نصرت سحر عباسي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

نصرت سحر عباسي 29 جنوري 1969ع تي سنڌ جي قديمي شهر روهڙيءَ ۾ پيدا ٿي. سندس ولد جو نالو شبير رضا عباسي آهي.

تعليم[سنواريو]

هن ابتدائي تعليم روهڙي مان حاصل ڪئي. ۽ شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان معيشت ۾ بيچلر آف آرٽس، بيچلر آف قانون (ايل ايل بي) ۽ اقتصاديات ۾ ماسٽر آف آرٽس جي سند حاصل ڪيائين.

سياسي ڪيريئر[سنواريو]

ھوءَ 2008ع جي عام چونڊن ۾ عورتن جي مخصوص سيٽن تي پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل جي اميدوار طور سنڌ اسيمبلي جي ميمبر ٿي.

ھوءَ 2013ع جي عام چونڊن ۾ عورتن جي مخصوص سيٽن تي مسلم ليگ ن جي اميدوار طور ٻيھر سنڌ اسيمبلي جي ميمبر چونڊي وئي.

ھوءَ 2018ع جي عام چونڊن ۾ عورتن جي مخصوص سيٽن تي گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس (جي ڊي اي) جي اميدوار طور سنڌ اسيمبليءَ جي ٽيون ڀيرو ميمبر بڻي آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. "Welcome to the Website of Provincial Assembly of Sindh". www.pas.gov.pk. حاصل ڪيل 2019-06-07.