منصور الحق آرائين

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

تعليمي ماھر ائڊريس حيدرآباد سنڌ، تعليمي لياقت بي. اي پنجاب يونيورسٽي 1963ع، ايم. اي سنڌ يونيورسٽي 1967ع بي ايڊ 1969 – ايم ايڊ 1974- پي، ايڇ ڊي 1989ع.

ذميواريون[سنواريو]

ليڪچرار 1975ع کان 1984ع تائين. علامه اقبال يونيورسٽي طرفان سنڌ صوبي لاءِ بي، ايڊ جي آف ڪئپس جو پروگرام آفيسر رھيو. ان کان سواءِ علامه اقبال يونيورسٽيءَ ۾ اسسٽنٽ پروفيسر، ريسرچ گائيڊ ۽ صلاحڪار رھيو. ورلڊ بئنڪ ۽ يونيسيف طرفان ڪنسلٽنٽ رھيو آھي. سنڌ يونيورسٽيءَ جي تعليمي جنرل لاءِ ايڊيٽوريل بورڊ ۽ صوبائي تحقيقي بورڊ سنڌ جو ميمبر رھيو. تعليمي ارتقا ڪلاس 1 کان 10 جي چيئر ۾ صوبائي ريسرچ ڪميٽيءَ جو ميمبر رھيو، پرائمري ٽيڪسٽ ڪتابن لاءِ مئٿميٽڪس جي ارتقا واري صوبائي ڪميٽيءَ جو ميمبر رھيو، استادن جي لياقت واري ڪميٽيءَ جو ميمبر رھيو، ان کان سواءِ سماجي تعليمي ريسرچ ۾ ذاتي خدمتون سرانجام ڏنائين.

اعزاز[سنواريو]

سنڌ يونيورسٽيءَ طرفان ايم ايڊ ۾ گولڊ ميڊل حاصل ڪيائين. 1994ع ۾ سنڌ يونيورسٽي طرفان شيلڊ حاصل ڪيائين. ان کان سواءِ سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر کيس ھمٿ افزائيءَ وارو سرٽيفڪيٽ ڏنو.[1]