مير نصير خان ٽالپور جعفري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مير محمد نصير خان ٽالپر: بن مير مراد علي خان ٽالپر محرم سن1219هه ۾ حيدرآباد واري پڪي قلعي ۾ تولد ٿيو. مير مراد علي خان ٽالپر شهزادي جي تعليم لاءِ ايران جي هڪ جيد عالم ۽ سنڌ جي وڏي عالم آخوند محمد بچل ”انور“ کي مقرر ڪيو، ٻنهي اتاليقن شب وروز محنت ڪري، هن ذهين شهزادي جي تعليم تربيت ڪئي. مير محمد نصير خان ٽالپر سن. 1840ع بمطابق سن1255هه تي مسند اقتدار تي جلوه افروز ٿيو، سندس لقب سرڪار فيض آثار ۽ سجع هن ريت هو: علي حسن حسين دستگير خدايارباوز محمد نصير سزد گرنهد برثر يا سرير کسه راکه باشد محمد نصير علم وادب جي ناتي سان مير محمد نصير خان ٽالپر جو دور نهايت درخشان ۽ روشن شمار ٿئي ٿو. مير محمد نصير خان ٽالپر پاڻ به هڪ وڏو ۽ اعليٰ پايي جو شاعر هو. سندس تخلص ”جعفري“ هو. کيس فارسي، اڙدو، ۽ سنڌي زبانن تي ڪمال عبور حاصل هوندو هو. ۽ انهي ڪري پاڻ ٽنهين زبانن ۾ شعرو شاعريءَ تي طبع آزمائي ڪئي هيائون. سندن مشهور تصنيفات مان چند ڪتابن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا: ديوانِ فارسي سن 1233ھ، مثنوي مرزا صاحبان منظوم منقش، نقاش مير حسن شيرازي سن1260هه، ديوانِ جعفري اڙدو سن 1261ھ، خطوطه جعفري (فارسي) ازانسواءِ، سنڌي زبان ۾ هڪ مرثيو، ٻه غزل ۽ سرائڪي زبان ۾ به ڪجهه شعر شامل آهن مير نصير خان ٽالپر جي علم ۽ فن شاعري جي خوبين ۽ ڪمال متعلق هڪ انگريز مؤرخ هيٺيئن ريت رقم طراز آهي: مير محمد نصير خان ٽالپر مير علي خان ٽالپر جو ننڍو پٽ آهي. . مياڻيءَ جي جنگ کان پوءِ جلدي انگريزن ميرن کي گرفتار ڪيو، جن ۾ مير محمد نصير خان ٽالپر نه هو جنهن کي تاريخ 17 فيبروري سنه 1843ع ڌاري تخت تان لاهي انگريزن پهريائين ڪئمپ ۾ نظر بند ڪيو پوءِ ستت ي ٻين ميرن سان گڏ جلا وطن ڪري، بمبئي، پوني، ساسور ۽ پوءِ ڪلڪتي ۾ نظر بند ڪيو. مير محمد نصير خان ٽالپر دوران قيد بند انگريزن کي اُهي واعدا ۽ عهد ناما ياد ڏياريا جن ۾ هنن باربار اهو اقرار پي ڪيو تَه هو ڪنهن صورت ۾ سنڌ تي قبضو نه ڪندا ۽ نه ئي هو ڪو اَهڙو ارادو رکن ٿا؛ ڇاڪاڻ ته سنڌ جي اميرن ۽ برطانيه سرڪار جا دوستيءَ وارا تعلقات سد سڪندريءَ کان به وڌيڪ پڪا ۽ پُختا آهن. مير نصير خان ٽالپر پنهنجي هڪ مراسلي ۾ جيڪو هن بورڊ آف ڊائريڪٽر جي ڪورٽ ۾ تاريخ 22 سيپٽمبر سنه 1743ع موڪليو هو، تنهن ۾ هن انگريزن کي ياد ڏياريو هو ته: منهنجي والد جي وفات تي جيڪو خط گورنر جنرل هندستان طرفان موصول ٿيو هو، ان ۾ صاف ۽ واشگاف لفظن ۾ اقرار ڪيو ويو هو ته برطانيه سرڪار اسان جي ملڪ تي تسلط قائم ڪرڻ جو ڪربه ارادو نه ٿي رکي‌‌…… ۽ انجيل مقدس جي مطالعي دوران مون پڙهيو هو ته عيسائي مذهب پنهنجي پيروڪارن کي دوستن سان دوستي پڪي ڪرڻ جي تلقين ڪري ٿو .... ڇاڪاڻ ته دوستي ئي اَهڙو درخت آهي، جنهن جو ڦل مٺو ۽ دائمي ٿئي ٿو. مگر انگريزن مذڪوره وعدن ۽ عهد نامن کي نظر انداز ڪري سنڌ تي قبضو ڪيو ۽ اُن وقت جي گورنر جنرل لارڊ ايلنبرو جي احڪامن تحت تاريخ 13 مارچ سن 1843ع تي مير محمد نصير خان ٽالپر، مير محمد خان ٽالپر، مير صوبدار خان ۽ مير شهداد خان ٽالپر کي گرفتار ڪري، سنڌ مان جلا وطن ڪري؛ هڪ آگبوٽ ۾ سوار ڪري ساموندي رستي بمبيءَ روانو ڪيو. ان کان پوءِ جلدي ٻين ميرن کي سر چارلس نيپئر جي حڪمن تحت بمبيءَ روانو ڪيو، جن ۾ مير حسن علي ٽالپر، مير محمد خان ٽالپر ۽ مير مراد علي خان ٽالپر شامل هئا. اَهڙي ريت سنڌ جي حڪمرانن کي گرفتار ڪري پهرين بمبيءَ ۾ پُهچايو ويو، جتي هنن کي، هڪ مهيني لاءِ ترسايو ويو. ان کان پوءِ اُتان منزلون ڪندا اُهي اسير پوني پهتا، جتي ٻن ڏينهن جي قيام کان پوءِ ساسور روانا ٿي ويا. شهر ساسور پوني کان اٽڪل 24ميل پري واقع آهي. اُتي ميرن کي تقريباً هڪ سال تائين نظر بندي کان پوءِ ميرن کي ڪلڪتي مُنتقل ڪيو ويو، جتي هو آخر تائين نظر بندر رهيا. سنڌ جي شاعرن سنڌي زبان کان علاوه فارسي زبان ۾ طبعزاد مثنويون تصنيف ڪيون. انهي لاءِ خاص ڪري ٽالپر جو دور تمام مشهور آهي، جنهن ۾ خصوصاً مير محمد نصير خان ٽالپر قابلِ ذڪر آهي، جنهن فارسي زبان ۾، مثنوي مرزا صاحبان مُنقش، نقاش مير حسن شيرازي سنه 1235ھ ۾ لکي ۽ ٻي جيڪا مثنوي جعفري جي نالي سان مشهور آهي، اها به فارسي زبان ۾ مير صاحب سنه 1260ھ ۾ لکي تيار ڪئي. فارسي زبان ۽ اَدب ۾ فردوسي، مولانا جلال الدين رومي، شيخ سعدي مثنويءَ جا موجد ۽ ابا تسليم ڪيا وڃن ٿا_ ۽ حقيقت ۾ انهن جي ئي مثنوين ڪري فارسي اَدب ۾ شاعري جو ڳاٽ ٻين زبانن جي شاعريءَ کان اوچو نظر اچي ٿو. حالانڪ انگريزي شاعريءَ ۾ (Heroic couplet) يعني ته پُراڻي رزميه شاعريءَ جي قسم جا ڊگها نظم موجود آهن، پر اُنهن کي مثنوي سان ڪابه نسبت نه ٿي ڏئي سگهجي عربي اَدب ۾ شاعري جي صنف ۾ ”رجز“ جي هيئت عين مثنوي جهڙي آهي. پر عربي ”رجز“ فارسي مثنوي جو مٽ نه ٿو ٿي سگھي. مذڪوره مثنويءِ ۾ اهو پڻ ٻُڌائي ٿو ته ڪلڪتي جيل ۾ ڪيپٽن ايم_ ايف گارڊن جيڪو ان جيل جو نگران ۽ آفيسر اعليٰ هوندو هو، سوکين ڪنهن رعايت ۽ سهولت مهيا ڪري ڏيڻ جو مجاز نه هوندو هو. مثنوي جي هن حصي ۾ مير صاحب ڪجهه سهولتن جو پڻ ذڪر ڪيو آهي، جيڪي ان وقت جي گورنر جنرل جي حڪمن تحت کين مليون هيون. انهن سهولتن مان هڪ اِها به هُئي ته مير صاحب دوران قيد سير وتفريح ڪرڻ لاءِ آزاد هُئا ۽ برطانيه سرڪار طرفان کين گهوڙي گاڏيون به مهيا ڪيون ويون هيون، جيڪي سنڌ جي حا ڪمن جي شايانِ شان نَه هيون ۽ مير صاحب مثنويءَ ۾ طنزيه طور چوي ٿو. برائي من آن گاڙي واسپه ها به بي اطلاعي نموده رها ڪلڪتي ۾ دوران قيد مير صوبدار خان، مير محمد نصير خان ٽالپر پنهنجي مُهرن سان هڪ عرضداشت مٿن نگران ڪيپٽن ايم_ايف گارڊن جي معرفت اُن وقت جي نئين مقرر ٿي آيل گورنر جنرل هندستان لارڊ ها رڊنج ڏانهن رواني ڪئي هُئي، جنهن ۾ هنن پنهنجي بي جرم خطا، مسلسل نظر بندي ۽ قيد جي معاملن ۾ مُداخلت ڪرڻ لاءِ عرض ڪيو هُئائون _اُن عرضداشت جو متن هن ريت هو: ”اسان کي اَوهان جي تقرري بحيثيت گورنر جنرل هندستان ٿي اَچڻ تي دل خوشيءَ ۽ نهايت مسرت ۽ قلبي سڪون ميسر ٿيو آهي. اُن سان گڏ دِل ۾ هڪ موهوم اُميد پيدا ٿي آهي ته توهان اَسان کي پنهنجي حضور ۾ شرف باريابيِءَ جو موقعو ضرور فراهم ڪرڻ فرمائيندا ته جيئن اَسان خود پنهنجي زباني انهيءَ ظلم ستم ۽ زيادتين جو برملا اِظهار ڪري سگهون، جيڪي اَسان تي آڳوڻي گورنر جنرل لارڊ ايلنبرو ۽ سندس گماشتي چارلس نيپئر بي جرم خطا روا رکيون آهن. جنهن جي نتيجي ۾ تاحال اَسين سڀ هِتي نظر بند آهيون، پر ڪافي وقت گذرڻ کانپوءِ به اَوهان ياد ڪرڻ جي تڪليف گوارا نَه ڪئي، تنهنڪري اَسان جي گذارش آهي ته پنهنجي حضور ۾ شرف يابيءَ جو موقعو فراهم ڪرڻ جي عنايت فرمائيندا، جيڪا اَسان جي نهايت خوشيءَ ۽ مسرت جو باعث ٿيندي. جيتوڻيڪ اَسين برطانيه سرڪار جا حامي ۽ مددگار هُئاسين، مگر جيڪي ظلم ۽ ستم لارڊ ايلنبرو ۽ سندس گماشتي چارلس نيپئر ڪيا. اُهي اَوهان کان مخفي نه هوندا. مذڪوره ظلمن ۽ ذهني تڪليفن جي باوجود اَسان کي قوي اُميد آهي ته برطانيه سرڪار اَسان سان مهرباني ۽ انصاف جو سلوڪ ڪندي. مهر مهر مهر مير صوبدار ٽالپر مير محمد خان ٽالپر نصيرخان ٽالپر مگر مذ ڪوره عضداشت جو جواب ايف_ ڪيوري سيڪريٽري، گورنر جنرل هندستان، ڪيپٽن ايم_ ايف گورڊن وسيلي ميرن کي موڪليو هو. اُن جو متن هن ريت هو: ”تنهنجي خط جي جواب ۾ مون کي حڪم ٿيو آهي ته تو کي مطلع ڪريان ته گورنر جنرل صاحب اَسير ميرن سان بار ڪپور ۾ شرف باريابي بخشڻ کان پنهنجي معذوري ڏيکاري آهي؛ ڇاڪاڻ ته گورنر جنرل صاحب حڪم احڪام صادر نه ٿو ڪري سگهي. جنهن سان انهن اسيرن جي حالت ۾ ڪنهن قسم جي تبديلي جي توقع هجي، بهري حال جيڪڏهن هو ملاقات لاءِ بضد آهن ته پوءِ گورنر جنرل صاحب سهولت کي مدنظر رکي ڏينهن ۽ وقت مقرر ڪندو. مٿين جواب کان پوءِ وري جلد اسير ميرن هڪٻي عرضداشت بتاريخ 2 رمضان سن 1260ھ بمطابق 11 آڪٽوبر 1844ع ڌاري گورنر جنرل هندستان لارڊ هارڊنج ڏانهن ڪيپٽن ايم_ايف گورڊن جي معرفت موڪلي، جنهن جو متن هيٺين ريت هو: ”اسان جي پهرين خط جي حوالي مطابق جيڪو اسان حضور جن کي ڪيپٽن ايم_ايف گورڊن معرفت موڪليو هو، اُن جو جواب اسان کي مذڪوره آفيسر معرفت مليو. خط جي متن جو ترجمو ڪيپٽن جي منشيءَ اسان کي ٻڌايو. ان مان معلوم ٿئي ٿو ته حضور جن کي، اسان جي معاملن ۾ ڪو به حڪم احڪام صادر فرمائڻ جو ڪُلي اختيار نه آهي، جنهن سان اَسان کي ڪو فائدو پهچي ۽ موجوده صورتحال ۾ ڪا تبديل واقع ٿئي.اَسان جو اهو خيال هو ته حضور جن کي اَسان جي برطانيه سرڪار کي امداد ۽ دوستي جي بدلي ۾ جيڪو ظلم، ستم ۽ نا انصافي پلئه پئي اُن جي حضور کي ڀليءَ ڀت پروڙ هوندي، پر جيئن ته حضور جن کي اَسان جي معاملن ۾ ڪنهن به قسم جي حڪم احڪام جاري ڪرڻ جو ڪو به اختيار نه آهي. ته پوءِ اَسان به حضور جن کي اَهڙي قسم جي تڪليف نه ٿا ڏيڻ چاهيون. ان کان پوءِ اَسان لاءِ فقطه هڪ راه باقي کليل رهي ٿي يعنيٰ ته اسان مان ٻن يا ٽن فردن کي حضور جن فقطه ايتري اجازت مرحمت فرمائين ته اسان انصاف ۽ داد رسيءَ لاءِ لنڊن روانا ٿيون _ ۽ اُتي ملڪه معظمهٰ مهاراڻيءَ، وزيرن ۽ عوام جي نمائيندن اَڳيان پنهنجو ڪيس پيش ڪريون ته جيئن اسان کي جلد از جلد انصاف پلئه پئي،“ مهر مهر مهر

مير صوبدار ٽالپر   مير محمد خان ٽالپر        نصيرخان ٽالپر

مگر مذڪوره عرضداشت جو به ڪو خاطر خواه نتيجو نه نڪتو ۽ گورنر جنرل هندستان لارڊ هارڊنج جي سيڪريٽري طرفان ڪيپٽن ايم_ ايف گورڊن جي معرفت جيڪو جواب مليو، اُن جو متن هن ريت هو: ”اوهانجو خط مورخه 15 آڪٽوبر ٻين دستاويزن سميت اميرانِ سنڌ طرفان عرضداشت بنام گورنر جنرل هندستان موصول ٿيو. ان خط ۾ جيڪا استدعا ڪئي وئي آهي ته ٻن يا ٽن ميرن کي اجازت مرحمت فرمائي وڃي، ته هو پنهنجو سارو ڪيس وڃي ملڪه عاليه اڳيان پيش ڪن، پُهتو جواب ۾ توهان کي اطلاع ٿو ڏجي ته گورنر جنرل آن ڪائونسل اَهڙي درخواست جي منظوري ڏيڻ جو مجاز نه آهي.“ اُن جواب موصول ٿيڻ کان پوءِ معلوم ٿو ٿئي ته مير صاحب بلڪل مايوس ۽ نااُميد ٿي چڪو هو. ۽ پوءِ سارو معاملو هو خدا جي درگاه ۾ پيش ڪري ٿو ۽ مثنويءَ جو اختتام مندرج ذيل دعائيه الفاظن ۾ ڪري ٿو: نهاديم ماڪار خود برقضا چه سازس خدا ؤنبي خدا دهم شاه مشڪلڪشا مرتضا به اولد امجاد خيرالوريٰ به کن جعفري شڪر هردم مدام به آلِ محمد هزارن سلام مگر مير محمد نصير خان ٽالپر جي عمر وفا نه ڪئي ۽ مير صاحب ڪلڪتي جي دوران قيد وبند بتاريخ 7 ربيع الثاني اڱاري ڏينهن سنه 1261ھ وفات ڪئي. مير محمد نصير خان جي تاريخ وفات سندس بزم سخن جي هڪ شاعري ميرزا عباس هن ريت چئي: عدد هشت وچان رکن تو مزيد ”قصر جنت نصيب وي کرديد“ [1]

حوالا[سنواريو]

  1. سفر نامو/ مثنوي مير محمد نصير خان ٽالپر ’جعفري‘--ضمير حسن مرزا؛ رسالو:مهراڻ؛ 1991جلد 1 ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ