منظور ڪوهيار
ڏيک
پورو نالو | منظور حسين ولد ولايت خان |
ادبي نالو | منظور ڪوهيار |
ڄمڻ جي تاريخ | 2-جون 1955ع، 10 شوال 1374 هجري، 20 ڄيٺ 2012 بڪرمي |
ڄمڻ جو هنڌ | لاهوري محلو لاڙڪاڻو |
لکڻ جي شروعات | 75-1974ع. پھرين ڪھاڻي ”سرڳواسي طوطا رام“ |
تعليم | ايم اي سوشيالاجي گولڊ ميڊلسٽ، ايل.ايل.بي. |
ملازمت | ڊپٽي ڊائريڪٽر سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي لاڙڪاڻو |
ڪھاڻين جا ڪتاب | “سج لھڻ کان پوءِ بہ“ 1995ع، ”فراق جي منزل“ 2007ع، ”سچا ڪوڙا رشتا“ 2009ع |
منظور ڪوهيار ڪھاڻين جي ڪتابن کان علاوه ڪيترا ئي اسٽيج ڊراما، ٽي وي ڊراما، ادبي ڪالم ۽ ڊاڪيومينٽريز ۽ سفرناما لکيا آهن. ۽ هن کي مڃتا طور ڪيترا ئي ايوارڊ ملي چڪا آهن. اسٽيج ڊرامن ۾ ”جنرل شاهه بھارو“، ”جهڪر“، ”آواز“، ”رسمن جي انگاس تي“ وغيره ۽ ٽي وي ڊرامن ۾ ”ڪارا ڪڪر“، ”وفائون منتظر آهن“ ”سياست“، ”رَوشِ“، ”رواج“ ۽ ”تپش“ مشھور آهن.
ھي مضمون ڪچو مضمون آھي. توھان وڪيپيڊيا جي مدد ڪري سگھو ٿا ان کي سنواري. |