مواد ڏانھن ٽپ ڏيو

نرگسيت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

نرگسيت (Narcissism) علم نفسيات جو هڪ خاص اصطلاح آهي. نرگسيت نالو ۽ مفھوم هڪ قديم يوناني ديومالائي قصي تان ورتو ويو آهي، جنهلھن مطابق قديم يونان ۾ Narcissus (نرگس) نالي هڪ خوبصورت نوجوان رهندو هو، جيڪو درياھ جي ديوتا Cephissus جو پٽ هو. نرگس کي پنھنجي سونھن تي گهڻو ناز هوندو هو. ڪيتريون ئي حسين عورتون سندس عشق ۾ مبتلا هيون، پر هن ڪڏهن بہ ڪنھن عورت جي محبت کي قبول نہ ڪيو. کيس چاهيندڙن ۾ هڪ خوبصورت عورت ايڪو (Echo) پڻ هئي. ايڪو گهڻا ئي حيلا وسيلا هلائي نرگس کي پاڻ ڏانھن مائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هُن ايڪو طرف ڪو ڌيان ئي نہ ڏنو. ايڪو، نرگس جي ان مغرور رويي ۽ سندس دل ڀڃڻ جي دانھن نيميسس ديوي (Nemesis) کي ڏني، جنھن نرگس جي غرور کي ٽوڙڻ ۽ کيس سزا ڏيڻ لاءِ، کيس پنھنجي ئي محبت ۾ گرفتار ڪري ڇڏيو. ان کان پوءِ نرگس هر وقت نديءَ جي ڪناري تي ويھي، پاڻيءَ ۾ پنھنجو پاڻ کي ڏسندو رهندو هو. پنھنجو پاڻ کي پسڻ واري انهيءَ لڳاتار عمل ڪري ئي هو هڪ ڏينھن نديءَ جي ڪناري تي ئي مري ويو. سندس موت کي يادگار ۽ ٻين لاءِ مثال بنائڻ لاءِ ديويءَ کيس گل جي روپ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. اهڙيءَ طرح هڪ نئين گل ”نرگس“ (Narcissus) جو وجود پيو، جيڪو اڪثر ندين ۽ ڍنڍن جي ڪنارن تي ڦٽندو آهي ۽ ان جا گل پاڻيءَ طرف جهڪي ٽڙندا آهن. ائين جيئن آبي آرسيءَ ۾ پاڻ پسي رهيا هجن! [1]

حوالا[سنواريو]

  1. ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي،حيدرآباد، سنڌ.