مواد ڏانھن هلو

مير خدابخش ٽالپر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ستاره خدمت سخيءَ مير حاجي خدابخش خان ٽالپر:

ستاره خدمت مير خدابخش خان ٽالپر ٽنڊو جان محمد

ستارءِ خدمت سخيءَ مير حاجي خدابخش خان ٽالپر

از: پروفيسر مير جمشيد اختر ٽالپر   گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ٽنڊوجان محمد

مير احمد خان جي وفات کانپوءِ ٽنڊو جان محمد جي شھر جي سياسي، سماجي، اقتصادي توڙي ثقافتي لحاظ کان ترقي وٺرائڻ ۾ جيڪا شخصيت نمايان طور نظر اچي ٿي اھا آھي سخيءَ مير حاجي خدابخش خان ٽالپر، جنھن جي اعلى ۽ مدبرانه قيادت ھن شھر کي ھڪ نئون رنگ ڏنو ۽ ڪيترين ئي بنيادي سھوليتن کي اوليت ڏيئي عملي جامو پھرايو. پاڻ 1911ع ڌاري شهر ٽنڊو جان محمد ۾ پيدا ٿيا. ميرحاجي خدابخش خان، مير عبدالله خان جو پُٽ ۽ مير خدابخش خان جو پوٽو ھو، جيڪو وري مير حسن علي خان جو پُٽ ۽ سخيءَ مير جان محمد خان جو پوٽو ھو.  سخيءَ مير جان محمد جي خاندان جا چشم چراغ هئڻ ڪري سخيءَ جي جاگير ۽ شهر ٽنڊو جان محمد جو سڄو بار سندن ڪلهن تي اچي ويو. جنهن کي پاڻ پوري ذميواري ۽ ديانتداريءَ سان نڀايو.  

سياسي وابستگيءَ.    سخيءَ ميرحاجي خدابخش خان ٽالپر صاحب جا وڏا سياست کان ڪناره ڪش ھئا، پر پاڻ حالتن پٽاندر زمينداري سان گڏوگڏ ملڪي سياست ۾ به چڱي طرح سان حصو ورتو ۽ سياست جي ھر ميدان ۾ ڪاميابيون حاصل ڪيون. مير صاحب 1956ع ڌاري ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ ضلعي ٿرپارڪر جا ميمبر چونڊجي آيا. جڏهن جنرل ايوب خان طرفان آڪٽوبر 1958ع ۾ ملڪ ۾ مارشل لا نافذ ڪيو ويو ۽ پاڻ چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ٿي ويٺو. تڌهن فوجي آمر پنهنجي حڪومت کي مضبوط ڪرڻ ۽ سندس اقتدار کي طول ڏيڻ خاطر ملڪ ۾ ھڪ نئون نظام ”بنيادي جمھوريت (Basic Democrats)“ متعارف ڪرايو، جنھن سان ٻھراڙين ۾ يونين ڪائونسلز قائم ڪيون ويون ۽ شھرن ۾ جتي اڳ ۾ سينيٽري ڪميٽيز قائم ھيون انھن کي ھاڻي ٽائون ڪميٽيز ۾ تبديل ڪيو ويو، انھي وقت ٽنڊو جان محمد شھر ۾ سينيٽري ڪميٽي ڪم ڪندي ھئي، مگر اھا تمام ننڍي ھئي، جيڪا ٽائون ڪميٽي جو درجو حاصل نه ڪري سگھي، انھي ڪري ٽنڊوجان محمد کي 1961ع ۾ يونين ڪائونسل جو درجو ڏنو ويو، جنھن جو پھريون چيئرمين ميرحاجي خدابخش خان پاڻ چونڊجي آيا. ميرصاحب ڪوششون وٺي 1966ع ۾ شھر کي ٽائون ڪميٽي جو درجو ڏياريو، جنھن جو به پھريون چيئرمين پاڻ چونڊجي آيا.

مير حاجي خدابخش خان ٽالپر، 9 جون 1962ع تي پنهنجي تڪ ٿرپارڪرII جي اليڪشن ۾ سيد عبدالرحمان شاهه کي شڪست ڏيئي پهريون دفعو اولهه پاڪستان جي صوبائي اسيمبليءَ جا ميمبر (M.P.A) چونڊجي آيا. ٽي سالن بعد وري ٻيو دفعو پاڻ 9 جون 1965ع تي سندس پنهنجي ساڳئي تڪ ٿرپارڪرIII جي اليڪشن ۾ مغربي پاڪستان جي اسيمبلي جا ميمبر پڻ چونڊجي ويا هئا. جنهن جا 25 مارچ 1969ع تائين ميمبر رهيا. 25 مارچ 1969ع ۾ ملڪ ۾ هڪ نئون مارشل لا نافذ ڪيو ويو. جنرل ايوب ملڪ جون واڳون هڪ ٻئي فوجي آمر جنرل محمد يحى خان جي حوالي ڪري پاڻ مستعفي ٿي ويو. هن آمر ملڪ ۾ رائج بنيادي جمهوريت واري نظام کي ختم ڪري ڇڏيو. اڳ ۾ جتي چيئرمين هوندا هئا انهن جي جاءِ تي هاڻ يونين ڪائونسل ۾ سرڪاري ملازمن کي ”ايڊمنسٽريٽر“ (Administrator) مقرر ڪيو ويو هو ۽ اهڙي طرح سان بنيادي جمهوريت جو سفر ڏهه سالن تائين روڪيل رهيو، جنهن کانپوءِ 1979ع ۾ جنرل ضيا مڪاني ادارن جي نظام کي نئين سر شروع ڪرايو. مير صاحب 1970ع تائين مسلم ليگ سان وابسته رهيا پر پوءِ ساڳئي سال ۾ مخدوم محمد زمان طالب المولى جن ٽنڊو جان محمد ۾ اچي ذاتي ڪوششون وٺي مير صاحب کي پيپلز پارٽي ۾ آندو. خود جناب ذوالفقار علي ڀٽو صاحب به مير صاحب کي تمام گھڻي عزت ڏيندو هو ۽ ٻه دفعا سندس دور ۾ شهر اندر آيو. ڊسمبر 1970ع جي عام چونڊن ۾ اليڪشن شيڊول نڪري وڃڻ سبب کيس پيپلز پارٽي جو ٽڪيٽ نه ملي سگھيو جنهن ڪري پاڻ پيپلز پارٽي جي حمايت سان سنڌ صوبائي اسيمبلي جي سيٽ تي آزاد اميدوار طور اليڪشن وڙهي، خود ذوالفقار علي ڀٽو مير صاحب جي ورڪن تي شهر ٽنڊو جان محمد آيو. ليڪن مير صاحب اليڪشن ۾ پنهنجن قريبي ساٿين جي غداري سبب ارباب امير حسن کان شڪست کائي ويا.

سياست ۾ پير پائڻ کانپوءِ ميرصاحب جا ڪيترين ئي مقتدر اعلى سياسي ۽ سماجي شخصيتن سان تعلقات قائم ٿي ويا. جن مان ڪجھ ماڻهن سان ته سندس ذاتي تعلقات به هوندا هئا. انهن اعلى شخصيتن ۾ صدر پاڪستان جنرل محمد ايوب خان، گورنر اولهه پاڪستان ملڪ نواب اميرمحمد خان نواب آف ڪالاباغ، وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو، اسپيڪر اولهه پاڪستان اسيمبلي چوڌري فضل الاهي، مخدوم محمد زمان طالب المولى، غلام حيدر شاهه، خان بهادر غلام محمد وساڻ، پير غلام رسول شاهه جيلاني، مير رسول بخش ٽالپر، مير علي احمد ٽالپر، مير علي بخش ٽالپر، مير محمد بخش ماڻڪاڻي ٽالپر شامل هئا، جيڪي وقت به وقت مير صاحب وٽ شهر ٽنڊو جان محمد ۾ ڪهي ايندا هئا. سائين امولڪ ٿري صاحب پنهنجي مضمون ۾ لکي ٿو ته: ”مرحوم مير خدابخش خان جي طبيعت سادگي ۽ نهٺائيءَ جو هڪ اعلى مثال ۽ نمونو هئي، ان ڪري نه رڳو پنهنجا پر پرايا به سندس اعلى ظرفيءَ جا گُڻ ڳائيندا هئا. سندس دور ۾ ڪهڙو به ننڍو توڙي وڏو آفيسر ڇو نه هجي، سخي جي در تي سلامي لاءِ نه اچي، اها اڻ ٿيڻي ڳالهه هئي. ان وقت جي صدر پاڪستان فيلڊ مارشل محمد ايوب خان ۽ اولهه پاڪستان جي گورنر ملڪ امير محمد خان نواب آف ڪالاباغ سان، مير صاحب جھڙا تعلقات شايد ڪنهن ورلي ماڻهوءَ جا هوندا. اهي سندن بي غرض ۽ انسان دوستيءَ واري فطرت کي ڏسي هر وقت سندس لفظن کي ڏاڍو مانُ ڏيندا هئا. شل نه ڪو مسئلو پيدا ٿي پوي، هيٺين آفيسرن کي چوڻ بدران مير صاحب پهريون فون ملڪ ڪالاباغ کي ڪندو هو.“ ان وقت جي وزيرن جناب عبدالقادر سنجراڻي، در محمد اوستو ۽ محمد خان جوڻيجو سان پڻ مير صاحب جا سٺا تعلقات هوندا هئا. ۽ اهي حضرات به ڪافي ڀيرا سندس دور ۾ هن شهر ۾ آيا. شهر جي اندر مختلف سماجي توڙي قومي مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ مير صاحب طرفان پنهنجا صلاحڪار چونڊيل هئا. جن ۾ ڊاڪٽر علي احمد آرائين ۽ سيٺ محمد حسين آرائين، ڪپتان محبوب علي خان ،سيٺ سيرومل ۽ مکي منون مل مالهي، مير غلام محمد ٽالپر ۽ ٻيا شامل هئا.

سماجي خدمتون:    اسيمبلي ميمبر ٿيڻ شرط ميرصاحب پوري حلقي جي شھرن توڙي ٻھراڙيءَ وارن علائقن جي ترقي لاءِ ھڏٽوڙ ڪوششون ورتيون. ميمبر ٿيڻ کانپوءِ ميرصاحب اسيمبليءَ ۾ھر وقت خطي جي غريب ۽ مسڪين عوام جي ترقيءَ لاءِ آواز اٿاريندو رهندو هو ۽ حڪومت کي بار بار ھن علائقي جي مسئلن کان آگاھ ڪندو رھندو ھو ۽ اھي مسئلا حل ڪرائيندو رھندو ھو. شھر ٽنڊو جان محمد ۾ جتي اڳ ۾ ڪوبه حڪومت جو نمائندو نه ايندو هو اتي هاڻ ڪامورن، وزيرن ۽ اعلى شخصيتن جا دؤرا ٿيڻ لڳا، ميرحاجي خدابخش خان ٽالپر انھي وقت ۾ شھر سان گڏ ٻھراڙيءَ وارن علائقن جي به تمام گھڻي خدمت ڪئي ۽ انھن جي سماجي ۽ معاشي حالتن کي بھتر بڻايو، ٻھراڙيءَ ۾ اڳ ۾ پيئڻ جي پاڻي جو ڪوبه مناسب بندوبست نه ھوندو ھو، ميرصاحب ڳوٺن ۾ ڪيترائي پاڻيءَ جا تلاءُ ٺھرايا ۽ ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ اسڪول به قائم ڪرايائين ۽ اسڪولن جون عمارتون به ٺھرايائين. ساڳئي وقت ٻھراڙيءَ جي علائقن ڏانھن به روڊ ۽ رستا ٺھرايا ۽ پُراڻ تي 1958ع ۾ پل به ٺھرائي، جنھنڪري زرعي جنسن جي مارڪيٽ تائين رسائي ۾ آساني پيدا ٿي پيئي. انھي سان گڏ ھن شھر جي به تمام گھڻي خدمت ڪئي. 1960ع ۾ جانورن جي اسپتال قائم ڪرائي، 1962ع ۾ حيدرآباد جي بجلي گھر مان حيدرآباد، ٿرپارڪر ۽ بدين ضلعن جي وڏن شھرن کي بجلي ڏني ويئي، ميرصاحب جي ڪوششن سان شھر ٽنڊو جان محمد کي به بجلي پھچائي ويئي. ساڳئي وقت ٽيليفون جو نظام به شهر ۾ متعارف ڪراين.

1965ع ۾ ميرصاحب ڪوششون وٺي ڊگھڙي کان ٽنڊو جان محمد تائين پڪو روڊ ٺھرايو جيڪو پوءِ حڪومت جي سرڪردگي ۾ ڏنو ويو. ميرصاحب شھر جون ڪيتريون ئي گھٽيون پڪيون ڪرائيون. اڳ ۾ پيئڻ جي پاڻي جو مناسب بندوبست ٿيل نه ھو، پهرين پاڻي لاءِ کوهه کوٽايا ويندا هئا يا کاڻيون ۽ ڪچا تلاءُ هوندا هئا. شهر جي ماڻهن لاءِ اڪثر ڪري پخاليءَ پاڻي ڀرينداهئا. شهر ۾ پاڻي جي شديد قلت دوران پاڻ پراڻ منجھان خاص طور واٽر کوٽرائي پاڻي فراهم ڪرايو. ميرصاحب ڪوشش وٺي 1968ع ۾ شهر لاءِ واٽرسپلاءِ اسڪيم منظور ڪرائي، جنھنڪري پاڻي جي قلت دوُر ٿي ويئي. واٽرسپلاءِ سان گڏ شھر ۾ ڊرينيج سسٽم به قائم ٿي ويو. مير صاحب يونين ڪائونسل ٽنڊو جان محمد جي عمارت ٺهرائي جنهن جو سنگ بنياد 21 جون 1963ع تي ان وقت جي ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر جناب ايس علمدار رضا (csp) جن رکيو. جڏهن ته ان آفيس جو افتتاح ڪمشنرحيدرآباد ڊويزن جناب مسرور حسن خان 25 آگسٽ 1965ع تي ڪيو. شھر ۾ تفريح خاطر پُراڻ جي ڪپ تي پبلڪ پارڪ ۽ سخي جان محمد سٽيزن ڪلب پڻ قائم ڪرايو، جنهن جو افتتاح 11 نومبر 1966ع تي ان وقت جي ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر جناب فضل الاهي ڪيو. جنھن لاءِ چار ايڪڙ زمين ميرصاحب پاڻ ڏني. پبلڪ پارڪ سان گڏ ٽائون ڪميٽي جي نئين عمارت پڻ ٺھرائي. 1966ع ۾ ٽائون ڪميٽي ٽنڊو جان محمد وجود ۾ اچي چڪي هئي. ٽائون ڪميٽي جي عمارت  جو افتتاح ان وقت جي ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر جناب ڌڻي بخش جن 19 جنوري 1970ع تي ڪيو. ساڳئي طرح سان مير صاحب ڪوششون وٺي ربو روڊ تي ڪميونٽي سينٽر ڪم يونين گھر (يونين ڪائونسل آفيس) مير خدا بخش جي بلڊنگ ٺهرائي، جنهن جو سنگ بنياد 17 مئي 1968ع تي ان وقت جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر بنيادي جمهوريت جناب محمد عباس صديقي رکيو ۽ ان جو افتتاح 7 سيپٽمبر 1968ع تي ان وقت جي ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر جناب فضل الاهي ملڪ ڪيو. انهي کانسواءِ مير صاحب اسلامي ڪلب ٺھرايو ۽ شهر ۾ ٽائون ڪاميٽي طرفان دڪانن لاءِ ھڪ مارڪيٽنگ سينٽر پڻ ٺهرايو. جنهن جي لاءِ مير صاحب سندس زمين بطور عطيه مفت فراهم ڪئي. انهي سينٽر جو افتتاح 25 آڪٽوبر 1968ع تي ان وقت جي ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪرجناب فضل الاهي ملڪ ڪيو. ميرصاحب پنھنجي ذاتي ڪوششن سان شھر ۾ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل اسپتال قائم ڪرائي. جڏهن ته سندس ئي دور ۾ شھر جي لاءِ بئنڪ، پوسٽ آفيس ۽ ٽيليفون ايڪسچينج ۽ ڪميونٽي سينٽر پڻ قائم ٿي ويا. 1964ع جي آيل زبردست طوفان دوران پاڻ سوين شهرين سان گڏ پراڻ جو بند ٽوڙايو ۽ شهر جي ماڻهن سان گڏ پراڻ جي بندن تي ڏينهن رات بيٺا رهيا ته جيئن شهر کي ٻوڏ جي پاڻي کان بچائي سگھجي. انهي ٻوڏ دوران پاڻ شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن جي ماڻهن جي بي لوث خدمت ڪئي.

ميرصاحب جو چيئرمينشپ جو دؤر تقريبن يارھن سال رھيو، پاڻ ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ ٿرپارڪر جا ميمبر رهيا، انھي کانسواءِ پاڻ اولهه پاڪستان جي اسيمبلي جا ٻه دفعا ميمبر M.P.A به ٿي رھيا، جنھنڪري پاڻ علائقي ۾ ڪيترائي ترقياتي ڪم ڪرايا، راڄوڻي فيصلا پڻ ڪيا جنھن سان علائقي ۾ عدل و انصاف قائم ڪرايو ۽ علائقي جي پسمانده عوام جي خوشگوار مستقبل لاءِ رھنمائي فرمائي. پاڻ نھايت سادا، سٻاجھا، رحمدل ۽ ٻاجھارا انسان هوندا هئا، هر امير و غريب جي شادي و غمي ۽ ڏک سک ۾ خود شريڪ ٿيندا هئا .

تعليمي خدمتون:   تاريخ اندر جن ماڻهن انسان ذات جي سجاڳيءَ لاءِ تعليم کي اهم سمجھي ان جي ڦهلائڻ لاءِ جاکوڙيو ۽ جدوجھد ڪئي آهي اهي خود به تعليم جي زيور سان آراسته هئا. پر شهر ٽنڊو جان محمد جا مير صاحب گھٽ تعليم يافته هئڻ جي باوجود به تعليم جي ترقيءَ لاءِ جيتري ڪوشش ڪئي ان جھڙو مثال ورلي ملندو. سخيءَ مير حاجي خدابخش خان ٽالپر جي خاندان جي اها دلي تمنا هئي ته هي شهر علم و ادب جو گھوارو بڻجي. انهي مقصد لاءِ انهن جاني ۽ مالي مدد ڪئي. ديني ۽ دنياوي تعليم جي حاصلات لاءِ مدرسا ۽ اسڪول قائم ڪرايا. بلڪه شاگردن ۽ استادن جي لاءِ مفت کاڌي پيتي ۽ رهائش جو انتظام ڪيو ۽ غريب شاگردن لاءِ وظيفا به مقرر ڪيا ته بوڪ بئنڪ به قائم ڪرايا. ميرصاحب به شهر ٽنڊو جان محمد ۾ تعليم جي ترقي لاءِ بيحد گھڻي جاکوڙ ڪئي. پاڻ ميراحمد خان ۽ ميرقادربخش جي تعليم جي ميدان ۾ ڪيل خدمتن کي اڳتي وڌائيندي انھن کي پايهءِ تڪميل تائين پھچايو. پاڻ هن شهر ۽ علائقي جي عوام کي تعليم جهڙي زيور سان آراسته ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري، اڻٿڪ محنتون ۽ ڪوششون وٺي جيڪي ڪارناما سرانجام ڏنا اهي اهل بصيرت کان لڪل ڪيئن آهن .

پرائمري تعليم: جيئن ته شهر ۾ بنيادي تعليم سخي مير جان محمد ٽالپر جي دور کان ئي ڏني پئي ويئي. ھن مسلمانن کي ديني تعليم ڏيارڻ خاطر ڳوٺ ۾ ھڪ وڏو ديني مدرسو قائم ڪرايو ھو، جتي اسلامي تعليم سان گڏوگڏ عربيءَ ۽ فارسي زبانون پڻ پڙھايون وينديون ھيون. ان وقت فارسي زبان ملڪ جي دفتري زبان هوندي هئي. جنھنڪري پري پري کان ٻار ھتي اچي ديني توڙي دنيويءَ تعليم حاصل ڪندا ھئا. جڏهن ته پرائمري اسڪول جو بنياد مير جان محمد ثاني جي دور ۾ 1886ع ۾ ئي پئجي چڪو هو. ان لاءِ حڪومت 1912ع ۾ 3 ڪمرن تي مشتمل ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جي طرفان عمارت ٺهرائي ڏني. وقت گذرڻ سان گڏ ٻارن جي وڌندڙ تعداد کي ڏسندي ٻن هنڌن تي ڪجھ وڌيڪ ڪمرا مسواڙ تي حاصل ڪيا ويا. ان هوندي به جڳهه جي پورائي نه ٿي سگھي ته مير صاحب پاڻ 6 ڪمرن واري هڪ جاءِ بنا مسواڙ جي پرائمري اسڪول حوالي ڪئي. مير حاجي خدابخش ٽالپر صاحب جي ذاتي ڪوششن ڪري حڪومت طرفان 1967ع ۾ 5 ڪمرن تي مشتمل پرائمري اسڪول جي نئين عمارت ٺهرائي ڏني وئي. هن وقت شهر ۾ سرڪاري سطح جا ٻه بوائز پرائمري اسڪول هلي رهيا آهن.

ساڳئي نموني سان ڇوڪرين جي تعليم لاءِ مير احمد خان ٽالپر 1938ع ۾ جدا گرلس پرائمري اسڪول قائم ڪرايو. اهو اسڪول پنهنجي عمارت نه هئڻ سبب ڪڏهن مسواڙ ته ڪڏهن بنا مسواڙ تي مختلف جاين تي هلندو رهيو. اڳتي هلي 1967ع ۾ ان وقت جي اولهه پاڪستان جي صوبائي وزيرتعليم بيگم محموده سليم خان گرلس اسڪول جي عمارت جو سنگ بنياد رکيو. هن وقت ان عمارت ۾ گورنمينٽ گرلس پرائمري اسڪول هلي رهيو آهي.

سيڪينڊري تعليم: مير حاجي قادر بخش ٽالپر جنهن کي غريبن جي تعليم جو تمام گھڻو اونو هوندو هو تنهن 1934ع ۾ جناب عطا حسين موسوي صاحب، ائڊمنسٽريٽر آفيسر ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ ٿرپارڪر جي تعاون سان شهر ۾ انگريزي تعليم جو بنياد رکيو. پهريائين سنڌي سان گڏ انگريزي جا ٽي درجا قائم ٿيا. ڪجھ عرصي کان پوءِ الڳ انگريزي اسڪول قائم ٿيو. مير حاجي قادر بخش هر وقت تعليم جي ترقيءَ لاءِ ڪوششان رهيو، پاڻ شهر ۾ هاءِ اسڪول قائم ڪرائڻ جا خواهشمند هئا ليڪن زندگي وفا نه ڪئي ۽ پاڻ 1937ع ۾ رحلت فرمائي ويا. سندس ڀاءُ مير حاجي احمد خان ٽالپر ۽ سندس خاندان هن جي مشن کي پايهءِ تڪميل تائين پهچايو. مير احمد خان ٽالپر صاحب 1944ع ۾ ان وقت جي ڊائريڪٽر پبلڪ انسٽرڪشن جناب ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو ۽ چيئرمين ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جناب سيد غلام حيدر شاهه صاحب جي تعاون سان شهر ۾ هاءِ اسڪول قائم ڪرايو. سندس جي ڪوشش هئي ته هاءِ اسڪول کي گورنمينٽ جي حوالي ڪيو وڃي، انهي ڪري پاڻ 25 هزار رپيا روڪ ۽ سورنهن ايڪڙ زمين اسڪول جي نالي ڪئي ۽ ائين 1951ع ۾ هن هاءِ اسڪول جو انتظام حڪومت پنهنجي تحويل ۾ ورتو. مير حاجي قادر بخش ٽالپر جي ڪيل بيباڪ خدمتن عيوض هن اسڪول تي سندس نالو مير حاجي قادر بخش هاءِ اسڪول ٽنڊو جان  محمد MIR HAJI KADER BUX (MHK) GOVERNMENT HIGH SCHOOL TANDO JAN MUHAMMAD رکيو ويو. جنهن جو پهريون هيڊ ماستر محترم جناب غلام صديق بلوچ کي مقرر ڪيو ويو جيڪو 31 ڊسمبر 1951ع کان جون 1952ع تائين رهيو.

مير حاجي خدابخش ٽالپر جي شهر جي واڳ سنڀالڻ جي شروعاتي ڏينھن ۾ ئي سندس ڪوششن سان ھاءِ اسڪول ۽ ھاسٽل جون فلڪ بوس عمارتون ٺھيون. 1955ع ۾ دولت مشترڪه طرفان پاڪستان کي ڪولمبو پلان ۾ شامل ڪيو ويو، جنهن تحت پاڪستان ۾ 1956ع کان 1961ع تائين پهريون پنج ساله اقتصادي منصوبو شروع ڪيو ويو. مير صاحب ۽ ان وقت هاءِ اسڪول جي هيڊ ماستر محترم قادر بخش خاصخيلي صاحب جي تعاون ۽ ڪوششن سان 1956ع ۾ هاءِ اسڪول جي هاسٽل، مسجد، هيڊ ماستر جو ڪوارٽر ۽ اسٽاف جي رهائش لاءِ ڪوارٽر ٺهيا. جڏهن ته هاءِ اسڪول جي عمارت جو سنگ بنياد ان وقت جي ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر جناب محمود اقبال صاحب 30 ڊسمبر 1958ع تي رکيو. جنهن جي لاءِ مير احمد خان ٽالپر صاحب پهريائين ئي سورنهن ايڪڙ زمين ڏئي ويو هو، جڏهن ته پاڻ بقايا پنجويھ ھزار رپيا ۽ چار ايڪڙ اضافي زمين پڻ ڏني. ساڳئي طرح سان پنجاهه هزار رپيا ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ ٿرپارڪر طرفان جاري ڪيا ويا. 1962ع ۾ هاءِ اسڪول جي اها عاليشان عمارت ٺهي راس ٿي. جنهن جي اوپننگ سيريمني ان وقت جي سيڪريٽري تعليم اولهه پاڪستان محترم جناب انور عادل سي ـ ايس ـ پي صاحب جن 29 جولاءِ 1962ع تي هڪ شاندار تقريب دوران پنهنجي دست مبارڪ سان ڪئي. اڳتي هلي پراڻي عمارت ۾ پوسٽ آفيس قائم ڪئي ويئي. هاءِ اسڪول قائم ٿيڻ کان پوءِ هتي مڊل اسڪول اسڪالرشپ، مڊل اسٽينڊرڊ اسڪالرشپ، ايليمينٽري، انٽر ڊرائنگ ۽ سيڪنڊري توڙي هائر سيڪنڊري سطح جي امتحانن جا سينٽر قائم ٿيندا رهيا. جڏهن ته هي اسڪول ان وقت ضلعي ٿرپارڪر جي بهترين اسڪولن ۾ شمار ٿيندو هو. ان وقت هاءِ اسڪول جي هاسٽل ۾ پري پري کان هزارين شاگرد اچي رهائش پذير ٿيندا هئا. شاگردن جي فين ۽ ڪتابن لاءِ بوڪ بئنڪ قائم ڪرايا ويا، جڏهن ته استادن ۽ شاگردن جي رهائش ۽ کاڌي پيتي جو سڄو خرچ مير صاحب پاڻ پنهنجي گھران ڀريندا هئا.

مير صاحب جي دور ۾ 1962ع ۾ ٽنڊو جان محمد ۾ پھرين گرلس مڊل اسڪول قائم ٿيو جنهن جي عمارت ٽائون ڪاميٽي طرفان مهيا ڪئي ويئي. جنهن کي 1972ع ۾ گرلس ھاءِ اسڪول جو درجو ڏنو ويو. ۽ ان لاءِ الڳ عمارت تعمير ڪئي ويئي. اڳ ۾ ڇوڪريون بوائز ھاءِ اسڪول ۾ گڏيل تعليم پرائينديون ھيون، الڳ اسڪول قائم ٿيڻ ڪري ھتي جي ڇوڪرين ۾ به تعليمي رجحان وڌڻ لڳو.

اعلى تعليم: ستارءِ خدمت سخيءَ مير حاجي خدابخش ٽالپر صاحب جو تعليم جي ميدان ۾ وڏو ڪارنامو ٽنڊو جان محمد شھر ۾ ڪاليج قائم ڪرائڻ آھي. ان وقت اعلى تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ويجھو ڪوبه ڪاليج نه هو، صرف ٿرپارڪر ضلعي جو واحد ڪاليج ميرپورخاص شهر ۾ قائم ٿيل هو. ميرحاجي خدابخش خان ٽالپر جيڪو علم جي شمع کي هميشه روشن رکڻ جو پانڌيئڙو هو تنهن 1964ع ۾ ڪجھ اعلى آفيسرن ۽ قريبي علائقي جي معززين جي مخالفت جي باوجود شهر ٽنڊو جان محمد ۾ گورنمينٽ آرٽس ۽ سائنس ڪاليج جي نالي سان ڪاليج منظور ڪرايو. جيڪو عارضي بنيادن تي هاءِ اسڪول جي هاسٽل جي عمارت ۾ قائم ڪيو ويو. ۽ ان جو پهريون پرنسپل مشهور ماهر تعليم پروفيسر سيد مسعود علي کي مقرر ڪيو ويو. مير صاحب اعلى عملدارن سان ملي ڪري فوري طور ڪاليج لاءِ سورنھن ايڪڙ زمين ۽ گھربل پيسا ڏئي ڪاليج ٽنڊو جان محمد شھر ۾ منظور ڪرائڻ کانپوءِ ڪاليج جي عمارت به ٺھرايائين. جنهن جو سنگ بُنياد 1967ع ۾ ان وقت جي اولهه پاڪستان جي وزير تعليم بيگم محموده سليم خان رکيو. مير صاحب ڪاليج لاءِ ھاسٽل به منظور ڪرائي، جنھنجي عمارت سندس ڏينھن ۾ ٺھي راس ٿي. ڪاليج جي هاسٽل جو سنگ بنياد 6 جولاءِ 1970ع ۾ ان وقت جي ڪمشنر حيدرآباد جناب اخلاق حسين رکيو. هڪ سال اندر هاسٽل جي تمام وڏي، خوبصورت ۽ بهترين عمارت ٺهي راس ٿي جنهن جو افتتاح ان وقت جي ڊائريڪٽر ايجوڪيشن حيدرآباد ريجن جناب غلام رضا ڀٽو صاحب 29 مارچ 1971ع تي ڪيو. ھاسٽل ٺھڻ کانپوءِ ھن ڪاليج ۾ شاگردن جو تعداد ڏينھون ڏينھن وڌڻ لڳو، پري پري کان علم جا اڃايل ھتي اچي علم جي پياس اجھائيندا ھئا. شروعاتي دور کان ئي شاگردن ۽ استادن جو سڄوخرچ به ميرصاحب پاڻ ڀريندا ھئا.

مير حاجي خدابخش ٽالپر صاحب تعليمي ادارن اندر نصابي توڙي غير نصابي سرگرمين کي اوج تي پهچائڻ ۾ به وسان نه گھٽايو. ۽ ڪاليج جو نالو روشن ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. مير خدابخش جي ذاتي ڪوششن سان هن ڪاليج ۾ سيرت النبيءَ ﷺ ڪانفرنس منعقد ٿي، جنهن ۾ ملڪ جي وڏي عالم دين مولانا احتشام الحق ٿانوي صاحب مهمان خاص جي حيثيت سان شرڪت ڪئي. ان کانسواءِ جشن لطيف جو پروگرام پڻ ڪافي دفعا ترتيب ڏنو ويو، ۽ اهڙي طرح ٻيا ڪيترائي سماجي ثقافتي پروگرام ترتيب ڏنا ويا، جن ۾ ان وقت جي چوٽيءَ جي اسڪالرن، اديبن، دانشورن،  شاعرن ۽ ريڊيو ۽ اسٽيج جي فنڪارن حصو ورتو هو. اهو مير حاجي خدابخش ٽالپر جي اعلى ۽ ارفع آدرشن جو ئي نتيجو آهي جو اڄ به ھزارين شاگرد ۽ شاگردياڻيون انهن ئي عظيم الشان تعليمي ادارن مان تعليم حاصل ڪن ٿا ۽ ائين علم جي ڏيئي کي روشن ڪندا پيا اچن. اڄ به انھن تعليمي ادارن طرفان ڪيترائي علمي، ادبي، سماجي ۽ ثقافتي پروگرام منعقد ڪرايا وڃن ٿا. جن ۾ ڊرامه، ڪانفرنسون، ثقافتي ميلا منعقد ڪرائڻ، اديبن، فنڪارن سان شام ملھائڻ، اعلى شخصيتن ۾ ايوارڊ تقسيم ڪرڻ شامل آھن، جن ۾ شھر ٽنڊو جان محمد ۽ پسگردائي جو عوام ڀرپور نموني سان شرڪت ڪندو آھي ۽ ائين ھن شھر جا رھواسي فن ۽ ادب جي ماھرن ۽ علم جي عالمن کان لطف اندوز ٿيندا رھندا آھن. انھي کانسواءِ ڪاليج ۽ اسڪولن ۾ وڏا وڏا گرائونڊ ھئڻ ڪري وقت به وقت تعليمي ادارن طرفان راندين جا مقابلا به ڪرايا وڃن ٿا، جن ۾ شاگرد توڙي شاگردياڻيون ڀرپور نموني سان حصو وٺن ٿا.

علمي، ادبي ۽ ثقافتي خدمتون: مير صاحب نه صرف تعليمي ادارن جو بنياد رکيو بلڪه تعليمي ادارن ۾ نصابي ۽ غيرنصابي سرگرمين سان گڏ شهر ۾ علمي ادبي ۽ ثقافتي سرگرمين کي به عروج تي پهچايو. 1952ع ۾ اسڪول ۾ مقرر عربي ٻولي جي برک استاد مولانا غلام مصطفى دادوي جي معرفت علامه دائود پوٽو سان خط و ڪتابت ڪري شهر ۾” سنڌي ادبي سوسائٽي “جو بنياد رکيو. اڳتي هلي انهي سوسائٽي جي پليٽ فارم تان ”آل سنڌي عربي ڪانفرنس“، ”سيرت النبيءَ ڪانفرنس“ ۽ لنواري شريف جي حوالي سان اخبار ”پيغام ڪُل“ شايع ڪرائي، ساڳي طرح سان سندس دور ۾مختلف ادبي فنڪشنس، ثقافتي ميلا ۽ ٻيا ڪيترائي پروگرام منعقد ڪرائڻ ۽ اخبارون، ميگزين ۽ مختلف ڪتاب شايع ڪرايا ويندا هئا. جن لاءِ پاڻ هر وقت مالي مدد ڪندا رهندا هئا. انهن پروگرامن ۾ نه صرف پاڻ صدارت ڪرڻ فرمائيندا هئا، بلڪه ماهرين تعليم، علمي و ادبي، سياسي و سماجي شخصيتن، دانشورن ۽ اعلى سرڪاري عهديدارن کي به مدعو ڪندا هئا. انهن شخصيتن ۾ پير بادشاهه گُل حسن قدس سرهُ ، علامه دائودپوٽو، احتشام الحق ٿانوي، پروفيسر غلام مصطفى شاهه سابق وفاقي وزير تعليم، پروفيسر غلام رضا ڀٽو، بيگم سيده محمود سليم وفاقي وزير تعليم، سيد پناهه علي شاهه صاحب، پروفيسر محمد اڪرم انصاري، جناب عطا حُسين موسوي ۽ ٻيون اهم شخصيتون شامل هيون.

مير حاجي خدابخش ٽالپر شهر ٽنڊوجان محمد ۽ پسگردائي جي عوام لاءِ علم و ادب  جي ميدان ۾ ايتريون ته خدمتون سرانجام ڏنيون جو اڄ جو ھر شاگرد سندس تمام گھڻو ٿورائتو آھي. ميرحاجي خدابخش خان ٽالپر، شهر ٽنڊو جان محمد ۾ تعليم جي حوالي سان جيڪي خدمتون سرانجام ڏنيون انهي سبب پاڻ به علم لاءِ جاکوڙيندڙ سنڌ جي انهن عظيم ڪردارن واري قطار ۾ بيٺل نظر اچن ٿا جن ۾ حسن علي آفنديءَ، سيد الهندو شاهه، جان محمد جوڻيجو، مير غلام محمد ٽالپر، نورمحمد وڪيل ۽ حاجي خان ميهر خان خواجه شامل آهن.  شهرين جي ڀرپور مطالبي ۽ پروفيسر مير حفيظ الله خان ٽالپر جي ڪوششن کان پوء 24 جون 2019ع تي ڪاليج جي انهي عظيم اداري کي يادگار طور سندس ئي نالي سان منسوب ڪري مير حاجي خدابخش خان ٽالپر گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ٽنڊو جان محمد   (Mir Haji Khuda Bux Khan Government Degree College Tando Jan Muhammad) جو نالو رکيو ويو آهي.

سائين امولڪ ٿري صاحب کيس زبردست خراج پيش ڪندي پنهنجي مضمون ۾ لکيو آهي ته: ”مرحوم مير حاجي خدابخش ٽالپر پنهنجي وڏن جي ڇڏيل ميراث کي جنهن ڀلي نموني ۽ انسان ذات جي بهتري ۽ بهبوديءَ جي لاءِ استعمال ڪيو اهڙو مثال شايد مشڪل ملي. پاڻ ٿرپارڪر ضلعي جي پسمانده شهر ٽنڊو جان محمد ۾ تعليم جي جيڪا شمع روشن ڪئي انهي پوري ملڪ اندر علم جو نور ڦهلائي ڇڏيو. اها سندس بي لوث خدمت هئي جو اڄ به سندس نالو انسان ذات جي عظيم محسنن ۾ شمار ٿئي ٿو.

حُب الوطنيءَ:  جڏهن 1965ع ۾ هندستان ۽ پاڪستان وچ ۾ ڪشمير مسئلي تي جنگ لڳي، جنھن ۾ هندستان جي فوج اڳرائي ڪري 6 سيپٽمبر جي اونداهي رات ۾اچانڪ ملڪ تي حملو ڪري ڏنو. دشمن ٻين علائقن سان گڏ سنڌ جي ٿر ۽ بدين واري علائقي مان پڻ پاڪستان تي چڙھائي ڪئي، جنهن جي جواب ۾ پاڪستان جي زندهه قوم ۽ جانباز فوج پاڻ کان ڪيئين دفعا وڏي، طاقتور ۽ مضبوط دشمن جي حملن کي نه صرف روڪڻ ۾ ڪامياب وئي پر انهن جي بري، بحري ۽ هوائي اڏن کي نيست و نابود ڪري دشمن جي ڪيترن ئي شهرن ۽ علائقن تي قبضو ڪري، دشمن جا ڏند کٽا ڪري ڇڏيا ۽ انهن کي پنهنجن ئي مورچن ۾رُڪ جا چڻا چٻرائي ڇڏيا. 17 ڏينهن تائين ميدان ۾ وڙهي ويندڙ جنگ دوران اسان جي سرفروش سپاهين سميت پوري قوم پاڪ سرزمين جي سرحدن جي دفاع لاءِ دشمن خلاف سيسه پلائي ديوار بڻجي دشمن کي ڏينهن جا تارا ڏيکاري ڇڏيا. جن پنهنجي جان تي کيڏي ديس تي آنچ اچڻ نه ڏني، جن ڌرتيءَ کي ڪو ڪوسو واءُ لڳڻ نه ڏنو، انهن ڌرتيءَ جي سپوٽ پٽن ۽ مٿير مانجھيءَ مڙسن مان سخيءَ مير حاجي خدابخش ٽالپر به هڪ هو، جنهن کي ملڪ جي غريب عوام ۽ مستقبل جي معمارن سان گڏ ڌرتيءَ جي دفاع جو پڻ هر وقت اونو رهندو هو. هن عظيم رهنما نه صرف 1965ع جي جنگ بلڪه 1971ع واري جنگ ۾ به ملڪ ۽ پاڪ فوج سان پنهنجي محبت ۽ جذبات جو والهانه ثبوت پيش ڪيو. پاڻ پاڪ سرزمين جي دفاع لاءِ ٽنڊو جان محمد، عمرڪوٽ، ٿرپارڪر، بدين ۽ پسگردائي جي ٻين علائقن ۾ پاڪ فوج جي جوانن لاءِ ريليف ڪئمپس قائم ڪرايا جن ۾ چوويهه ڪلاڪ کائڻ پيئڻ ۽ آرام ڪرڻ ۽ ميڊيڪل جون سهولتون فراهم ڪري ڏنيون پئي ويون ۽ ان سان گڏ ڪيترائي رضاڪار پڻ ڀرتي ڪرايا، جيڪي پاڪ وطن جي دفاع لاءِ فوجي جوانن سان گڏ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي دشمن خلاف اڳين محاذن تي وڙهندا رهيا. نه صرف ايترو پر ان وقت مير حاجي خدابخش خان ٽالپر مادر وطن لاءِ جاني ۽ مالي خدمتون سرانجام ڏئي حُب الوطنيءَ جو عظيم الشان مثال قائم ڪيو. سندس ملڪ، قوم ۽ هن پسماندهه علائقي لاءِ ڪيل عظيم الشان خدمتن عيوض حڪومت پاڪستان طرفان کيس صدارتي ايوارڊ” ستاره خدمت “جي اعزاز سان نوازيو ويو.

پاڻ  18 آگسٽ 1975ع بروز سومر ڏينهن هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا. سندس آخري آرام گاھ لنواري شريف ۾ آھي.

جان جان هئي جيئري،  ورچي نه ويٺي، وڃي ڀُونءِ پيٺي، ساريندي کي سڄڻين.

ااز :  پروفيسر مير جمشيد اختر ٽالپر   گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ٽنڊوجان محمد