مير ابراهيم خان
ڏيک
هريچند چوندو آهي ته مير ابراهيم (Meer Ibraheem) جنگ دوران ڀڄي جان بچائي هئائين. پيرن جي ترين تي ٿيل لائي وٺي جو ڀاڄ ڪئي هئائين ته ڳوٺ پڄڻ تائين لوڻو ڦيرائي پوئتي ڪونه ڌٺو هئائين. پوءِ ته ڀٽن ۽ ڀانن، سُرندن ۽ سارنگين تي وٺي سندس ڀاڄ ۽ ڊڄڻائپ کي کنيو جو هو گهر کان ٻاهر نڪري ڪونه ٿي سگهيو ۽ جڳ جهان کان نڪ لڪائي ويهي رهيو هو. هن، ڀانن مان جند ڇڏائڻ لاءِ پاڻي جيان پئسا هاريا هئا جيڪي هن جي حويليءَ جي در تي بيهي سندس ڀڄڻ جو قصو پٽيندا هئا. لَڄ کان مير ڪنڌ هيٺ ڪندو هو ته مٿي ڪونه ڪندو هو. ان ڪري مير ابراهيم ڊزن کن ڀٽن ۽ ڀانن کي گهر ويٺي اَڏي ڇڏيو. تنهن ڪري هاڻي اهي مير ابراهيم جي مياڻيءَ جي جنگ (Meeanee/Miyaanni jee jang) يا (Battle of Meeanee) مان ڀڄي اچڻ جي قصي کي بيان ڪونه ڪندا آهن.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ سنڌ منهنجي نظر ۾، ليکڪ؛ رچرڊ ايف برٽن، سنڌيڪار؛ عطا محمد ڀنڀرو