مواد ڏانھن هلو

موت جي وادي جا پراسرار پٿر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

پراسرار پٿر ڊيٿ ويلي (موت جي وادي) آمريڪي رياست ڪيليفورنيا جي صحرائي/ريگستاني وادي ۾ ريس ٽريڪ پلايا جي علائقي ۾ هڪ پراڻي ۽ خشڪ ٿيندڙ شاخ جي تھ ۾ پراسرار نموني چرپر ڪندا آهن، جن جي تعداد درجنن ۾ آھي. انھن پٿرن جي هلڻ ڦرڻ جا نشان اتي موجود آهن ۽ ڏيڍ هزار فٽ تائين جا نشان بہ موجود آهن پر ڪڏهن بہ ڪنھن انھن کي هلندي ناهي ڏٺو، اهي ھميشہ ساڪن رهندا آهن. وڏا نشان جيڪي ڪڏهن سڌي لڪير جي صورت ۾ آھن، تہ ڪڏهن موڙيل ڪڏهن ائين جيئن هلندي وقت ڪنھن موڙ ڪٽيو هجي.

سائنسي تجربا ۽ پٿرن چرپر بابت تحقيق

[سنواريو | ذريعو سنواريو]

توانائي جي پراسرار ۽ اڻڄاڻ فيلڊ يا پراسرار مخلوق جھڙين ڪھاڻين کان اڳتي وڌي ڪري وضاحت ڪرڻ جي پھرين ڪوشش 1948ع جي ٻن جيولاجسٽس ڪئي، مڪ ايلسٽر ۽ ايلن ايگنيو تجويز ڪيو تہ هتي مينھن جو پاڻي بيھجي ويندو آهي، ان وقت هلندڙ طوفان انھن کي حرڪت ۾ آڻي سگهي ٿو. چئن سال کان پوءِ ان تي ڪيو ويندڙ هڪ تجربو جيڪو جھاز جي پرن جي مدد سان ڪيو ويو هيو مثبت يا منفي نتيجا نہ ڏئي سگهيو. اھو تجربو ان ڪري بہ پوري وضاحت نہ ڪري سگهيو جو ڪيترا ئي پٿر ٽي سئو ڪلو گرام تائين وزن رکندڙ هيا.

ستر جي ڏهاڪي ۾ رابرٽ شارپ ۽ ڪيري جن ڪيترائي سال وقت ۽ محنت لڳائي ۽ ان اسرار کي سمجهڻ لاءِ تجربا ڪيا. ھي تجربا برف تي ڪيا ويا هيا، انھن ڪيترن ئي سالن ۾ 30 پٿرن جي حرڪت نوٽ ڪئي تہ ڇا انھن پٿرن کي برف چرپر ڏيندي آهي. ان جو تجربو ڪرڻ لاءِ ھنن ٻيھر پٿرن جي ويجهو هڪ ڪاٺي لڳائي پر ڪجهہ پٿر پوءِ بہ حرڪت ڪري ويا آئس شيٽ ٿيوري غلط ثابت ٿي وئي

بعد ۾ انجو جواب ڳولڻ ۾ سائنسدانن کي زمين کان ٻاهر استعمال ٿيندڙ اصولن کان مدد وٺڻي پئي.

ناسا جي سائنسدانن رالف لورينز کي ان وادي تي تحقيق ۾ دلچسپي هئي ڇاڪاڻ تہ ان جي سطح زحل سياري جي چنڊ ٽائٽن سان هڪجھڙائي رکندڙ هئي. ان تحقيق جي دوران انھن انن پٿرن جي راز کان پڙدو لاهڻ جو سوچيو. پھريون تجربو انھن پنھنجي ليبارٽري ۾ سيٽ ڪيو ٻي پاسي ڪجهہ پٿرن تي جي پي ايس ٽريڪر لڳايو ۽ انھن جو راز کوجي ورتو.

ٿڌي رات ۾ پٿرن جي ويجهو نمي (گِهم) ڄمي برف ٿي ويندي آهي، برف جو تھ زمين تي ۽ پٿرن ۾ گاٺ (Friction) کي گهڻو گهٽ ڪري ڇڏيندو آهي ان دوران تيز هلندڙ هوا آساني سان پٿرن کي سرڪائيندي يا ڌڪيندي ھئي ۽ تيز هوا وڏي فاصلي تائين ائين ڪري سگهي ٿي. ڇوجو برفاني تھ سنهڙو هيو ان لاءِ پٿرن جي حرڪت خشڪ گپ تي نشان ڇڏيندي پئي وئي. ان تجربي آئس رافٽ ٿيوري کي صحيح ثابت ڪري وڏي پيماني تائين ان راز جي وضاحت ڪري ڇڏي تہ پٿر ڪيئن ٿا پنڌ ڪن. لورينز ۽ انجي ٽيم 2011ع ۾ پنھنجو نتيجو پڌرو ڪيو. هوا، پاڻي، برف ۽ وقت انجو صحيح ملاپ انھن پراسرار نشانين جو راز هيو.

ان وادي ۾ گهمڻ لاءِ ايندڙ ماڻهو اڃان بہ ان سان جوڙيل پراسرار ڪھاڻين کي ترجيح ڏيندا آهن. گائيڊ وان والڪن برگ جو چوڻ تہ ماڻهو پڇندا آهن تي هي پٿر چرپر ڇو ڪندا آهن جڏهن اوهان جواب ڏيڻ جي ڪوشش ڪندا تہ هر ڪو ساڳيو جواب ناهي ٻڌڻ چاهيندو ڪيترا ئي ماڻهو اسرار پسند ڪندا آهن اهڙا سوال چاهيندا آهن جن جا جواجواب نہ هجن.