منھنجو ساگر منھنجو ساحل

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

الطاف شيخ جو پهريون سفرنامو ”منهنجو ساگر منهنجو ساحل “ آهي، هي سفرنامو پهريون ڀيرو 1971ع ۾ ڇپيو، ٻيو ڀيرو 1977ع ۽ ٽيون ڀيرو 1982ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو، الطاف شيخ جي هن سفرنامي ۾ سندس پياري دوست ڊاڪٽر سليمان شيخ ڏانهن لکيل اهي سترنهن خط آهن، جيڪي هن پنهنجي سفر جي دوران، سامونڊي سفر جي تڪليفن، مختلف شهرين جي سير دوران اتان جي سياسي، سماجي، تاريخي، مذهبي ۽ قومي حالتن بابت ڄاڻ، مختلف قومن جي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي، پيار محبت، عشق ۽ آزادي جهڙن موضوعن بابت لکيا آهن، هي ڪتاب لکڻ وقت الطاف شيخ ميرين انجنيئر هو، هن سفرنامي ۾ الطاف شيخ پاڻ سان گڏ ڪم ڪندڙ ساٿين بابت به ڄاڻ ڏني آهي، انهن بابت مزيدار ڳالهين جي جهلڪ به محسوس ڪري سگهجي ٿي.

پنهنجي جهاز بابت به ڪجهه ڄاڻ لکي ٿو: ”هر ڇنڇر ڏينهن هر جهاز تي ڊرل ۽فائر فائيٽنگ پرئڪٽس ٿيندي آهي، جنهن ۾ ٻيڙيون لاهي انهن ۾ جلدي چڙهڻ جي مشق ڪبي آهي، جيئن حادثي وقت دقت پيش نه اچي ۽ هر ڪم ڦڙتائي سان ٿي سگهي ۽ ساڳي وقت باهه سان مقابلو ڪرڻ جي پڻ مشق ڪئي ويندي آهي، اڄڪلهه هر جهاز تي هڪ اوزار آهي، جنهن کي دونهون ڳوليندڙ سڏجي ٿو، هن ذريعي باهه لڳڻ کان اڳ معلوم ٿيو وڃي ته جهاز جي ڪهڙي حصي ۾ باهه لڳڻ واري آهي، يا لڳي چڪي آهي ته اتان ئي ان تي ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو، هن اوزار ۾ شيشي جا ٽيهه کن ٽيوب ٿين ۽ اوترن ئي حصن ۾ جهاز کي ورهايو ويندو آهي ”ٿڌ بابت ڄاڻ ڏيندي لکي ٿو: ”روس جيئن ته اتر ۾ آهي تنهن ڪري اسان کان وڌيڪ سردي ٿئي، هونئن به اهو عام آهي ته سنڌ ۾ سردي وڌندي آهي ته ماڻهو چوندا آهن ته ڪوئيٽا ۾ برف جي لهر آئي آهي ۽ڪوئيٽا جا ماڻهو روس جي نالي چوندا اهن روس جا سائيبيريا نالي ۽ سائيبيريا ۾ رهندڙ ماڻهو ۽ قيدي اتر قطب کي قصور وار ٺهرائيندا آهن“.

الطاف شيخ رومانيا ملڪ جي شهر ڪانستنزا بابت ڪجهه ڄاڻ ڏيندي لکي ٿو:”هتي هلڪا ڪم جهڙوڪ حجامت جو، هوٽل جو دڪان ۽ آفيسن وغيره جون عورتون ڪن، مرد ڪو ورلي نظر ايندو، مرد ڪارخانن ۾ڳرا ڪم ڪن، هتي فقير به ڪافي آهن، مذهب جي لحاظ کان عيسائي ۽ ترڪ مسلمان آهن، سڀ رومانين زبان ٿاڳالهائين ۽ ڪو ڪو جرمن يا فرينچ سمجهي ٿو، حيدرآباد جي لطيف آباد ۽ هير ‌آباد وانگر هتي به شهر جو هڪ حصو آهي، جنهن ۾ فقط ترڪ مسلمان رهن ٿا، جمع ڏينهن اسان جمع نماز لاءِ وياسين، پر نماز ختم ٿي چڪي هئي، امام جو گهر مسجد جي ڀرسان هو، ان جي ننڍي يءَ مسجد کولي ڏيکاري، سندس نالو نوران هو، ڏهن ٻارنهن سالن جي ٿيندي پر ايتري ته معصوم ۽ ٻولي ڀالي جو سڀني کي اعتراف ڪرڻو پيو ته اهڙو ٻار اسان نه ڏٺو، اسان جي دوست ابريءَ ته الله جي هر کان وڌيڪ خالق جي هن تخليق جي تعريف ڪئي.

هتي جون عورتون ٻين آس پاس وارن ملڪن کان بلڪل مختلف آهن، سڀ کان اول جو ڌاريو ماڻهو نئين ڳالهه محسوس ٿو ڪري، سا هتي جي عورتن جي جسماني بناوٽ آهي، هتي جون عورتون وس، يوگوسلاويا، اٽلي يا يورپ جي ٻين ملڪن وانگر تندرست يا ٿلهيون نه آهن، تمام سنهڙيون ۽ هلڪڻيون ڄڻ ڦوڪ ڏيڻ سان اڏامي وينديون، هلڻ ۽ ڳالهائڻ ٻولهائڻ جون چست، سمارٽ ۽ سندن رڪات و سڪنات ۾ خاص قسم جا ناز، ادا ۽ شرميليون ڏسي مون کي پنهنجي ملڪ جون ٻليون ٿيون ياد اچن، هتي ڪيترين کي ڊگها وار ۽ چوٽيون نظر آيون، جن کي هتي سونهن جي نشاني سمجهيو ٿو وڃي.“

الطاف شيخ جتي به ويو آهي، اتي پنهنجي سنڌين کي ڳولي لهڻ جي ڪوشش ضرور ڪئي اٿائين، اهڙي ئي هڪ جهلڪ هن ڪتاب ۾ به آهي.” بيروت ۾ شيلا کي سنڌ جي ڳالهين ٻڌڻ جو ڏاڍو شوق هو، پاڻ جيتوڻيڪ ڄائي نپني بيروت ۾ پر ماءُ پيءُ کان سنڌ جون ڳالهيون ٻڌي ايڏو ته بي چين هئي جو چوندي هئي ته هڪ دفعو ته آئون سنڌ ضرور اينديس ۽ پنهنجي اصلي ديس جي پوتر مٽيءَ کي چمنديس.

آئون اها شام ڪڏهن به وساري نه سگهنديس، بيروت ۾ سمنڊ جي ڪناري تي پيجن راڪ(Pegion Rock) تمام خوبصورت جڳهه آهي، جيئن پاڻ وٽ ڪراچي ۾ هاڪس بي يا پئراڊائيز پوائنٽ ، اتي اسان سڀ پڪنڪ لاءِ ويا هئاسين، ڪجهه عرب ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون به هيون، ٻيا سڀ پاڻي ۾ تري رهيا هئا، شيلا سندس ٻه ڀائر ۽ آئون ڪناري تي ريتي جا ننڍا گهر ٺاهي رهيا هئاسين ۽ سنڌ جون خبرون به ڪري رهيا هئاسين، پاڻ مائٽن کان سنڌ بابت ٻڌل ڳالهيون ورجائي ورجائي مون کان پڇي رهي هئي، لفظ لفظ ۾ سنڌ لاءِ عقيدت هيس! شاهه کي ته هي پوڄين ٿا، پاڻ شاهه جا ڪيترائي شعر ٻڌايائين، چيومانس ڪو سُر سان راڳ ٻڌاءِ. ”سچي ٻڌايائين پر هڪڙووچن ڪر“ معصوم ٻار جيان، شيلا منهنجا هٿ جهلي واعدو وٺڻ لڳي ته چئه ڪهڙو؟ پڇيومانس.

”سنڌ جي ان پاڪ خاڪ کي منهنجا پيار ڏجانءِ، ان ڌرتي کي پيارڏجانءِ جنهن جي مان ڌيءَ آهيان “ ان بعد شيلا شاهه جو سر راڻو شروع ڪيو ته دنگ ڪري ڇڏيائين، سندس سر ۾ عجيب ڪشش ۽ ميٺاج هو، هوءَ ريتي تي پلٿي ڀڃي ڀڄنڏکن ڏولائن ۾ منهنجو سڙي ساهه ويو هاڻ راڻي کي چئجو ته مومل رات مري وئي ڇنا منهه ماڙيون الا اوڏاهين اڏائي ....... منهنجي راڻي کي رحم پوي ڏور وڃيو ڏينهن لائي. مون کي ڪو به احساس نه رهيو ته شيلا ڪنهن وقت ڳائي ڳائي بس ڪيو، خبر ناهي ڪنهن وقت ريتيءَ جي ننڍن گهرن کي ڪهڙي لهر ڊاهي وئي، خبر ناهي ڇو منهنجي دل روئڻ لاءِ اڇليون کائي رهي هئي، مون شيلا ڏي ڏٺو ته هوءَ اکين تي هٿ رکي روئي رهي هئي.“ جي انداز ۾ هٿ اکين جي اڳيان ٻڌي اکيون بند ڪري ڳائيندي رهي:.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. الطاف شيخ جي سفرنامن جو جائزو؛ مھر خادم؛مھراڻ رسالو؛1992؛جلد،45؛سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو