مواد ڏانھن هلو

مير عبدالله سلطان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مير عبدالله سلطانسيوھڻ سان تعلق رکندڙ ھڪ شاعر.

سيوستان جي مشهور عالمن ۽ شاعرن مان ٿي گذريو آهي. هُو پنهنجي تخلص ”خان عريضيءَ“ سببان مشهور آهي. هو بکر جي مشهور سيد مير ابوالمڪارم جو پـٽ هو، جو وري مير غياث الدين رضائي سبزواريءَ جو پٽ هو. اهو پونيون سيد ڪتاب ”حبيب السير“ جي مصنف آخوند مير جو ڏهٽو ۽ سلطان جنيد صفويءَ جو پوٽو هو. اهومرزا شاهه بيگ ارغون جي مقربن مان هو ۽ انهيءَ سان گڏ سنڌ ۾ آيو.مير ابوالمڪارم وري مرزا شاهه حسن ارغون ۽ سلطان محمود خان بکر واري جي اميرن مان هو ۽ انهي جي پاران وڪيل ٿي شاهه اسماعيل صفوي وٽ ويو هو. مير عبد﷢ سلطان، جو سيوستان ۾ ڄائو هو، سو جھانگير بادشاهه جي زماني ۾ مرزا غازيءَ سان گڏ هوندو هو ۽ جڏهن مرزا قنڌار ۽ ٺٽي جو حاڪم ٿيو، تڏهن وڪيل ٿي ايران جي شاهه ڏي ويو ۽ خراسان ۾ امام رضا جي زيارت ڪري موٽيو ۽ مرزا جي مرڻ کان پوءِ ٺٽي ۾ نواب مقرر ٿيو. پر شاهجھان بادشاهه جي راڄ ۾ ڪنهن سبب ڪري شريف الملوڪ کي ڪاوڙايائين ۽ نواب امير خان اچي مير عبد﷢ ۽ سندس طرف وارن کي ستايو، تنهنڪري مير مٿئين ۽ سندس ڀاءَ پنهنجو عهدو ڇڏي ڏنو، اگرچ مرزا عيسٰي ترخان ۽ ٻين رهي پوڻ لاءِ گھڻو زور ڪين، نيٺ مُلا محب علي سنڌيءَ جي معرفت ڄام تماچيءَ کام پنجاهه هزار دام پگهار وٺي اچي ٺٽي ۾ رهيو. انهن مان به ڪي مشهور عالم، فاضل، شاعر ٿيا، جن جو ذڪر ٺٽي واري فصل ۾ ايندو.[1]

حوالا

[سنواريو]
  1. قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو