ميان عبدالجبار
ميان عبدالجبار، ميان عبدالرحمان جو ننڍو ڀاءُ ۽ حافظ محمد يعقوب جو پٽ هو. هي 17 سيپٽمبر 1883ع تي، ڪراچيءَ ۾ ڪچهري روڊ تي سندن والد جي رهائش واريءَ جاءِ ۾ ڄائو هو. ابتدائي ۽ سيڪنڊري تعليم سنڌ مدرسي ۾ ورتائين. پوءِ ڪجهه وقت لاءِ سنڌ مدرسي ۾ ماستر ٿي رهيو، جتي مرحومميان نور محمد وڪيل، قاضي عبدالقيوم، مير مقبول خان لسٻيلي وارو ۽ ٻيا ڪيترا صاحب هن وٽ پڙهيا، جي پوءِ کيس استاد ڪري سڏيندا هئا. سال 1908ع ۾ بمبئي هاءِ ڪورٽ جي وڪالت جو امتحان پاس ڪري، حيدرآباد شهر ۾، پنهنجي ڀاءُ مسٽر عبدالرحمان جي 1909ع ۾ ولايت وڃڻ وقت، رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙيءَ جي فرم ۾ وڪالت جي پرئڪٽس شروع ڪيائين. ٿوري وقت گذرڻ بعد 1911ع ڌارينور بلڊنگ حيدرآباد ۾ پنهنجي جدا آفيس کوليائين، ۽ وڪالت ۾ ڪافي شهرت حاصل ڪيائين. 1919ع ۾ جڏهن خلافت تحريڪ شروع ٿي ته ميان عبدالجبار ان ۾ نمايان حصو ورتو، ۽ 1920ع ڌاري پاڻ خلافت ڪاميٽيءَ جي جنرل سيڪريٽريءَ جي عهدي تي پهچي چڪو هو. جڏهن خلافت ۽ ڪانگريس طرفان سرڪار سان عدم تعاون جي هلچل شروع ٿي ته هن مولانا محمد عليءَ جي حڪم موجب، پنهنجي وڪالت جي سند جڊيشنل ڪمشنر سنڌ کي موٽائي ڏني. پوءِ گذر معاش لاءِ مختلف ڌنڌا ڪندو رهيو ان کان پوءِ هو خلافت ۽ ڪانگريس جو سرگرم ڪارڪن ٿي ڪم ڪرڻ لڳو. انهيءَ سلسلي ۾ 1921ع ۾ هو چند مهينن لاءِ جيل به ويو هو. 25-1924ع ۾ جڏهن خلافت ۽ ڪانگريس تحريڪون هندو- مسلم اختلافن ۽ ٻين سببن ڪري سرد پئجي ويون ته هن وري وڪالت شروع ڪئي ۽ 1940ع تائين وڪالت ڪندو رهيو. هو آل انڊيا خلافت ڪميٽيء ۽ آل انڊيا ڪانگريس ڪاميٽيءَ جو ميمبر به رهي چڪو هو، ۽ انهيءَ سلسلي ۾ کيس ڪيترا دفعا هندستان جي مختلف جاين تي ٿيندڙ اجلاسن ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ وڃڻو پيو هو ۽ ڪيترن ئي وڏن قومي ڪارڪنن سان واقفيت ٿي هيس. ڪجهه وقت هو صوبي سنڌ ڪانگريس ڪميٽيءَ جو صدر به رهيو هو. جڏهن ڪانگريس وارن کي لوڪل باڊيز ۾ گهڙڻ جي اجازت ملي ته مسٽر عبدالجبار 1926ع ۾ حيدرآباد ڪئنٽونمينٽ بورڊ جو ميمبر چونڊجي ڪم ڪرڻ لڳو ۽ 1932ع ڌاري ان جو وائيس پريزيڊنٽ ٿيو- پريزيڊنٽ ملٽري عملدار هوندو هو. 1933ع ۾ هڪ سال لاءِ حيدرآباد ميونسپالٽيءَ جو به ميمبر ٿي ڪم ڪيائين. 1943ع ڌاري جڏهن مسلم ليگ جي هوا زور وٺڻ لڳي ته سندس ساٿيپير غلام مجدد سرهنديءَ سان گڏ مسلم ليگ ۾ داخل ٿي ڪم ڪرڻ لڳو. 1947ع ۾ جڏهن پاڪستان قائم ٿيو ۽ ان جي نتيجي ۾ لکين پناهگير سنڌ ۾ اچڻ لڳا ته ميان عبدالجبار، حاجي سيد علي اڪبر شاھ ۽ ٻين سان گڏ، حيدرآباد ۾ ”جامع عربيه“ قائم ڪرڻ ۾ حصو ورتائين. اول ان جي عمارت ٻاهر ميونسپل باغ حيدرآباد جي پٺيان هئي ۽ پوءِ تلڪ چاڙهيءَ وٽ ٿي. 1948ع کان، طبيعت ٺيڪ نه رهڻ سبب هو رٽائر ٿي خاموش زندگي گذارڻ لڳو. 17 ڊسمبر 1949ع مطابق، 25 صفر 1369ھ تي ميان عبدالجبار حيدرآباد شهر ۾ وفات ڪئي. کيس پنج پٽ: 1. ميان عبدالجليل، 2. ميان شاڪر مصطفيٰ، 3 ميان محمد يعقوب، 4. صابر مصطفيٰ، ۽ 5. ميان لطف الله ۽ ٽي نياڻيون ٿيون. ميان عبدالجليل 24 نومبر 1912ع تي حيدرآباد شهر ۾ ڄائو هو، جتي پڙهي، 1940ع ۾ ايل . ايل. بي پاس ڪري وڪالت ڪرڻ لڳو. 5 سيپٽمبر 1965ع تي وفات ڪيائين. هو هڪ تجربيڪار وڪيل ۽ حيدرآباد جي ”سنڌ لا ڪاليج حيدرآباد“ جو پرنسپال هو. ميان شاڪر مصطفيٰ پاڪستان جي انفارميشن کاتي ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر رھيو. ميان محمد يعقوب ۽ صابر مصطفيٰ زمينداري ۽ تجارت ڪئي ۽ ميان لطف الله کي حيدرآباد ميوسنپالٽيءَ ۾ نوڪري ھئي. سندس هڪ نياڻي قاضي عبدالرحمان، چيف آفيسر لوڪل بورڊ ڪراچيءَ جي گهر ۾ ۽ ٻي قاضي يار محمد ولد محمد روشن هالن واري جي گهر ۾ هيون. سندن شادي 18 ۽ 19 اپريل 1929ع تي ٿي.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ ڪتاب: جنب گذاريم جن سين;مصنف:جي.ايم.سيد:ايڊيشن:2004ع.ڇپيندڙ؛سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو