مٺڙا شال ملن

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مٺڙا شال ملن (انگريزي: Mithra Shaal Milan) مشهور سنڌي فلم هئي جيڪا ڪراچيءَ مان 8 نومبر 1972ع تي جاري ٿي. عشرت چوڌري، چڪوري، مشتاق چنگيزي، ۽ ملڪ انوکو هن فلم جا مکيه اداڪار هئا. هن فلم جو هدايتڪار اي ايڇ صديقي ۽ پروڊيوسر زاهد حسين هو. هن فلم جي موسيقي غلام عليءَ ترتيب ڏني[1][2]. هن فلم جا مڪالما نالي واري ليکڪ امر جليل لکيا هئا. هيءَ پهرين سنڌي فلم هئي جنهن کي پاڪستان جو مشهور فلمي نگار ايوارڊ مليو[3].

هن فلم جا سمورا گانا عوام ۾ ڪافي مقبول ٿيا. خاص طور تي شيخ اياز جي وائي ”سنڌڙيءَ تي سر ڪير نه ڏيندو، سهندو ڪير ميار او يار“ اڄ ڏينهن تائين مشهور آهي. اها وائي مرحوم فقير عبدالغفور جي آواز ۾ رڪارڊ ڪئي وئي هئي.

هن فلم جا ڪجهه ٻيا گيت:

  • مونکي قسمت مار کارائي الاڙي، گهوڙا ڙي، باباڙي (آواز: محمد يوسف)
  • سڄڻ آيا، ڀلي آيا، سهڻن جو سلامي ٿيان (آواز: محمد يوسف)
  • هو ڳايو جمالو، منهنجو سڄڻ آيو خير سان، هو جمالو (آواز: رونا ليليٰ)

حوالا[سنواريو]

  1. "Pakistan Film Database - پاکستان فلم ڈیٹابیس - Lollywood Movies". pakmag.net. حاصل ڪيل 2020-03-01. 
  2. "Mithra Shal Milan – Entertainment Pakistan". حاصل ڪيل 2020-03-01. 
  3. Sindhipeoples. "سنڌي شخصيتون: ماڻهو مڻيادار، مير مراد علي خان ٽالپر - مير اعظم علي ٽالپر". سنڌي شخصيتون. حاصل ڪيل 2020-03-02.