عورتن جي جدوجهد

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

لائبيريا ۾ ڪيئن عورتن گهرو ويڙهه جو خاتمو آڻائي امن قائم ڪرايو.![سنواريو]

جنهن ملڪ ۾ لاڳيتو 15 سالن تائين سول وار هلندي هجي حڪومت ۽ باغين جي وچ ۾ هلندڙ ڇتي ويڙهه ۽ جنگ دوران هزارين ماڻهن کي ملڪ بدر ٿيڻو پيو هجي ۽ اکين اڳيان ڌيئرن جون عصمت دريون ٿيڻ لڳن ته وري ڪن جا جوان پٽ قتل ڪري اکين آڏو زمين دوز ٿي رهيا هجن ۽ ٻه لک کان مٿي ماڻهون اجل جو شڪار بڻجي قتل ٿي چڪا هجن بک ۽ بدحالي سبب پورو معاشرو ڏيوالپڻي جو شڪار ٿي تعليم جا سمورا رستا بند ڪري صحت جون سهوليتون پڻ ناياب ٿي چڪيون هجن، اتان جي فوج ۾ مردن جي اڪثريت سبب هزارين عورتن کي جنسي استحصالي جو کاڄ ٿيڻو پوي ۽ جبري مشقت وارو پورهيو ڪرائڻ تي مجبور ڪري توڙي عورتن کي اغوا بعد وڪرو ڪرڻ وارو رواج عام جام هجي ۽ ڏيهه سڄو ئي مسلسل تباهي ڪناري حوالي ٿي رهيو هجي ته اهڙي ملڪ ۾ جيڪر امن جي بحالي لاءِ باشعور عورتون پنهنجي حصي جو ڪردار نڀائڻ لاءِ اڳيان اچن ته اهو ملڪ آفريقا کنڊ جو لائبيريا ئي ٿي سگهي ٿو. جتان جي عورتن اهڙي قسم جي حالتن ۾ ظلم جي ڪاري رات آڏو آواز بلند ڪري ”بس ! هاڻ گهڻو ئي ٿيو“ جو نعرو هڻي ظالم صدر چارلس ٽيلر جي ٿيندڙ ظلم ۽ خونريزي جو خاتمو آڻڻ لاءِ ميدان تي نڪري پون ٿيون. عدم تشدد واري امن تحريڪ جيڪا لائبيريا جي عورتن پاران ظلم جا داستان مٽائڻ تائين جاري رکي وئي. جنهن جو مقصد لائبيريا ۾ جاري ٻيءِ سول جنگ جو خاتمو آڻڻ هو. هن تحريڪ کي منظم ڪندڙ ڪرسٽل روح گائوڊنگ ۽ ٻين سماجي ڪارڪنن جن ۾ ليماهه بوئي ۽ ڪمفارٽ فريمين جهڙيون دلير عورتون شامل رهيون. هن تحريڪ جي شروعات ۾ هزارين عورتن هڪ مڇي مارڪيٽ اڳيان گڏ ٿي مجموعي جي صورت ۾ عبادت ڪرڻ ۽ قومي گيتن سان ڳائڻ وڄائڻ جهڙيون سرگرميون ڪرڻ هر روز جو معمول بڻائي هڪ مهيني تائين اهو عمل ڪنديون رهيون. جنهن ۾ هزارين مسلمان ۽ عيسائي عورتن توڙي هر طبقي سان لاڳاپيل عورتون ٻاهر نڪري اهڙي تحريڪ جو حصو بڻجي پنهنجو ڪردار ملهائي ڀرپور حصو ورتو. انهن عورتن جي حڪمت عملي ۾ شامل مرحلي وار طريقن ۾ پر امن مظاهرا ۽ هڙتالون ڪرڻ توڙي جنسي لاڳاپن جو بائيڪاٽ ۽ زوردار نعري بازي سان گڏ لعنت ۽ پٽڪو ڪرڻ جهڙا نمونا شامل هئا. ڪرسٽل روح گائوڊنگ جيڪا سينٽ پيٽرس لوٿران چرچ جي صدر پڻ رهي جنهن وومين پيس بلڊنگ نيٽ ورڪ (وپ نيٽ) جي پليٽ فارم تان هڪ آرزومند بيان جاري ڪيو جنهن ۾ هن چيو ته ماضي ۾ اسان خاموش رهيون آهيون پر جڏهن اسين قتل ٿي رهيون هيوسين زوري عصمت دري ٿي رهي هئي هر طرح جو غير انساني سلوڪ رکيو ويو بيمارين ۾ مبتلا رهيوسين ۽ اکين اڳيان پنهنجا ٻچاءَ توڙي وڏڙا قتل ٿيندي ڏٺاسون تڏهن جنگ اسان کي اهو سيکاريو ته محفوظ مستقبل صرف عدم تشدد ۾ آهي ۽ امن کي ڀليڪار ڪرڻ ۾ ئي آهي. اسين تيستائين رحم جوڳي حالت ۾ ئي هونديوسين جيسيتائين امن اسان تي غالب نٿو پوي. استو باهڪنيز لائبيريا جي انصاف واري وزارت جي نائب وزير آهي جنهن ان وقت عيسائي عورتن جي امن وارن شروعاتي قدمن کي ڏسي اتساهه ورتو هن امن جي قيام لاءِ مسلمان عورتن جي هڪ تنظيم جوڙي جيڪا بوئي فريمين ۽ استو باهڪنيز جي جٿي سان گڏجي امن جي قيام لاءِ هڪ وڏي تحريڪ جي شروعات ڪئي. جنهن تحريڪ بابت اتان جي عوام جي تصور ۾ به نه هو ته عورتون ئي ظلم مٽائڻ لاءِ ايترو اڳيان نڪري سگهن ٿيون. تن ڏينهن کان اڄ تائين مونوريا جي عيسائي ۽ مسلم عورتن جو پاڻ ۾ تعلق جيئن جو تيئن مضبوط هلي رهيو آهي. انهن عورتن اتان جي باغين سان گڏجي ٻين عورتن کي امن وارين ڪوششن ۾ اڳتي اچڻ لاءِ ڀرپور نموني اڪساهيو. انهن گڏجي اجتماعي طرح هڪ مظاهري ۾ اڇو ويس پهري امن جي نشان کي نروار ڪيو. آئوري ڪوسٽ ۾ لارين گباگبو جي خلاف هڪ پر امن مظاهري ۾ 40 هزار عورتن شرڪت ڪئي هي مظاهرو آئوري ڪوسٽ جي عوام طرفان ٻيو ڀيرو سول جنگ جو اعلان ثابت ٿيو. جنهن ۾ ڪن ڪارا ڪپڙا ته ڪن وري وڻن جي پنن سان پاڻ کي ڍڪيو جڏهن ته ڪجهه عورتن برهنه انداز ۾ آواز بلند ڪري غلامي جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ شديد احتجاج ڪيو. آخرڪار 23 مارچ تي نائجيريا ۾ هڪ گڏجاڻي رکي وئي جنهن ۾ امن جي پرچار ڪندڙ آدرشن طرفان اهو فيصلو ٿيو ته عورتن جو جٿو امن مارچ لاءِ سنڀرايو ويندو. ان مارچ ۾ سفيد رنگ جون ٽي شرٽس پهري اولهه آفريقا جي نمائندگي ڪندڙ ملڪن جهڙوڪ آئوري ڪوسٽ،گهانا ، لائبيريا، نائجيريا، سيرالون ۽ ٽوگو جون عورتون شامل ٿيون. PRAY THE DEVIL BACK TO HELL” “جي نالي سان هڪ مختصر فلم پڻ ٺاهي وئي جنهن ۾ لائبيريا جي عورتن پاران هلندڙ امن تحريڪ کي فلمايو ويو جنهن جي ڊائريڪشن ابيگيل ڊزني ڏني ۽ هن فلم هڪ پيروڪاري جهڙو ڪم سرانجام ڏنو سوڊان ۽ زمبابوي جي درميان عورتن کي امن طرف راغب ڪرڻ ۾. عورتن جي امن تحريڪ جي سربراهه ليماهه بوئي کي عالمي مڃتا ملڻ لڳي. جنهن جي ڪارنامن ۽ صلاحيتن تي هن کي جان ايف ڪينيڊي جرئتمندانه ايوارڊ سان 2009ع ۾ جڏهن ته 2011ع ۾ عالمي نوبل امن انعام سان نوازيو ويو. 2003ع ۾ ٻيءِ سول جنگ جي دوران لائبيريا جي عورتن اتان جي صدر کي پرامن ڳالهين واري هڪ گڏجاڻي ۾ شرڪت ڪرائڻ تي دٻاءُ وڌو جيڪا گهانا ۾ رکي وئي. جنهن ۾ اتان جا باغي گوريلا پڻ ان گڏجاڻي ۾ شرڪت ڪرڻ تي آماده ٿيا. گڏجاڻي جي مکيه ايجنڊا ۾ ٺاهه ۽ صلح ڪرڻ جهڙا شرط شامل هئا. ان دوران عورتن جي جدوجهد جو مسلسل زور حڪومت تي پوڻ لڳو جنهن مقصد لاءِ صدارتي محل اڳيان ڌرڻو هڻي سڀ در ۽ دروازا بند ڪري سڀني ميمبرن کي ڪنهن طاقت جي استعمال نه ڪرڻ واري شرط تي کين تحفظ ڏيڻ جو يقين ڏئي هلندڙ اجلاس دوران ڪنهن قرارداد پاس ٿيڻ تائين اندر واڙي رکيو ويو. لائبيريا جي عورتن سياسي طاقت جو ڀرپور مظاهرو ڪري تشدد جي راهه روڪي. انهن جي اهڙي عمل تي نيٺ اتان جي آمرن کي ڳالهين تي مجبور ڪيو. جنهن جي نتيجي ۾ انهن عورتن جي پرامن نموني واري جدوجهد جي نتيجي ۾ لائبيريا ۾ امن جو خواب ساڀيان ماڻيو. 14 سالن جي ڊگهي جدوجهد کان پوءِ رياست جي اهم عهدي تي هڪ عورت ايلن جونسن سرليف کي منتخب ڪري اقتدار سندس حوالي ڪيو ويو. لائبيريا جي گادي جو هنڌ مونوريا آهي ، ڪرنسي لائبيرين ڊالر جڏهن ته صدر ايلين جانسن سرليف آهي هن ملڪ جي ٽوٽل آبادي ورلڊ بئنڪ جي 2013ع جي انگن مطابق چار هزار ٻه سئو چورانوي ملين آهي جنهن جي سرڪاري زبان انگريزي آهي. آفريڪا جي عورتن لاءِ WIPSEN نالي نيٽ ورڪ جوڙيو ويو جنهن جون اڳواڻ پڻ اهي ئي عورتون آهن. جنهن جو دفتر گهانا ۾ آهي. ياد رهي ته اقوام متحده جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل ڪوفي عنان جو تعلق پڻ گهانا سان ئي آهي. ”وائپسين“جو بنياد 8 مئي 2006ع تي رکيو ويو جيڪو عورتن جي تحفظ توڙي انهن ۾ اڳواڻي جون صلاحيتون پيدا ڪرڻ لاءِ آفريقا ۾ امن توڙي ترقي واري سفر ۾ سرگرم عمل ۾ آهي. جنهن جي بينادي ميمبر ليماهه بوئي آهي جيڪا 2012ع تائين ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جي عهدي تي ڪم ڪندي رهي. هي نيٽ ورڪ گهانا، نائجيريا، آئوري ڪوسٽ، لائبيريا ۽ سيريا لون ۾ پڻ موجود آهي. اهڙي طرح عورتن ظلم جو انت آڻي امن ۽ سلامتي کي يقيني بڻايو ۽ اڄ لائبيريا ترقي جي راهه تي گامزن آهي. [1]

حوالا[سنواريو]

  1. تحرير و تحقيق: ذاڪر لغاري