مواد ڏانھن هلو

مير نظام الدين خان کوسہ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

نظام الدين خان کوسہ قبيلي مان جاماڻي پاڙي جو فرد ھو. ھن جو جنم حاجي عبدالعزيز خان جي گھر ۾ 8 آڪٽوبر 1931ع تي پنھنجي ڳوٺ، عزيزآباد ۾ ٿيو. ھي گڏيل ھندستان جي انگريزي راڄ ۽ پاڪستان جي نالي واري شخصيت مرحوم محمد امين خان کوسہ جن جو ننڍو ڀاءُ ھو. ھن شروعاتي تعليم پنھنجي ڳوٺ ۾ ورتي پر سندن علم ۽ ڄاڻ غير روايتي ۽ پنھنجي شوق و محنت جو ثمر ھو. ھن کي سنڌي، فارسي ۽ اردو ٻولين تي وڏي ڄاڻ حاصل ھئي. سنڌ جي اخبار عبرت حيدرآباد ۽ مقامي اخبارن ۾ سندن لکيل مضمون شايع ٿيندا ھيا. سنڌ جي قومي رسالي ٽماھي مھراڻ حيدرآباد ۾ نئين ٺل جا پراڻا گل جي عنوان سان پڻ سندن مضمون شايع ٿيل آ ھن. علم ۽ عالم دوست شخصيت ھو. سياسي ، سماجي ۽ علائقائي صورتحال ۾ خاندان جي اثر و اسوخ ڪري متحرڪ رھيو. يونين ڪائونسل جو ميمبر ۽ چيئرمين رھيو ۽ ڊويزنل ڪائونسل خيرپور جو ميمبر پڻ رھيو. انھيءَ ميدان ذريعي پنھنجي علائقي جي ماڻھن جي سھولت ۽ بھتري لاءِ ڪوششون ورتائين.ھن 9 سيپٽمبر 1998ع تي جيڪب آباد ۾ وفات ڪئي. پاڻ ڳوٺ چوڪ لاشاري جي جامع مسجد واري قبرستان ۾ پنھنجي والد ، ڀاءُ ، فرزند ، چاچن ، سوٽن ۽ عزيز مائٽن ۽ ٻي الله پاڪ جي مخلوق سان گڏ ابدي آرامي آهي. الله تبارڪ و تعالي مٿن پنھنجون بي حد و حساب رحمتون فرمائي ۽ جنت الفردوس ۾ مقام اعلي عطا ڪري. آ مين.