ميوسيڪانس
راءِ ڏني وئي آهي ته هن مضمون يا قطعي کي موسيڪانوس سان سمائي ڇڏجي يا گَڏائڻ کپي. |
راجا ميوسيڪانس (يوناني ماخذن ۾ Musicanus يا Mousikanos) چوٿين صدي قبل مسيح ۾ سنڌونديءَ جي هيٺانهين علائقي جو هڪ اهم مقامي حڪمران هو. جديد تحقيق، خاص طور ايڇ. ٽي. لئمبرڪ، ميوسيڪانس کي هيٺين سنڌ جي سڀ کان وڌيڪ آسودن ۽ زرعي لحاظ کان زرخيز علائقن جو حڪمران قرار ڏئي ٿي. سندس اقتدار هيٺ ايندڙ اتر سنڌ جا علائقا ان دور ۾ خوشحال، ساوا ۽ انتظامي طور منظم سمجهيا ويندا هئا[1].
سياسي حيثيت ۽ پاڙيسري رياستون
[سنواريو]لئمبرڪ مطابق، ميوسيڪانس جي ڏکڻ ۾ پاتل جو علائقو واقع هو، جيڪو بظاهر هڪ خودمختيار سياسي وحدت هو. قديم يوناني مؤرخ ڊيئوڊورس سائڪيولس هن رياست جي سياسي جوڙجڪ کي اسپارٽا سان تشبيهه ڏني آهي، ڇاڪاڻته جنگي حالتن ۾ قيادت موروثي بادشاهن وٽ هوندي هئي، جڏهن ته عام حالتن ۾ سردارن جي هڪ جماعت رياست جا اهم فيصلا ڪندي هئي[1] [2]
سامبس سان لاڳاپا
[سنواريو]ميوسيڪانس جا لاڳاپا هڪ ٻئي مقامي حڪمران راجا سامبس سان تڪراري رهيا. سامبس، لئمبرڪ جي تحقيق موجب، اولھ سنڌ يا ڏکڻ سنڌ جي ڪن علائقن ۾ اثر رکندڙ هڪ مقامي سردار يا حڪمران هو. ٻنهي جي وچ ۾ سياسي ۽ فوجي ڇڪتاڻ هلندڙ هئي، جيڪا بعد ۾ سڪندر مقدونيءَ جي مداخلت سان وڌيڪ شدت اختيار ڪري ويئي[1].
سڪندر مقدونيءَ سان ملاقات
[سنواريو]325 ق.م ۾، جڏهن سڪندر مقدوني سنڌ ۾ داخل ٿيو، تڏهن ميوسيڪانس وقت سر فاتح جي آڏو پيش ٿيو. يوناني ماخذن موجب، هو قيمتي سوکڙيون ۽ تحفا کڻي آيو ۽ پنهنجي قوم سميت سڪندر جي ڇانوڻيءَ ۾ حاضر ٿيو. سڪندر، عملي حڪمت عملي تحت، ميوسيڪانس کي ماتحت حڪمران طور برقرار رکيو، ڇاڪاڻ ته سنڌو ماٿريءَ جي هن خوشحال صوبي ۾ انتظامي استحڪام برقرار رکڻ ضروري هو[1] [3].
يوناني فوجي انتظام ۽ انتظامي پاليسي
[سنواريو]سڪندر، ميوسيڪانس جي گاديءَ واري شهر ۾ يوناني فوج جو دستو مقرر ڪيو، جنهن جي قيادت ڪريٽيرس (Craterus) حوالي ڪئي ويئي. يوناني مؤرخن موجب، سڪندر هن علائقي ۽ ان جي شهرن کي اهميت ڏيندو هو، ڇاڪاڻ ته اهي آسپاس جي قبيلن تي ڪنٽرول رکڻ لاءِ اهم هئا[4].
سماجي ۽ مذهبي صورتحال
[سنواريو]يوناني ذريعن، خاص طور اسٽرابو، ميوسيڪانس جي علائقي جي سماجي بناوٽ بابت تفصيلي مشاهدا ڏنا آهن. انهن موجب، هتان جا ماڻهو وچٿرا، صحتمند ۽ ڊگهي عمر ماڻيندڙ هئا. ڪجهه رسمون ۽ اجتماعي کاڌ خوراڪ جا طريقا يونانين کي اسپارٽا جي ياد ڏياريندا هئا. هي علائقو سخت قدامت پسند هندو روايتن کان پري هو، ۽ رياستي معاملن ۾ پئنچايتي نظام نمايان نظر اچي ٿو[5] .[1].
بغاوت جو انجام
[سنواريو]جڏهن سڪندر سامبس خلاف ڪارروائيون ڪري رهيو هو ۽ سِنديمَن شهر جي ڀرسان برهمڻن جي بغاوت کي دٻايو ويو، تڏهن ميوسيڪانس به يوناني اقتدار خلاف بغاوت ڪري ويٺو. ايڇ. ٽي. لئمبرڪ لکي ٿو ته سڪندر پنهنجي مقرر ڪيل وائيسراءِ پيٿان (Peithon) کي ڪافي لشڪر سان ميوسيڪانس جي مقابلي لاءِ موڪليو. نتيجي ۾، ميوسيڪانس گرفتار ٿيو[1].
سزا بابت مختلف روايتون
[سنواريو]يوناني مؤرخن ۾ ميوسيڪانس جي انجام بابت ڪجهه اختلاف ملن ٿا. ايرين (Arrian) موجب، سڪندر حڪم ڏنو ته ميوسيڪانس کي سندس ئي ملڪ ۾ ڦاهي ڏني وڃي، جڏهنته ڪرٽيئس روفس (Curtius Rufus) لکي ٿو ته کيس صليب تي چاڙهيو ويو. پلوٽارچ (Plutarch) برهمڻن خلاف سخت ڪاررواين جو ذڪر ڪري ٿو، جنهن سبب هيٺين ذاتن ۾ خوف پيدا ٿيو ۽ وڌيڪ مزاحمت ختم ٿي ويئي[6].
تاريخي اهميت
[سنواريو]تحقيقي تاريخنويسيءَ ۾ ميوسيڪانس کي سنڌ جي هيٺانهين علائقي جو هڪ مضبوط، منظم ۽ خوشحال حڪمران سمجهيو وڃي ٿو، جنهن سڪندر جي سياسي حڪمت عمليءَ هيٺ عارضي طور اقتدار برقرار رکيو، پر آخرڪار بغاوت سبب سخت انجام کي پهتو. سندس ڪردار سنڌ ۾ يوناني دور جي انتظامي، سماجي ۽ فوجي حالتن کي سمجهڻ لاءِ بنيادي اهميت رکي ٿو[1].
حوالا
[سنواريو]- 1 2 3 4 5 6 7 ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ مسلمانن جي فتح کان اڳ (جلد ٻيو) ليکڪ؛ ايڇ. ٽي. لئمبرڪ :ايڊيشن؛ پهريون 1984ع، ٻيو 1990ع :ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
- ↑ Diodorus Siculus
- ↑ Arrian، Anabasis of Alexander؛
- ↑ Arrian Curtius Rufus (لئمبرڪ جي حوالي سان)
- ↑ اسٽرابو XV، (i)، 34.
- ↑ Arrian ؛ Curtius Rufus IX، 8؛ Plutarch (لئمبرڪ جي حوالي سان)