نم (ڳوٺ)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

نم شريف شڪارپور ضلعي جي تعلقي ڳڙھي ياسين ۾ ھڪ ڳوٺ آھي. ھي ڳوٺ ڳڙھي ياسين جي اتر اولھ ۾ 16 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي آھي.

نم شريف ۾ سيد حيدر شاھ ۽ محمد شاھ جيلانيءَ جا مقبرا

هي ڳوٺ يونين ڪائونسل نم شريف جو هيڊ ڪوارٽر آهي جتي يونين ڪائونسل هيڊ ڪوارٽر آفيس، سميت گورنمينٽ هاءِ اسڪول، گورنمينٽ پرائمري اسڪول، بيسڪ هيلٿ يونٽ، ايگريڪلچر يونٽ فيلڊ آفيس، وٽنري سينيٽر، برانچ پوسٽ آفيس، فلٽر پلانٽ، جانورن جو ڍڪ وغيرہ موجود آهن. هي ڳوٺ هڪ تاريخي قديمي سڃاڻپ رکي ٿو نورالله خان جوڻيجو جي ڪري، جنھن کي 1973ع ۾ شهيد ڪيو ويو هو. نورالله خان جوڻيجو 1970ع واري ڏهاڪي ۾ يو سي نم شريف جو 17 ديهن تي بنا مقابلي چيئرمين چونڊيو هيو.