ميوسيڪانس

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

راجاميوسيڪانس. 325 قبل مسيح ۾ سنڌ جو ھڪ حڪمران جو نالو آهي. ان جون راجا سامبس سان لڙايون ٿيون ھيون جيڪو ھڪ مقامي سردار ۽ اولھ سنڌ جي سنڌوندي جي ڀرسان يا ڏکڻ سنڌ جي ڪنھن علائقي جو حاڪم پڻ ھيو ھيو جنھن سان ھن جي لڙائي ھلندڙ ھئي.[1]. ميوسيڪانس سنڌو نديءَ جي هيٺانهين علائقي جي حڪمرانن ۾، سڀني کان وڌيڪ اهميت رکندڙ حاڪم هو، ۽ هن جا اتر سنڌ وارا علائقا سڄيءَ سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ ساوا ۽ آسودا هئا. پاتل، جيڪا ميوسيڪانس جي علائقن جي پاسي ۾ ڏکڻ طرف سندس پاڙيسري سرزمين هئي، سا بظاهر خودمختيار هئي. ڊيئوڊورس سائڪيولس جي قول تي اعتبار ڪندي، مصنف جو چوڻ آهي، ۽ اها ڳالهه ڊيوڊورس سائيڪيولس به قبول ڪئي آهي، ته انهيءَ رياست جي سياسي جوڙجڪ اسپارٽا جهڙي هئي، ”ڇاڪاڻ ته انهن وٽ جنگ جي حالت ۾ قيادت ٻن جدا جدا گهراڻن جي موروثي بادشاهن وٽ هوندي هئي، البت سردارن جي هڪ جماعت سڄيءَ رياست تي اعليٰ ترين اختياريءَ سان حڪومت هلائيندي هئي.“[1] ميوسيڪانس جي دور ۾ سنڌ جي انتهائي ڏکڻ مغربي ڇيڙي واري علائقي تي هڪ بلڪل آزاد قبيلي، آربيتيءَ جو قبضو هو.[1]. سڪندراعظم جڏهن سنڌ ۾ داخل ٿيو تہ ميوسيڪانس فاتح جي حملي کي روڪڻ ۾ عين موقعي تي پهچي ويو. هو پاڻ سان اهڙيون سوکڙيون پاکڙيون کڻائي آيو، جيڪي هندستانين وٽ وڏي ۾ وڏي قدر ۽ قيمت واريون سمجهيون وينديون هيون، ۽ هن جا سڀ ساٿي ساڻس گڏ سندس ڇانوڻيءَ ۾ موجود هئا. هو بادشاهه وٽ قوم سميت پيش پيو. نئين شهنشاهت ۾ ميوسيڪانس کي جو ائين هڪدم ماتحت حڪمران جي حيثيت ۾ پڪو ڪيو ويو، تنهن جو سبب حقيقت پسنديءَ تي ٻڌل پاليسيءَ جي ضرورتن جي تقاضا به هئي. سنڌو ماٿريءَ جي انهيءَ سڀ کان زياده آسودي صوبي جي خوشحالي ۽ ان جو امن ان جي انتظام ۾ گهٽ ۾ گهٽ ڦيرگهير آڻڻ سان ئي برقرار رهي ٿي سگهيو. اها به هڪ ضروري ڳالهه هئي ته هڪ يوناني فوج جو دستو فوراً گاديءَ واري شهر جي ڪوٽ ۾ مورچو سنڀالي، محڪم ٿي ويهي، ۽ ان ڪم جي سربراهي ڪريٽيرس جي سپرد ڪئي ويئي. اهو ملڪ ۽ ان جو شاهه شهر بادشاهه کي ڏاڍا پسند پيا، ڇو ته هن کي انهن جي اهميت جو پورو احساس هو. هن جو خيال هو ته اتي سندس نصب ڪيل فوج آسپاس جي قبيلن کي پوريءَ طرح پنهنجي قبضي ۾ رکي سگهندي. يونان کان هتي آيل هي ٻاهريان ماڻهو ان ملڪ جي سماجي صورتحال ۽ تنظيمن کي ڏسي، ڏاڍا متاثر ٿيا. هتان جا ماڻهو پنهنجين عادتن ۾ وچٿرا ۽ سڀاءَ جا حليم، صحتمند ۽ وڏيون ڄمارون ماڻيندڙ هئا. انهن وٽ ڪي مخصوص رسمون ۽ رواج هئا، جن يونانين کي اسپارٽا جي ياد تازي ڪرائي- هو ”لئسيڊيمونين وانگر ڪن موقعن تي عام دعوت ۾ گڏجي کاڌو کائين ٿا.“ اهڙن موقعن تي سندن کاڌو اهو هوندو هو، جيڪو هو گڏ جي شڪار ڪندي هٿ ڪندا هئا. هيءُ ملڪ قدامت پسند ۽ متعصب هندو مذهب کان پري هو. وري هن ملڪ ۾ جيتوڻيڪ ٻانهپ جو رواج ڪونه هو، ان جي باوجود هو ڇا ڪندا هئا جو پنهنجن نوجوانن کي سندن ڦوهه جوڀن ۾ جهلي، سڄي راڄ جي جبري ملازمت ۾ رکي ڇڏيندا هئا- تقربياً اهڙيءَ طرح جيئن اسپارٽا وارا ڪمين کي نوڪريءَ ۾ رکندا هئا. هتان جي رياست فقط ڪن گنڀير قسم جي ڏوهن جي حالت ۾ قدم کڻندي هئي، باقي عام طرح سان امن امان رکڻ ۽ هڪٻئي سان ڏي-وٺ جي معاملن جو نبيرو اتان جي عوام جي هٿن ۾ هوندو هو. انهن ڳالهين مان هيءُ معقول اندازو ڪري سگهجي ٿو ته اتي مقامي حڪومت جو پئنچايتي طريقو رائج هو، جنهن جو انتظام نهايت سٺو هلندڙ هو، ۽ هرڪوئي ان جو احترام ڪندو هو. هيءَ اتان جي هڪ حيرت انگيز ڳالهه پڻ اسان جي ڌيان تي آندي ويئي آهي ته اتان جا ماڻهو فقط طبي علم کي سنجيده مطالعي جي لائق سمجهندا هئا، ”ڇاڪاڻ ته هي ماڻهو جنگي هنرن ۽ ٻين اهڙين ڳالهين جي گهڻي مطالعي کي ائين سمجهن ٿا ڄڻ هو ڪو گناهه جو ڪم ڪري رهيا هجن“. ائين به ٻڌايو ويو آهي ته هو سون ۽ چانديءَ کان به نفرت ڪندا هئا[2] .[1]. سڪندراعظم جي سنديمن شھر تي راجا سامبس خلاف پيش قدميءَ ۽ برھمڻ جي بغاوت کي دٻائي برھمڻن جي قتل عام وقت راجا ميوسيڪانس ان جي خلاف بغاوت ڪري ڇڏي. ايڇ ٽي لئمبرڪ لکي ٿو تہ: سڪندر پنهنجي نئين مقرر ڪيل وائيسراءِ، پيٿان، کي ”ڪافي لشڪر ڏيئي“ ميوسيڪانَس جي مقابلي لاءِ روانو ڪيو، ۽ پاڻ پنهنجو باقي لشڪر سان وٺي، هن جي بادشاهيءَ جي پسگردائيءَ وارن ”شهرن“ تي تيز رفتاريءَ سان ڪاهي ويو. مؤرخ ايريئن انهن شهرن لاءِ چوي ٿو ته اهي ان راجا جي قبضي ۾ ڏنا ويا هئا، جنهن جو مطلب اهو ٿي سگهي ٿو ته بادشاهه اهي علائقا هن کي سندس پنهنجن علائقن کان علاوه ڏنا هئا، ۽ انهن تي اصل ۾ آڪيسڪانَس جو راڄ هو. انهن شهرن تي هڪ جي پٺيان ٻئي تي قبضو ڪيو ويو، ۽ جيڪي شهر ملڪ تي سڌي ضابطي هلائڻ جي مقصد لاءِ نون انتظامن ۾ ٺهڪي پئي سگهيا، تن جي قلعن کي ٻيهر مضبوط ڪري، انهن ۾ فوج رهائي ويئي، باقي ٻين کي ڊاهي پٽ ڪري، اتان جي رهاڪن کي غلام بنايو ويو. جيسين بادشاهه انهن سڀني علائقن ۾ بغاوتن کي دٻائي، درياهه جي ڪناري تي قائم ڪيل پنهنجي مکيه ڇانوڻيءَ ۾ واپس پهتو، تيسين خود ميوسيڪانَس کي پيٿان قيد ڪري ورتو هو. ايريئن چوي ٿو ته ”بادشاهه حڪم ڏنو ته هن کي وٺي نيئي سندس ملڪ ۾ ڦاهيءَ تي چاڙهيو وڃي، ۽ ساڻس گڏ جن به برهمڻن کيس بغاوت تي اڀاريو هو، تن سڀني کي پڻ لٽڪايو وڃي. ڪرٽيئس چوي ٿو ته ميوسيڪانس کي، جنهن کي هو ميوسيڪاني قبيلي جو سردار سڏي ٿو، صليب تي چاڙهيو ويو هو.[3] .“ پلو ٽارچ ٻڌائي ٿو ته برهمڻن هٿان ”مقدونين [4] کي بيشمار ٻيون تڪليفون به سهڻيون پيون،“ بادشاھ جي طرفان هن اوچيءَ ذات جي خلاف ايتري سختي ٿيندڙ ڏسي ھيٺين ذات جي ماڻھن ۾ ڊپ پيدا ٿي ويو جنھن ڪري مزاحمت ختم ٿي وئي.[1].

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ مسلمانن جي فتح کان اڳ (جلد ٻيو) ليکڪ؛ ايڇ. ٽي. لئمبرڪ :ايڊيشن؛ پهريون 1984ع، ٻيو 1990ع :ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
  2. اسٽرابو XV، (i)، 34.
  3. ڪرٽيئس IX، 8
  4. پلو ٽارچ، بلمقابل حوالو ڏنل ص 751.