ميثاقِ مدينه

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

يهودين قرآن پاڪ جي انهيءَ تنقيد جي مخالفت نه ڪئي، اڃا به جڏهن انهن ڏٺو ته اوس ۽ خزرج وارن جي پاڻ ۾ ويڙهه ۽ جھيڙو ختم ٿي ويو آهي ته انهن به رسول الله ﷺ جن سان دوستيءَ لاءِ نيت ظاهر ڪئي ۽ هڪڙو ٺاهه تيار ٿي ويو. انهيءَ ٺاهه جو آخري جملو ڏاڍو اهم آهي، جنهن مطابق پاڻ ڪريم ﷺ جن هڪ اهڙي امت (Nation) جا قاضي، حڪم ۽ امير سڏيا ويا، جنهن ۾ خدا پرست مسلمانَ ۽ خدا پرست يهودي بچاءُ (دفاعي) مقصد جي لاءِ گڏجي پيا هئا. انهيءَ ٺاهه کي مديني جي ڀرپاسي ۾ رهندڙ قبيلن تي به لاڳو ڪيو ويو ته اهي سڀئي هڪڙي گڏيل سياسي مقصد جي لاءِ هڪڙي امت بڻجي پيا، فردوه الي الله و الرسول.

ميثاقِ مدينه هڪ اهڙي پيڙهه هئي، جنهن تي مختلف مذهبن جا پيروڪار پاڻ ۾ گڏجي هڪ عالمي حڪومت قائم ڪري سگھن ٿا. يورپ وارن ته گڏيل انسانيت جي مقصد لاءِ پنهنجي جوڙجڪ مان مذهب کي ٻاهر ڪڍي ڦٽو ڪري ڇڏيو، پر اهي انهيءَ هوندي به ڪامياب نه ٿي سگھيا، ڇو ته مذهبن جي گروهه بندي ۽ نئين مهانڊي جي ڪري پيدا ٿيندڙ اختلافن انساني اتحاد جي امڪانن کي ختم ڪري ڇڏيو. پر اسان ڏسون ٿا ته مديني واري ميثاق ۾ مذهبي اختلاف سان ڪابه ڇيڙ ڇاڙ نه ڪئي وئي، اڃا به ان کي جيئن جو تيئن قائم رکندي امن، محبت ۽ ڀائيبندي وارن مقصدن تي گڏجي پوڻ لاءِ اتساهيو ويو. مسلمانن پنهنجي سڄي تاريخ ۾ مديني واري ميثاق جي مثال مان تمام گھٽ ۽ ٿورو فائدو ورتو. عالمي حڪومت ۽ انساني وحدت جي جوڙجڪ جي لاءِ ڪنهن به قسم جي ڪوشش نه ڪئي وئي، جڏهن ته اهو ئي ختم نبوت جو مقصد هو.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب؛ انقلابِ مڪا