ميراڻي ڊيم
Mirani Dam | |
---|---|
Meerani Dam | |
سرڪاري نالو | میرانی ڈیم |
ملڪ | Pakistan |
جڳهه | Kech District, Balochistan |
مڪانيت | 25°56′28″N 62°41′36″E / 25.94111°N 62.69333°E |
موجوده حالت | In use |
تعميراتي شروعات | 8 July 2002[1] |
جُڙي راس ٿيو | October 2006 |
مالڪ | Government of Pakistan |
هلائيندڙ | WAPDA |
بند ۽ سلپ وي | |
ڊيم جو قسم | Concrete-faced rock-filled |
بند جي جاءِ | Dasht River |
اوچائي | 127 ft (39 m)[2] |
ڊيگھ | 3٬350 ft (1٬020 m) |
Width (base) | 35 ft (11 m) |
تلاءُ ۽ گنجائش | |
Creates | Mirani Reservoir |
مجموعي گنجائش | (302٬000 acre·ft (373٬000٬000 m3) |
Inactive capacity | (150٬000 acre·ft (190٬000٬000 m3) |
Catchment area | 134 Sq.kilometre Power generation capacity=117 MW |
Normal elevation | 244 فٽ (74 ميٽر) Above Mean Sea Level[3] |
”ميراڻي ڊيم“ (اردو: میراني ڈيم) پاڪستان جي صوبي بلوچستان جي ڪيچ ضلعي ۾ مرڪزي مڪران رينج جي ڏکڻ ۾ دشت نديءَ تي آهي. ان جو 302,000 ايڪڙ فوٽ ذخيرو ڪيچ درياءَ ۽ نهنگ نديءَ ذريعي کارايو وڃي ٿو. ميراڻي ڊيم جولاءِ 2006ع ۾ مڪمل ٿيو.[1]
تعارف
[سنواريو]ميراڻي ڊيم تربت شهر کان 48 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي ڏکڻ اولهه طرف دشت درياءَ مٿان تعمير ڪيل آهي. ايران مان ايندڙ نهنگ ۽ بلوچستان مان ايندڙ ڪيچ ڪور (مقامي ٻوليءَ ۾ ڪور نديءَ کي چيو وڃي ٿو) جتي پاڻ ۾ گڏجن ٿيون، اتان هڪ وڏو درياءُ دشت جنم وٺي ٿو. ٻنهي دريائن جي سسٽم کان اٽڪل 7 ڪلوميٽر هيٺ پهاڙن جي وچ ۾ ميراڻي ڊيم واقع آهي. واپڊا طرفان ملڪ ۾ پاڻيءَ وارن وسيلن جي ترقيءَ واري پروگرام ”2025 vision“ هيٺ 8 جولاءِ 2002ع تي هن ڊيم جي اڏاوت جو ڪم شروع ٿيو. 2002ع ۾ منظور ڪيل پي سي ون مطابق ڊيم جي اڏاوتي ڪم جو ڪُل ڪاٿو 5 ارب 81 ڪروڙ رپيا لڳايو ويو هو. جنهن ۾ 2 ارب 29 ڪروڙ رپيا پرڏيهي قرض پڻ شامل آهي. هن ڊيم ۾ پاڻي ڪٺو ڪرڻ جي مجموعي گنجائش 4 لک ٻه هزار ايڪڙ فوٽ آهي، جنهن ۾ ڏيڍ لک ايڪڙ فوٽ پاڻي هر وقت موجود رهڻو آهي. جڏهن ته استعمال جوڳو پاڻي 152000 ايڪڙ فوٽ آهي. ڊيم جي ڪل اوچائي 127 فوٽ آهي. ڊيم جي اوچائي تي ان جي ڊيگهه 3 هزار 350 فوٽ آهي ۽ ويڪر 35 فوٽ اٿس. پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ ڏنل دڪي (Spillway) جي ڊيگهه 344 فوٽ آهي. (جيڪا بعد ۾ وڌائي 600 فوٽ ڪئي وئي) ڊزائين مطابق اتان 3 لک 84 هزار ڪيوسڪ پاڻي گذارڻ جي گنجائش ڏنل آهي. هن ڊيم جو بنيادي مقصد دشت جي علائقي ۾ 33 هزار ايڪڙ غير آباد زمين کي آباد ڪرڻ ڄاڻايو وڃي ٿو. ان مقصد لاءِ ڊيم مان ٻه ننڍا واهه ڪڍيا ويا آهن، جن جي ڪُل گنجائش 377 ڪيوسڪ آهي. جنرل پرويز مشرف هن ڊيم جو افتتاح 16 نومبر 2006ع تي ڪيو.
ميراڻي ڊيم جو ٻوڏ آڻڻ ۾ ڪردار
[سنواريو]26 ۽ 27 جون جي وچ واري رات طوفان برسات جي نتيجي ۾ نهنگ ۽ ڪيچ ندين ۾ غير معمولي چاڙهه آيو. اهي ٻئي نديون جڏهن دشت درياءَ وٽ ڇوڙ ڪرڻ لڳيون ته 7 ڪلوميٽر هيٺ پاڻيءَ سان ڀريل ميراڻي ڊيم انهن جي وهڪري اڳيان رڪاوٽ بنجي ويو. نتيجي ۾ ڪيچ ۽ نهنگ نديون ۽ منجهن ڇوڙ ڪندڙ ننڍيون وڏيون انيڪ نديون ابتيون وهڻ لڳيون. اٽڪل 5 3 ڪلوميٽرن تائين وڏي چاڙهه سان موٽندڙ انهن ندين ٻنهي طرف اٿلي وستيون ٻوڙڻ شروع ڪيون. واپڊا جي ڪنسلٽنٽ فرم نيسپاڪ (جيڪا ڊيم جي اڏاوت لاءِ ذميوار آهي) موجب 26 جون تي ڊيم مٿان پاڻيءَ جي سطح 271.44 فوٽن تائين پهچي وئي هئي. (هيءَ سطح سمنڊ جي سطح جي نسبت آهي، جنهن کي RL يعني Reduced Level چيو ويندو آهي.) ان وقت ڊيم جو اسپل وي اٽڪل ساڍا ٽي لک ڪيوسڪ پاڻي نيڪال ڪري رهيو هو. جڏهن ته نيسپاڪ جي انجنيئرن چواڻي ان وقت دشت درياءَ جو وهڪرو 8 لک ڪيوسڪ کان به وڌيڪ هو. ان بنياد تي واپڊا ۽ نيسپاڪ جو خيال آهي ته جيڪڏهن ڊيم نه هجي ها ته اٺ لک ڪيوسڪ پاڻي دشت درياءَ ۾ ڊيم جي هيٺين طرف وڏي تباهي مچائي ها. مقامي آباديءَ جي رهواسين ۽ سول سوسائٽي جي ادارن جو چوڻ آهي ته ڊيم جي اڏاوت وقت چيو ٿي ويو ته جڏهن اسپل وي 244 RL فوٽ تي وهندو ته پاڻي 5 3 ڪلوميٽرن تائين موٽ کائيندو. انهن علائقن کي ميراڻي ڊيم جي متاثرين ۾ ڄاڻائي ڪجهه معاوضو به ڏنو ويو هو، پر مقامي آباديءَ جي رهواسي توڙي آبپاشي کاتي جي عملدارن جو چوڻ هو ته جابلو ٻوڏ جي سطح جي اڳڪٿي ڪرڻ آسان ڪم ناهي، تنهن ڪري گهٽ ۾ گهٽ 264 RL فوٽ تائين جي رهواسين کي متاثرين ۾ شامل ڪري معاوضو ڏئي متبادل ماڳن ڏانهن منتقل ڪيو وڃي. گهڻي بحث مباحثي کان پوءِ واپڊا جا ڪنلسٽنٽس 264 RL جي رهواسين جو سروي ڪرڻ لاءِ راضي ٿيا. اڃا انهن ماڻهن کي معاوضو نه مليا هئا ۽ هو منتقل نه ٿي سگهيا هئا ته ٻوڏ جي آفت سندن سڀ ڪجهه اجاڙي ڇڏيو. جيڪڏهن واپڊا شروع کان ئي مقامي رهواسين جي ساڃهه کي مان ڏئي ها ته شايد ايڏي وڏي انگ ۾ ماڻهو بي گهر نه ٿين ها.
ميراڻي ڊيم هٿان ٿيل ان برباديءَ جا ٻه ٻيا فني سبب پڻ ڄاڻايا وڃن ٿا. 1956ع ۾ جڏهن هن ڊيم جي فزيبلٽي رپورٽ پهريون ڀيرو تيار ڪئي وئي هئي، تڏهن ان جي اوچائي 127 بجاءِ 80 فوٽ ڄاڻائي وئي. بعد ۾ وڌيڪ پاڻي ڪٺو ڪرڻ خاطر ان جي اوچائي وڌائي 7 2 1 فوٽ ڪئي وئي. جيڪڏهن مقامي رهواسين جي خدشن کي مان ڏيندي واپڊا ان جي اوچائي 80 فوٽ رهڻ ڏي ها ته ڪيچ جا رهواسي ان بدترين برباديءَ کان بچي وڃن ها.
ساڳيءَ ريت ڊيم جي اسپل وي کي 600 فوٽن تائين محدود رکڻ سبب پڻ ان جي ٻوڏ واري وهڪري کي نيڪال ڪرڻ واري صلاحيت محدود رهي. مقامي رهواسين جو چوڻ آهي ته هو واپڊا وارن کي شروع کان چوندا رهيا هئا ته اسپل وي جي ڊيگهه گهٽ ۾ گهٽ 1200 فوٽ رکي وڃي، پر واپڊا سندن راءِ کي ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو. هاڻ هن برباديءَ کان پوءِ واپڊا جا ڪنسلٽنٽ موجوده اسپل وي کان ڪجهه پرڀرو پهاڙن کي ڪٽي هڪ نئين اسپل وي تعمير ڪرڻ جي سفارش ڪري رهيا آهن. 600 فوٽن جو نئون اسپل وي 255 RL فوٽن تي تعمير ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي ته جيئن ٻوڏ جي چاڙهه سبب ٻيون اسپل وي وڌيڪ پاڻي نيڪال ڪري سگهي.
واپڊا جي هڪ عملدار پاڻ اهو مڃيو ته، 26 ۽ 27 جون جي وچ واري رات جڏهن پاڻيءَ جي سطح 271 RL تي پهچي وئي ۽ ڊيم جي ڀت صرف 3 فوٽ مٿي رهجي وئي ته هنن سڀ هٿيار ڦٽا ڪري ڊيم کي فطرت جي حوالي ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي ڪجهه عملدارن اها پڻ راءِ ڏني ته فيوز پلگ جي مدد سان اسپل وي جو ڪجهه حصو اڏائي وهڪرو وڌائجي، پر ان صورت ۾ خدشو هو ته ڊيم جي مکيه ديوار پڻ ٽُٽي وڃي، جنهن سان ڊيم جي هيٺاهين طرف وڏي بربادي اچي ها ۽ ممڪن هو ته ٻوڏ جو پاڻي گوادر شهر کي به ٻوڙي ڇڏي ها. علائقي جي رهواسين جي راءِ آهي ته ڊيم جي رڪاوٽ ۽ ان جي غلط ڊزائين سبب دشت نديءَ جي اٿلندڙ وهڪري سبب ڪيچ ۽ نهنگ نديءَ وڏي پيماني تي بربادي مچائي آهي. جيڪڏهن ڊيم جي اها رڪاوٽ موجود نه هجي ها ته پاڻي دشت درياءَ جي ڀيٽ ۾ وهڪرو ڪري جيوڻيءَ وٽ سمنڊ ۾ وهي وڃي ها. هو واپڊا جي ان راءِ سان سهمت ناهن ته ڊيم جي غير موجودگيءَ ۾ هيٺاهين تي وڌيڪ نقصان ٿئي ها. جيڪڏهن ڊيم جي 127 فوٽ اوچي ديوار پاڻيءَ کي نه روڪي ها ته اهو وهڪرو ڪٺو ٿيڻ بجاءِ لڳاتار وهي هليو وڃي ها ۽ ان جي شدت به لڳاتار وهڪري سبب گهٽ رهي ها. ان کان سواءِ 1998ع ۾ آيل وڏي ٻوڏ کان پوءِ هيٺاهين وارن علائقن جي رهواسين پاڻ کي اوچائيءَ وارن ماڳن ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيو هو، جنهن ڪري ڊيم جي غير موجودگي ۾ هيٺاهين تي ايڏي وڏي تباهي اچڻ جو امڪان گهٽ هو.
واپڊا پنهنجي روايتن موجب ڊيم سان لاڳاپيل اهم دستاويز عوامي پهچ کان پري رکيا آهن. ايتري قدر جو آبپاشي کاتو، جنهن کي اڳتي هلي اهو ڊيم سنڀالڻو آهي، ان جي مقامي عملدارن کي به پي سي ون وارو دستاويز مهيا ناهي ٿيل. اهو ڪنهن کي به معلوم ناهي ته ٻوڏ جي ڪهڙي رڪارڊ کي حوالو بنائي واپڊا اهو طئي ڪيو ته 4 4 2 RL فوٽ کان وڌيڪ جي ٻوڏ 0 0 2 سالن ۾ هڪ ڀيرو ئي اچي سگهي ٿي. جڏهن ته ان کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ شديد ٻوڏ ڊيم ٺهڻ جي نون مهينن اندر اچي وئي. ساڳي طرح هن رٿا جي ماحولياتي اثر ڪٿ (Environmental Impact Assessment) بابت پڻ سول سوسائٽي، واپڊا جا ڪنسلٽنٽ ۽ آبپاشي کاتي جا مقامي عملدار اڻ ڄاڻ آهن. ڪنهن کي به ان جي عوامي ٻڌڻي (Public Hearing) بابت ڄاڻ ناهي، جيڪا EIA جي عمل جو لازمي ۽ اهم ترين مرحلو آهي. ان مان صاف ظاهر آهي ته ڊيم جي يا ته EIA بنهه ڪرائي نه وئي هئي يا وري رسم پوري ڪرڻ لاءِ ڪو ستاويز تيار ڪرائي اندروني طور ان کي منظور ڪرايو ويو هجي. هونءَ به هن ملڪ ۾ جعلي EIA ڪندڙ ڪنسلٽنٽ ۽ ان جي منظوري ڏيندڙ EPAs جي ڪا کوٽ ناهي. ان مرحلي نه ٿيڻ سبب رهواسين جا اهي خدشا ڪٿي به رڪارڊ نه ٿي سگهيا ۽ انهن جي روشني ۾ ڊزائن ۾ ڪي اهڙيون تبديليون به نه ڪيون ويون، جنهن سان ان برباديءَ کان بچڻ يا ان جي گهٽائڻ جا امڪان ٿي سگهن ها. جيتوڻيڪ واپڊا ۽ ان جا ڪنسلٽنٽس ان ڳالهه تي خوش آهن ته ايڏي وڏي ٻوڏ جي باوجود ڊيم جو اسٽرڪچر محفوظ رهيو آهي، پر هو ان بابت ڪجهه به نه ٿا ٻڌائن ته هن ٻوڏ سبب ڊيم جي عمر ڪيتري گهٽ ٿي آهي. نيسپاڪ جي هڪ انجنيئر موجب هن ڊيم جي عمر ڊزائين موجب 50 سال آهي. جڏهن ته آبپاشي کاتي جي هڪ عملدار اهو عرصو 30 سال ٻڌايو. تازي ٻوڏ جي نتيجي ۾ ڊيم اندر ڪيتري لٽ داخل ٿي آهي ۽ اها ڊيم جي زندگيءَ کي ڪيترو گهٽائي سگهي ٿي، ان بابت واپڊا جا عملدار ڪجهه به نٿا ٻڌائن. ان مان اهو پڻ انديشو آهي ته جيڪڏهن ڊيم وقت کان اڳ لٽجي ويو ته واپڊا وارا اڳتي هلي منگلا ڊيم جيان ميراڻي ڊيم جي ڀت کي اوچو ڪرڻ جو منصوبو به آڻي سگهن ٿا، جنهن سان ٻوڏ جي نتيجي ۾ وڌيڪ برباديءَ جو به انديشو آهي. مقامي رهواسين جو چوڻ آهي ته هي ڊيم دراصل دشت جي علائقي ۾ زمينون آباد ڪرڻ لاءِ نه، پر گوادر جي نئين پورٽ سٽي جي صنعتي ۽ رهائشي علائقن جي ضرورتن لاءِ تعمير ڪيو پيو وڃي. سندن چوڻ آهي ته جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته 1956ع کان فزيبلٽي تيار هجڻ باوجود اهو ڊيم هينئر تائين تعمير ڇو نه ٿي ڪيو ويو، جڏهن ته مڪران بيلٽ ۾ ڪو به سرداري نظام موجود ناهي، جنهن کي سرڪار بلوچستان جي ترقيءَ ۾ رڪاوٽ قرار ڏيندي آهي.
ميراڻي ڊيم هٿان آيل ٻوڏ جي تباهيءَ اهو ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته نه رڳو وڏا ڊيم، پر ننڍا ڊيم پڻ غلط رٿا بندي ۽ غلط ڊزائين سبب علائقي جي رهواسين لاءِ وڏيون برباديون آڻي سگهن ٿا. جيڪڏهن ميراڻي ڊيم جهڙو ننڍو ڊيم (ميراڻي ڊيم جهڙا اٽڪل 20 ڊيم گڏجي هڪ ڪالاباغ ڊيم برابر ٿيندا) ايڏي وڏي تباهي آڻي سگهي ٿو ته پوءِ هڪ وڏو ڊيم ڪيڏي وڏي برباديءَ جي صلاحيت رکندو هوندو. ساڳي طرح ايل بي او ڊي جيان ميراڻي ڊيم جي ڪيل نقصان اهو پڻ ثابت ڪيو آهي ته جيڪڏهن مقامي رهواسين جي ڏاهپ ۽ سندن خدشن کي رٿابنديءَ جو حصو نٿو بنائجي ته ان جا به اڳتي هلي ڪيڏا وڏا نقصان ٿين ٿا، جن جو پورائو رڳو کوکلن وضاحتي بيانن سان نه ٿو ڪري سگهجي.
ھي مضمون ڪچو مضمون آھي. توھان وڪيپيڊيا جي مدد ڪري سگھو ٿا ان کي سنواري. |
حوالا
[سنواريو]- ↑ 1.0 1.1 "Mirani Dam". Scribd.com. حاصل ڪيل 2013-11-20.
- ↑ حوالي جي چڪ: Invalid
<ref>
tag; no text was provided for refs namedyemyin
- ↑ "Mirani Dam project" (en ۾). DAWN.COM. 14 April 2003. https://www.dawn.com/news/94556.