مواد ڏانھن هلو

آتشبازي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

Fireworks
سڊني هاربر تي نئون سال جي شام 2006–07 تي آتش بازي جو ڏيکُ.
نيويارڪ، 2003 ۾ قمري نئون سال جي جشن واري موقعي تي آتشبازي جو ويجهو ڏيکُ
تائيوان ۾ تائپي 101 تي آتش بازي جي نمائش، جيڪو هڪ سپرٽال اسڪائيسڪريپر تي 2005 ۾ دنيا جي پهرئين آتشبازي جو مُظاهرو هُيو.
2013 ۾ باسٽل ڊي پيرس، فرانس تي آتش بازي.

ڦٽاڪي راند يا بارود مان ٺهيل سامان سان رنگبرنگي روشني پيدا ڪرڻ واري راند، جيڪا دنيا جي سڀني ملڪن ۾ قديم زماني کان رائج آهي. آتش بازيءَ جو فن ڪيئن شروع ٿيو ۽ آتش بازيءَ جي شروعات ڪهڙي قوم يا ملڪ کان ٿي، ان بابت پڪ سان ڪجهه به چئي نٿو سگهجي، ليڪن ڪتابن جي مطالعي مان خبر پوي ٿي، ته قديم چيني هن فن کان واقف هوندا هئا. هن فن کي باقاعدي ترقيءَ تي پڻ انهن چينين پهچايو. هنن آتشبازيءَ واري فن تي نوان نوان تجربا ڪيا. ان ڪري اهڙو سامان تيار ڪيائون، جنهن سان آتش بازي هڪ مستقل وندر يا راند جي صورت اختيار ڪري ورتي، چين ۾ وڏن وڏن ميلن ۽ ڏينهن تي آتشبازيءَ جا مظاهرا ڪيا ويندا هئا. ڦٽاڪن جي انهيءَ راند اڳتي هلي ايتري ته مقبوليت حاصل ڪري ورتي، جو وڏن تهوارن تي عام ماڻهن سان گڏ امير ۽ وقت جا بادشاهه به آتشبازيءَ جي مظاهري مان لطف اندوز ٿيندا هئا. آتشبازيءَ ۾ استعمال ٿيندڙ بارود واريون سڀئي شيون ڪاغذ يا جهليءَ مان ٺهيل کوپي ۾ بند ڪيون وينديون آهن، جن کي تيلي ڏئي ٻاريو ويندو آهي.

شروع شروع ۾ ڦٽاڪن ۾ پوٽاشيم نائٽريٽ استعمال ڪئي ويندي هئي. ان کان پوءِ پوٽاشيم ڪلورائيڊ استعمال ٿيڻ لڳي. 14 صدي عيسويءَ ۾ جڏهن بارود دريافت ٿيو ته ان سان گڏ آتش بازيءَ واري سامان جي تياريءَ ۾ نواڻ اچي وئي. ان سلسلي ۾ اٽلي اهو ملڪ آهي، جنهن آتش بازيءَ جي سامان کي تجارتي بنيادن تي ٻين ملڪن ڏانهن وڪرو ڪرڻ شروع ڪيو. برطانيا ۾ راڻي ايلزبيٿ اول جي دور ۾ آتش بازيءَ جو فن عروج تي پهچي چڪو هو. هيءُ خود به آتش بازيءَ مان مزو وٺندي هئي. آتش بازيءَ جو سڀ کان وڏو مظاهرو لنڊن ۾ سن 1919ع ۾ پهرين عالمي جنگ جي خاتمي جي خوشيءَ سبب ڪيو ويو هو، جنهن کي سڄي دنيا ۾ آتش بازيءَ جي يادگار مظاهري طور اڃا تائين ياد رکيو وڃي ٿو. جڏهن ٻي عالمي جنگ جو خاتمو ٿيو، ته به 1946ع ۾ لنڊن ۾ ئي آتش بازيءَ جو وڏو مظاهرو ٿيو هو. اهڙا ته رنگ برنگي ڦٽاڪا ۽ ٽونٽا ڇوڙيا ويا، جو ڏسندڙ حيران رهجي ٿي ويا. اهو ڄڻ ته هڪ عجيب خواب هو. 1953ع ۾ جڏهن موجوده ملڪ ايليزبيٿ ٻي تخت نشين ٿي، تڏهن به لنڊن ۾ آتش بازيءَ جو هڪ يادگار مظاهرو ٿيو هو. اهو مظاهرو پڻ دنيا جي لکين ماڻهن ڏٺو هو. ان مظاهري کي فلم ذريعي رڪارڊ ڪري هميشه جي لاءِ محفوظ ڪيو ويو.

اسلامي ملڪن ۾ پڻ آتش بازيءَ جا ڪيترائي يادگار مظاهرا ٿي چڪا آهن. عباسي خليفن جي دور ۾ بغداد ۾ ٿيل آتش بازيءَ جا مظاهرا ڪتابن ۾ محفوظ آهن. ننڍي کنڊ ۾ وري آتش بازيءَ جو فن ايران کان آيو. مغلن جي حڪومت جي دور ۾ عيدن براتن، ڏياريءَ ۽ هوليءَ جي موقعي تي آتش بازيءَ جا وڏا وڏا مظاهرا ٿيندا هئا. هينئر به شب برات جي موقعي تي پاڪستان جي ننڍن وڏن شهرن ۾ آتش بازي ڪئي ويندي آهي. ڦٽاڪن تي سندن خاصيتن مطابق نالا پڻ رکيا ويا آهن. جهڙوڪ ”ڏاڙهون“، ”سورج مکي“، ”وڇون“ ڦلجهڙيون ۽ ”چڻنگائي تيليون“ وغيره. سال 1984ع ۾ لاس اينجلز ۾ ٿيل اولمپڪ راندين جي موقعي تي آمريڪي ماهرن ليزر شعاعن جي مدد سان آتش بازيءَ جو جيڪو حيران ڪندڙ مظاهرو ڪيو هو، تنهن سڄي دنيا جي ماڻهن کي سحر انگيز ڪري ڇڏيو هو. اڄ آتش بازي جديد سائنسي دور ۾ داخل ٿي چڪي آهي. ان هوندي به ڪڏهن ڪڏهن آتش بازيءَ مان وڏا حادثا به ٿي پوندا آهن. اهڙن ئي حادثن مان هڪڙو حادثو سن 1777 ۾ پيرس ۾ پيش آيو هو. ان وقت پيرس ۾ عالمي سطح تي آتش بازيءَ جو مظاهرو ٿي رهيو هو، ته اوچتو باهه لڳي وئي، جنهنڪري 8 هزار کان به مٿي ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا هئا. ان کان سواءِ ننڍا وڏا حادثا ٻين جاين تي به ٿيا آهن. هندستان ۽ پاڪستان ۾ آتشبازي عام آهي.[1]

حوالا

[سنواريو]