نئين سال جي شام

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
نئين سال جي شام

نئين سال 2012-13 جي شام جي موقع تي سڊني، آسٽريليا ۾ ماڻهن جو هجوم، آتش بازي جو هي مظاهرو انهن ماڻهن کان علاوه لکين ماڻهن پنهنجي ٽيلي ويزن تي پڻ ڏٺو
قسم بين الاقوامي
اهميت عيسوي سال جو آخري ڏينهن
تقريبون رات دير تائين دعوتون؛ خاندان جا اجتماع؛ تواضع؛ تحفن جيڏي وٺ؛ آتش بازي؛ سماجي اجتماع (گڏجاڻيون)، جن ۾ شرڪت ڪندڙ رقص ڪندا آهن، کائيندا پيئندا آهن ، الڪوحل نوش ڪندا آهن، ۽ آتش بازيءَ جي مظاهري سان لطف اندوز ٿيندا آهن
تاريخ 31 ڊسمبر
دورانيو 1 ڏينهن
تقرر سالياڻو
لاڳاپيل نئين سال جو ڏينهن
Rio New Year Fireworks

نئين سال جي شام (جنهنکي ڪئي ملڪن ۾ گزيل سال جو ڏينهن يا سينٽ سليويسٽر جو ڏينهن پڻ چيو ويندو آهي) منجهان مُراد عيسوي ڪئلينڊر ۾ سال جو آخري ڏينهن، يعني 31 ڊسمبر هوندو آهي۔ ڪيترن ئي ملڪن ۾، نئين سال جي شام ملهائڻ جي لاءِ شام جي وقت سماجي اجتماع (گڏجاڻيون) ٿينديون آهن، جِتي ماڻهون رقص ڪندا آهن، کائيندا پيئندا آهن ۽ نئين سال جي آغاز تي آتش بازي ءَ جو مُظاهرو ڪند آهن يا ڏِسندا آهن ۔ عموماً هي تقريبون آڌيءَ رات يعني پهرئين جنوري (نئين سال جو ڏينهن) شروع ٿيڻ تائين جاري رهنديون آهن۔ نئين سال کي خوش آمديد چوڻ وارن ۾ سڀ کان پهرئين سامووا ۽ ڪيريباتي جي بعض علائقا ايندا آهن، جڏنهن ته سڀ کان آخر ۾ گڏيل آمريڪي رياستون جي جزيرو بيڪر جي واري ايندي آهي۔