مواد ڏانھن ٽپ ڏيو

مڪروه

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مڪروه: شريعت ۾ اھو فعل جنھن کان بچڻ ۾ اجر ۽ ثواب تہ آھي پر جيڪو ماڻھو نہ بچي اھو گنھگار بہ ڪونہ ٿو ٿئي ان کي مڪروه تنزيھي چوندا آهن[1]. ھر اھو فعل جنھن کان بچڻ ھر مسلمان لاءِ واجب آهي ان کي مڪروه تحريمي سڏيندا آهن[1]. جيڪو ماڻھو ڪنھن واقعي عذر کانسواءِ مڪروه تحريمي وارو فعل اختيار ڪري تہ اھو سخت گنھگار سمجھيو ويندو آھي[1]. پر ان جي انڪار ڪندڙ کي ڪافر نہ ٿو چئي سگهجي[1].

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 - ڪتاب: آسان فقه، از: مولانا محمد يوسف اصلاحي، مترجم: محمد عاشق ڌامراھا، مھراڻ اڪيڊمي شڪارپور، جنوري 2002 - صہ 306