منظور حسين لغاري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
منظور حسين لغاري
Manzoor Hussain Leghari

سب انجنيئر، ڪھاڻيڪار ۽ مضمون نويس
ذاتي تفصيل
پيدائش ڏتل خان لغاري
18 ڊسمبر 1931(1931-12-18)
ڳوٺ لغاري بجراڻي، مورو، سنڌ
وفات 21 نومبر 2013(2013-11-21)
مورو، سنڌ
آخري آرامگاهه يار محمد شاه قبرستان، مورو
سڃاڻپ سب انجنيئر، ليکڪ
ويب سائٽ https://manzoorhussainleghari.blogspot.com

منظور حسين لغاري (انگريزي ٻولي: Manzoor Hussain Leghari، پيدائش: 18 ڊسمبر 1931ع)[1] سب انجنيئر، ليکڪ ڪھاڻيڪار، ناول نگار۽ مضمون نويس آهي. پاڻ ”ايران جو سفر“، ”نه اُهي وڻ نه واهيرا“، ”دادو مورو پل جي ڪهاڻي سب انجنيئر جي زباني“، ”ڪفارو“ ۽ ٻين اڻ ڇپيل ڪتابن جو ليکڪ آهي.

تعارف[سنواريو]

منظور حسين لغاري 18 ڊسمبر 1931ع استاد ميوو خان لغاري جي گهر ۾ جنم ورتو. استاد ميوو خان لغاري ڳوٺ بجراڻي لغاري جو پهريون استاد جنهن پنهنجي ٻن فرزندن (احسان علي لغاري ۽ منظور حسين لغاري) کي ڪلهن تي کڻي بنيادي تعليم پنهنجي اسڪول مان حاصل ڪرائي.

منظور حسين لغاري جي اولادن ۾ ڇھ پٽ ۽ ٽي نياڻيون آهن.

تعليم ۽ نوڪري[سنواريو]

پرائمري تعليم پنهنجي والد استاد ميوو خان لغاري وٽ ڳوٺ ۾ ئي حاصل ڪيائين. 1950ع ۾ نوشهري مدرسي مان ميٽرڪ پاس ڪري اين، اي، ڊي انجنيئرنگ ڪاليج ڪراچي مان 1959ع ۾ پوزيشن سان ڊپلوما ڪيائين. پي. ڊيبليو. ڊي ايريگيشن ڪوٽڙي بئراج، سکر بئراج ۽ دادو مورو پل تي سب انجنيئر جي حيثيت سان ڪم ڪيائين. 15 ڊسمبر 1991ع ۾ رٽائرڊ ٿيو.

وفات[سنواريو]

منظور حسين لغاري دماغ جي بيماري (ايلزائيمر) سبب 21 نومبر 2013ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرام گاھ يار محمد شاھ قبرستان مورو ۾ آھي.

منظور حسين لغاري جا لکيل ڪتاب[سنواريو]

  • (1) ايران جو سفر، سنڌي ساهت گهر، فيبروري 2002ع
  • (2) نه اُهي وڻ نه واهيرا، موکي پبليڪيشن، مئي 2020ع [2]

حوالا[سنواريو]

  1. "منظور حسين لغاري جا ڪِتاب". SindhSalamat Kitab Ghar (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2022-08-16. 
  2. "نه اُهي وڻ نه واهيرا - منظور حسين لغاري | سنڌسلامت ڪتاب گهر". SindhSalamat Kitab Ghar (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2022-08-16.