ميرن ۽ انگريزن وچ ۾ عهدنامون

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

20 اپريل 1838ع تي ميرن ۽ انگريزن وچ ۾ عهدنامون (Meeran aein Angrezan wich mein Uhidnaamoon) ٿيو. جنهن مطابق انگريزن کي اجازت ڏني وئي هئي ته اهي روسي خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ سنڌ رستي افغانستان ڏانهن فوجون موڪلي سگهن ٿا ۽ پنهنجا جنگي جهاز ۽ ڪراچي، سنڌ ۾ رکي سگهن ٿا. [1] ڇو سنڌ جا حڪمران به زنجيت سنگهه پاران ايندڙ اوچتي ڪاھ ۽ افغانستان کي ڏن ڏيڻ جي حوالي سان پريشان هئا. تنهنڪري سنڌ جي حڪمرانن به ايران جي وسيلي فرانس ۽ ٻئي پاسي انگريزن سان لاڳاپا ٺاهڻ جي جاکوڙ شروع ڪئي. مير غلام علي جي خواهش هئي ته فرانس جي بدران انگريزن کان مدد ورتي وڃي. تبديل ٿيندڙ وايو منڊل ۾ ڪمپني بهادر ۽ سنڌ جي حڪمرانن اهو پئي چاهيو ته سندس وچ ۾ ختم ٿيل لاڳاپا ٻيهر ٺيڪ ٿين ۽ انگريز سرڪار کي افغانستان تي ڪاھ لاءِ سنڌ مان پنهنجون فوجون به گذارڻيون هيون. انگريزن کي روس جي وڌندڙ ايراني اثرن مان به الڪو ٿي پيو هو. نيپولين بونا پارٽ جيڪو انگريزن جو وڏو ويري هو تنهن کي قابو ۾ رکيو وڃي. انهيءَ ڪري انگريزن کي سنڌ جي ميرن سان بچاءُ ۽ مدد ڪرڻ جو عهدنامو 1808ع ۾ ڪرڻو پيو. جيڪا ٻنهي حڪمرانن جي مجبوري هئي. اهو معاهدو 21 آگسٽ 1808ع ۾ سيٽن ۽ مير غلام علي جي وچ ۾ ٿيو. معاهدي ۾ انگريز ميرن سامهون مجبور هئا. تنهنڪري هڪ ٻئي معاهدي لاءِ هئنڪي اسمٿ جي اڳواڻي ۾ 200 ماڻهن تي ٻڌل هڪ وفد 1809ع ۾ پرنس آف ويلس جهاز ۽ ٽن هٿياربند ٻيڙين سميت بمبئيءَ کان ڪراچي روانو ٿيو. هئنڪي سان وفد ۽ ڊاڪٽر کانسواءِ نيوي آفيسر ليفٽيننٽ مئڪس ويل، ليفٽيننٽ ٽيلر، پوٽنجر ۽ ڪرائسٽي گڏ هئا. وفد ۾ 30 ڄڻن جو فوجي دستو به شامل هو. 9 مئي 1809ع تي اهو قافلو ڪراچي بندر تي پهتو. هئنڪي اسمٿ، ليفٽيننٽ مئڪس ويل وسيلي ڪراچيءَ جي گورنر عبدالله خان لغاري ڏانهن پيغام موڪليو ته بندر تي لهڻ لاءِ رهبر ٻيڙي موڪلي وڃي. [2]

حوالا[سنواريو]

  1. گل حيات انسٽيٽيوٽ پاران ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ
  2. ڪتاب؛ سنڌ بابت انگريزن جي اختيار ڪيل حڪمت عملي, ليکڪ؛ عطا محمد ڀنڀرو