲ ﺣﺎﻟﺖ ﺍﻧﻬﻦ ﺗﻲ ﮔﻬﮣﻮ ﺧﻮﻑ ﭘﻴﺪﺍ ڪﻨﺪﻱ ﺁﻫﻲ..

حوالا[سنواريو]