مير علي نواز خان ناز
مير علي نواز خان ٽالپر، مير امام بخش خان جي انتقال (8 - فيبروري 1921ع) بعد، سندس وڏو صاحبزادو مير علي نواز خان (13 - فيبروري 1921ع) تخت تي ويٺو. والد جي پوئين زماني ۾ رياست کان بدر ٿيل هو، ۽ دهليءَ طرف رهندو هو. ڏاڍا ڏک ڏٺا هئائين. وڏو خرچائو، سخي مرد، ۽ حضور شرم هو. ڏکن ڏاکڙن سندس دل کي بنھ نرم ڪري ڇڏيو هو.شاعر هو، ۽ تنھنڪري عاشق مزاج . سندس عشق لاهور جي هڪ مائيءَ سان لڳو، ۽ عشق بہ اهڙو، جنھن کي واقعي ”عشق“ چئجي.[1]قد ۾ ڊگهو، رنگ ڪڻڪ ونو، ڏاڙهي ڪوڙيل ۽ شھپر ڊگها - بنھ ڪُوپو مڙس هو.1923ع هو، يا 1924ع. باليءَ سان مير صاحب جي عشق جو ڪھڙو عالم هو، تنھن جو ذڪر اڳ ٿي چڪو آهي. وڏيءَ محنت ۽ مشقت بعد وڃي باليءَ ۽ سندس ڀائرن (بگو خان ۽ فيروز خان) شاديءَ جي ڳالھ قبول ڪئي - ڄڻ مئي مڙھ ۾ ساھ پئجي ويو. مير صاحب دل کولي خرچ ڪيو. مھمانن لاءِ ڪئمپون کلي ويون. گرميءَ جو زمانو هو، تنھنڪري ڪکايون لانڍيون ٺاهيون ويون، جن تي پاڻي اڇلايو ٿي ويو تہ جيئن ٿڌيون رهن. خيرپور ريلوي اسٽيشن واري ڦاٽڪ کان وٺي شھر تائين، ان زماني ۾ ميدان ئي ميدان هوندو هو: اهو سارو ميدان لانڍين ۽ ڪئمپن سان ڀريو ويو. مير صاحب جي پنھنجي رهائش ۽ شاديءَ جي مجلس لاءِ خاص لانڍيون پڻ انھيءَ ئي ميدان ۾ ٺاهيون ويون. طوائفن جي رهائش لاءِ هاءِ اسڪول ۽ بورڊنگ هائوس جون بلڊنگون خالي ڪرايل هيون. اٽڪل اسي کن طائفا لاهور، امرتسر، دهلي ۽ بمبئيءَ منجهان اچي ويا. هاءِ اسڪول ۽ بورڊنگ هائوس جي ڪنڊ ڪڙڇ مان طبلي جي ٿاڦ ۽ سارنگيءَ جي رون - رون ٻڌڻ ۾ ٿي آئي. ساري خيرپور ڄڻ لاهور جي هيرا منڊي بڻجي ويئي هئي. ماڻھن جا ڳاهٽ هئا. هر مھمان جي لانڍيءَ ڏانھن هڪ طائفو روانو ڪيو ٿي ويو. اها ورهاست شام ويلي پئي ٿي. تماشہ بين ساري هندستان مان ڇڪجي اچي خيرپور ۾ جمع ٿيا هئا. ناچ، گانا، کانا، آتشبازيون، جادوءَ جا کيل، مشاعرا، قصيده خوانيون - غرض تہ عيش ۽ تفريح لاءِ جا شي تصور ۾ اچي ٿي سگهي، سا موجود هئي. ڪيترا وڏا ماڻھو ۽ آفيسر بہ دعوت تي آيل هئا.[1]مجلس هلندي، خزانو خالي ٿي ويو - ڪيترن ڏينھن تائين پنھنجين فين وصول ڪرڻ خاطر طوائفن کي خيرپور ۾ رهي ڌڪا کائڻا پيا.[1]مير علي مراد خان کان پوءِ جنھن ٻئي مير شعر شاعريءَ ۾ دلچسپي ورتي، سو مير علي نواز خان هو. اڳ لکي چڪو آهيان تہ هن صاحب هڪ ديوان اڙدوءَ جو (”گلدستہ ناز“ نالي)، ۽ هڪ سنڌي ڪافين ۽ ڪلامن جو ڪتاب (”خلوت عشق“) ڇڏيو. انھن کانسواءِ، عمر خيام جي رباعين جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيائين، ۽ ان مجموعي کي “ميڪده ناز” جو نالو ڏنائين. ”ليليٰ – مجنون“ واري قصي کي پڻ منظوم ڪيائين. اهي ٻئي رسالا آب تاب سان ڇپارائي ملڪ ۾ وراهيا ويا.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ 1.0 1.1 1.2 1.3 ڪتاب: اھي ڏينھن اھي شينھن٬ جلد،1؛ ليکڪ: پير علي محمد راشدي؛ ايڊيشن:2000ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو.