اولھندو نارو واھ
الهندو نارو واهه (انگريزي ٻولي: Western Nara Canal) لاڙڪاڻو شهر جي اوڀر طرف عاقل ڳوٺ وٽان سنڌو ندي مان نڪرندڙ هڪ قديم اننڊيشن واهه هو. هيءُ واهه سنڌو نديءَ جو قدرتي ڦاٽ هو، جيڪو تمام ويڪرو، اونهو ۽ گهڻن ور وڪڙن وارو هو. الهندو نارو باقراڻي، ڏوڪري، ٽاٽڙي، سيهڙ، راڌڻ، ٿرڙي جادو شهيد ۽ جوهي مان گذرندو آخر منڇر ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪندو هو. ان دور ۾ هيءُ واهه لاڙڪاڻي ضلعي مان وهندو هو، جڏهن ته سيوهڻ پڻ ان ضلعي جي حدن ۾ شامل هو[1]. الهندو نارو واپار ۽ آمدرفت لاءِ پڻ اهم آبي رستو هو. سکر ۽ لاڙڪاڻو کان واپاري ٻيڙين وسيلي مختلف شهرن ڏانهن مال کڻي ويندا هئا. واهه تي وڏيون ونگن واريون موريون ٺهيل هيون، جن مان هڪ موري اڄ به باقراڻي شهر ڀرسان موجود آهي[1].الهندي ناري جي ڪنارن واريون زمينون تمام زرخيز هيون، تنهنڪري هتي خاص طور انب جا وڏا باغ موجود هئا، خاص ڪري ڏوڪري تعلقي ۾. واهه جي ڪنارن تي نار پڻ رکيل هئا، جن جي ذريعي آبادي ڪئي ويندي هئي، جڏهن ته انهن علائقن ۾ جوئر جو فصل گهڻو پوکيو ويندو هو[1].
پريچرڊ واھ
[سنواريو]
1889ع کان اڳ ڪيترن ئي سالن تائين اولھندي ناري ۾ پاڻي جي فراهمي سخت متاثر رهي، جنهن جو بنيادي سبب لاڙڪاڻو ڀرسان ان جي مُنهن وٽ سنڌو ندي جي ڪٽاءُ (Erosion) هو. سيهوڻ، دادو ۽ جوهي تعلقن کي بهتر پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ پريچرڊ واھ (Pritchard Wah) نالي هڪ مددگار واهه ٻن سالن جي عرصي ۾ تعمير ڪيو ويو[2].. شروعاتي ٻن سالن دوران هي واهه پڻ درياهه جي وهڪري سبب پنهنجي مُنهن وٽ ڪٽاءُ جو شڪار رهيو، پر 1891ع کان پوءِ ان جي ڪارڪردگي نمايان طور بهتر ٿي ۽ اولھندي ناري کي پاڻي جي فراهمي ۾ استحڪام اچي ويو. نتيجي طور، 1889ع کان پوءِ اولھندي نارو هر سال سياري جي موسم دوران پڻ وهندو رهيو[2]..
1889ع ۾ اولھندي ناري جي مٿئين حصي مان نڪتل مختلف واهن وسيلي وڏي مقدار ۾ پاڻي ڪڍڻ سبب جوهي تعلقي جي آبادگارن کي سخت نقصان پهتو. انهيءَ صورتحال کي نظر ۾ رکندي زمينن جي نئين بندوبست کي عارضي طور ملتوي ڪيو ويو، جيستائين پريچرڊ واھ، جيڪو خاص طور سنڌو ندي مان اولھندي ناري کي پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ تعمير ڪيو ويو هو، ڪجهه سالن تائين ڪاميابيءَ سان هلڻ نه لڳو[2].. بعد ۾ ان جي ڪارڪردگي بهتر ٿيڻ سان اولھندي ناري ۾ پاڻي جي فراهمي ايتري وڌي وئي، جو ٻوڏ ۽ اوورفلو کي روڪڻ لاءِ ان جي ٻنهي ڪنارن تي بند تعمير ڪرڻا پيا. 1890ع کان پوءِ پاڻي جي سطح وڌيڪ بلند ٿيڻ سبب ڪڪڙ کان جوهي تائين واهه جي ٻنهي ڪنارن تي حفاظتي بند ۽ پاڻي جي ضابطي لاءِ Built Sluice (ضابطه بند دروازا) پڻ تعمير ڪيا ويا، جيئن پاڻي ڪنارن کان ٻاهر نڪري ڀرپاسي جي زمينن ۾ نه پکڙجي[2]..
شاخون
[سنواريو]الهندي ناري مان ڪيترائي اهم واهه نڪرندا هئا، جن مان هيٺيان مشهور هئا:
- گهنور واهه: هيءُ واهه باقراڻي شهر وٽان نڪري، باقراڻي ريلوي اسٽيشن کان اڳتي رشيد وڳڻ ڳوٺ کان ٿيندو گوگهاري وٽ ختم ٿيندو هو. هيءُ واهه ڏوڪري ۽ قنبر جي زمينن کي آباد ڪندو هو. ان زماني ۾ گوگهاري جا سڳداسي چانور تمام مشهور هئا. گهنور واهه مان ڪيترائي ننڍا واهه پڻ نڪرندا هئا، جيڪي آبادگارن پنهنجي ضرورت مطابق وهائيندا هئا[1].
- موندر واهه: هيءُ واهه ڏوڪري شهر ڀرسان الهندي ناري مان نڪرندو هو ۽ نصير آباد ڀرسان ختم ٿيندو هو. ان جي ڊيگهه لڳ ڀڳ 12 ميل هئي. هن مان پڻ ڪيترائي ننڍا واهه نڪرندا هئا، جيڪي ڏوڪري ۽ وارهه جي زمينن کي آباد ڪندا هئا[1].
- ڌامراهو واهه: هيءُ واهه ٽاٽڙي ڳوٺ وٽان الهندي ناري مان نڪري اولهه طرف ويندو هو. ان جي ڊيگهه لڳ ڀڳ 30 کان 35 ميل هئي. هيءُ واهه دائود ڪانڌڙا، آڏي جاگير، کڏهري، ڳاڙهي، فريد آباد کان ٿيندو ماڏي ڳوٺ، خيرپور ناٿن شاهه وٽ ختم ٿيندو هو. ان دور ۾ خيرپور ناٿن شاهه کي ڪڪڙ تعلقو سڏيو ويندو هو. ڌامراهي واهه مان پڻ ڪيترائي ننڍا واهه نڪرندا هئا، جيڪي ڏوڪري ۽ وارهه جي زرعي زمينن کي آباد ڪندا هئ[1]ا.
- جوھي تعلقي کي متاثر ڪندڙ سرڪاري واهن ۾ اولھندو نارو، جيڪو تعلقي جي اوڀرئين سرحد سان گڏ وهي ٿو، ۽ ان جون شاخون لوھري، ڊنگري ۽ ساڪرو شامل هيون. اولھندي ناري جي اولهه طرف جابلو ٻوڏن جو هڪ وڏو قدرتي وهڪرو پڻ موجود هو، جنهن سبب پوک کي جبلن ڏانهن وڌيڪ وڌائڻ ممڪن نه رهندو هو[2]..
خاتمو
[سنواريو]1932ع کان پوءِ سکر بئراج مان نوان وڏا واهه نڪرڻ سبب الهندي ناري جو وجود آهستي آهستي ختم ٿي ويو. ان جي جاءِ تي دادو ڪئنال ۽ رائيس ڪئنال وجود ۾ آيا. اڄ به الهندي ناري جي ڪن حصن مان دادو ڪئنال گذري ٿو، جڏهن ته اصل واهه جو وهڪرو ختم ٿي چڪو آهي. تنهن هوندي به، هن قديم واهه جا ڪجهه نشان اڃا تائين مختلف هنڌن تي موجود آهن[1].