مغل سلطنت ۽ سيوهڻ وٽ لڳل جنگ
سمرقند ۽ ڪابل کي وري وري فتح ڪرڻ ۽ هٿان وڃائڻ جو ڊگهو تجربو رکندڙ وچ ايشيا جي هڪ حڪمران گهراڻي جي جنگجو سردار ظهيرالدين بابر، هندستان جي لوڌي گهراڻي جي هڪ باغي سردار دولت خان لوڌي جي دعوت تي پنهنجي تجربيڪار فوج سان چڙهائي ڪري، سال 1526ع ۾ پاڻي پت جي پهرين لڙائي ۾ لوڌي حڪمران، ابراهيم لوڌي کي شڪست ڏئي هندستان ۾ مغل سلطنت جو بنياد رکيو ۽ آگري کي تخت گاھ بڻايائين، 1530ع ۾ سندس وفات بعد کيس ڪابل ۾ دفنايو ويو ۽ سندس پٽ همايون کي بادشاھ بڻايو ويو، اها سلطنت لاها چاڙهي ڏسندي 1857ع ۾ برطانوي راڄ قائم ٿيڻ تائين جاري رهي، جڏهن ايسٽ انڊيا ڪمپني لال قلعي دهلي تي قبضو ڪري آخري مغل بادشاھ بهادر شاھ ظفر کي رنگون ڏانهن جلاوطن ڪري ڇڏيو.
1540ع ۾ فريد خان (Fareed Khan) نالي بابر جي دور کان مغل فوج جي هڪ پختون جنرل، جيڪو پوءِ بِهار صوبي جو گورنر مقرر ڪيو ويو هو، اهو جنرل، همايون جي بادشاهي دوري تي آگري (Agra) شهر کان ٻاهر وڃڻ جو وجھ وٺي، سندس تخت تي قبضو ڪري ويهي رهيو ۽ شير شاھ سوري (Sher Shah Soori) جي شاهي نالي سان پاڻ بادشاھ ٿيو، همايون (Himayoon) کي هندستان مان ڀڄڻ تي مجبور ڪيائين، همايون اتان پنهنجي قافلي سوڌو بي سر و ساماني جي عالم ۾ افغانستان ويندي ڪجهه وقت امرڪوٽ (Amarkot) جي راڻي پرساد وٽ به ترسيو، جتي کيس پٽ ڄائو، جيڪو اڪبر اعظم جي نالي سان هندستان جو هاڪارو بادشاھ ليکيو وڃي ٿو، سن 1555ع ۾ همايون ايران جي صفوي حڪمران جي فوجي مدد سان ٻيهر هندستان تي ڪاھ ڪئي، ان وچ ۾ 22 مئي 1545ع تي شير شاھ سوري مري چڪو هو، سندس تخت تي سندس پٽ اسلام شاھ سوري ويٺو، همايون، اسلام شاھ کي شڪست ڏئي، پنهنجي سلطنت واپس ورتي. 331 ورهيهَ رهندڙ مغل سلطنت مان شير شاھ ۽ اسلام شاھ سوري وارا 15 سال ڪٽ ڪبا ته هي سلطنت 316 سالن جي رهندي، شير شاھ سوري پنهنجي دور ۾ ڪيترائي سٺا فوجي ۽ انتظامي قدم کنيا جن ۾ روپئي جو سِڪو جاري ڪرڻ، ٽپال کاتو ۽ افغانستان جي هاڻوڪي گاديءَ واري شهر ڪابل کان خيبر لڪ، لاهور (Lahore)، امرتسر (Amritsar) ۽ دهلي (Delhi) وٽان هاڻوڪي بنگلاديش (Bangladesh) جي شهر چٽاگانگ (Chittagong) تائين، هاڻوڪي “سي پيڪ” (چائنا پاڪستان واپاري راهداري) جهڙو ان دور ۾ 3337 ڪلوميٽر ڊگهو “جي ٽي رستو” ٺهرايو هو، اهو جي ٽي رستو ڏکڻ ايشيا کي وچ ايشيا سان ملائيندو آهي.
روايتن موجب اهو رستو 3 صدي قبح مسيح ۾ هندستان جي موريا گهراڻي (Maurya Empire) جي بادشاھ چندر گپت موريا (Chandragupta Maurya) جي دور ۾ به ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ موجود هو, جنهن کي شير شاھ سوري وڌيڪ بهتر ڪرايو هو، واپاري قافلن جي سهوليت لاءِ رستي جي پاسن تي وڻ پوکايا هئا، پوءِ انگريزن ان کي اڃا وڌيڪ ترقي ڏياري، اهو رستو هن وقت به استعمال ۾ آهي، ان کي “جرنيلي سڙڪ” به چيو ويندو آهي، مشهور صحافي رضا علي عابدي ان رستي تي پنهنجي سفرنامي وارو ڪتاب “جرنيلي سڙڪ” به لکيو آهي، جيڪو تاريخي، ادبي ۽ سياحتي شاهڪار ليکيو وڃي ٿو.
ٻيهر تاج ۽ تخت هٿ ڪرڻ کان هڪ سال پوءِ 1556ع ۾ همايون گذاري ويو، کيس دهلي ۾ دفنايو ويو ۽ اڪبر کي صرف 14 ورهين جي ڄمار ۾ تخت تي ويهاريو ويو، اڪبر شروع ۾ همايون جي ڏاڍي وفادار جنرل بيرام خان جي مدد سان سلطنت هلائيندو رهيو، اڪبر اعظم جو 49 سالن جو دور ان ڪري به سٺو ليکيو وڃي ٿو جو هن اڪثريت رکندڙ هندو رعيت کي ويجهو آڻڻ لاءِ هندو راجپوتن مان شاديون ڪيون، ملڪ ۾ “دين ِ الاهي” نالي هڪ سيڪيولر ۽ مفاهمتي نظام لاڳو ڪيائين جنهن سبب سلطنت ۾ معيشيت، واپار، ثقافت، ادب ۽ فن خوب ترقي ڪئي، مسلمانن کان سواءِ هندو، زرتشت ۽ عيسائين کي حڪومت ۽ فوج ۾ اهم عهدا ڏيڻ سان اڪبر مقامي ماڻهن جو اعتماد حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو، کيس “اڪبر اعظم” به ڪوٺيو ويندو آهي، 1605ع ۾ وفات ڪيائين، کيس آگري ۾ دفنايو ويو.
جنهن کانپوءِ سندس پٽ، شهزادو سليم، جهانگير جي شاهي نالي سان تخت نشين ٿيو، اڪبر جي حياتي ۾ انارڪلي (Anaarkali) نالي ڇوڪري جو شهزادي سليم سان عشق وارو قصو به رونما ٿيو هو، روايتن موجب اڪبر کي جڏهن 1599ع ۾ ان عشق جو پتو پيو ته هن هڪ عام ڇوڪري جي اهڙي جرئت تي کيس سزا طور هڪدم زندھ ڀِت ۾ چونڊڻ جو حڪم ڏنو ۽ کيس قلعي جي ديوار ۾ چونڊيو ويو، عشق جي اها دلچسپ ۽ انوکي ڪهاڻي تمام گهڻي مشهور آهي، ان قصي تي ته سڀ متفق آهن، پر ڪجهه تاريخدان انارڪلي جي لاهور ۾ واقع مزار جو حوالو ڏئي کيس زندھ ڀت ۾ چونڊڻ واري واقعي تي يقين نٿا رکن.
1599ع ۾ اڪبر دکن ۾ اُٿيل بغاوت روڪڻ ۾ رڌل هو ته اقتدار جي بُکئي پٽ جهانگير پنهنجي پيءُ خلاف بغاوت به ڪئي، جيڪا ناڪام بڻائي وئي، اڪبر پاران کيس سخت سزا ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو، پر اڪبر جي راڻين رقيہ بيگم، سليمہ بيگم ۽ سندس والدا حميده بانو بيگم پاران زور ڀري ڪيل سفارشن تي اڪبر کيس معاف ڪري ڇڏيو هو.
اڪبر جي دور ۾ سنڌ تي مرزا جاني بيگ (Mirza Jaani Beg) جو خود مختيار راڄ هو، 1573ع ۾ مغلن بکر (Bakkhar) جو قلعو اڳ ئي فتح ڪري ورتو هو, پر ملتان جي مغل گورنر کي سيوهڻ (Sehwann) ۽ ٺٺي کي فتح ڪرڻ لاءِ ڪيل فوجي ڪاهن ۾ شڪست آئي هئي، تنهنڪري اڪبر کيس وڌيڪ فوجون موڪليون، جن جي جاني بيگ جي سنڌي فوجن سان 1591ع ۾ سيوهڻ وٽ جنگ لڳي، ان جنگ ۾ مرزا جاني بيگ هارائڻ کانپوءِ مغل فوج آڏو هٿيار ڦٽي ڪيا. اڪبر هاڻوڪي راجسٿان رياست جنهن کي تڏهن راجپوتانا ڪوٺيو ويندو هو، اها وڏي ايراضي ڪيترن ئي هندو راجپوت راجائن جي عمرڪوٽ سميت ڪيترين ئي رياستن ۽ رجواڙن تي ٻڌل هئي، انهن مان گهڻن راجائن سان جنگيون ۽ ٻيون حڪمت عمليون هلندي کين پنهنجي اثر هيٺ آندائين.
اڪبر جي لاڏاڻي کان پوءِ تخت ۽ تاج سندس پٽ شهزادي سليم (جهانگير) حوالي ٿيو، جهانگير اٽڪل 22 سال تخت تي رهيو، کيس پنهنجي موڀي پٽ خسرو پاران بغاوت کي منهن ڏيڻو پيو، ان بغاوت کي ڪچلڻ بعد خسرو کي زنجيرن ۾ ٻڌي سندس درٻار ۾ پيش ڪيو ويو، جتي جهانگير جي حڪم تي بغاوت جي سزا طور خسرو جون ٻئي اکيون ڪڍي کيس انڌو ڪيو ويو ۽ سندس مدد ڪندڙ اٽڪل 2 هزار باغين کي قتل ڪيو ويو، سندس دور ۾ سلطنت جون حدون بنگال، ميواڙ ۽ احمد نگر تي پهتيون، راجپوتانا جي جن راجائن کي سندس والد اڪبر پاڻ سان ملائي نه سگهيو هو، جهانگير انهن سان به معاملا طئي ڪري صلح ناما ڪيا، هن جي دور ۾ سنڌ به مغلن جي سلطنت ۾ شامل رهي، مغلن پاران مختلف سردار ٺٺي جا گورنر مقرر ڪيا ويندا هئا، جهانگير، اڪبر بادشاھ جي سيڪيولر حڪمت عملي تي هلندي مذهبي رواداري کي برقرار رکيائين پر گهڻي آفيم ۽ شراب واپرائڻ ڪري پيريءَ ۾ گهڻو اڻ چاڪ رهڻ لڳو ۽ سلطنت جا معاملا سندس هٿن مان کسڪندا وڃي، سندس راڻي نورجهان (Noor Jehan) کي مليا.
1626ع ۾ ٻئي پُٽ خرم کي به عاق ڏئي ساڻس لاتعلقي جو اظهار ڪيائين ته خرم فتح پور سڪري ۽ دکن ۾ سندس خلاف بغاوتون ڪرائي ڇڏيون، اهي بغاوتون به ناڪام بڻايون ويون, پر انهن جو جهانگير جي صحت تي وڌيڪ خراب اثر پيو، کيس صلاح ملي ته هو ڪجهه ڏينهن لاءِ سلطنت جا معاملا ڇڏي ڪشمير جي خوبصورت واديءَ جو سير ڪري ته جيئن سندس صحت بهتر ٿئي، حڪيمن طبيبن سميت ڪشمير جي سفر دوران هو 1627ع ۾ راجوڙي ۾ وفات ڪري ويو، ايتري وڏي سلطنت جي واليءَ کي اهڙي ڪنهن غير معروف جاءِ تي دفنائڻ سندس شان جي خلاف هو ته ٻئي طرف لاش کي محفوظ ڪرڻ لاءِ ڪتب ايندڙ ڪيميڪل مصالحا گڏ نه هئڻ ڪري سندس لاش ان دور جي جانورن جي سواري ذريعي کڻي ڪشمير جي جابلو رستي جو ڊگهو پنڌ طئي ڪري صحيح سلامت رسائڻ به تمام ڏکيو هو سو سندس جسم جي اندر وارا سمورا عضوا ڪڍي اهي هاڻوڪي آزاد ڪشمير جي ضلعي ڀمڀر ۾ باغ سر نالي قلعي اندر دفنايا ويا ته جيئن باقي جسم کي خراب ٿيڻ کان بچائي سگهجي، سندس جسم جو باقي ڍانچو اتان اٽڪل 3 سئو ڪلوميٽرن جو سفر ڪري لاهور جي شاه دره علائقي ۾ دفنايو ويو.
جهانگير جي وفات کانپوءِ سندس پُٽ شهريار کي تخت تي ويهاريو ويو، پر محلاتي سازشن ذريعي شهريار جي ڀاءُ شاھجهان پاران شهريار کي تخت تان لاهي پهرين سندس اکيون ڪڍي کيس انڌو ڪيو ويو ۽ پوءِ کيس سندس ڪجهه حمايتين سوڌو قتل ڪيو ويو.
شاهجهان 30 سال تخت تي رهيو، سندس دور ۾ اڏاوتن جي فن خاص ترقي ڪئي، هن آگري ۾ پنهنجي زال ممتاز محل جي پيار ۾ دنيا جي شاهڪار عمارتن مان هڪ، تاج محل (Taj Mahal) جوڙايو، دهلي جو لال قلعو، جامع مسجد دهلي، ٺٺي جي شاهجهان مسجد، لاهور جو شاليمار باغ به سندس دور جا تاريخي اهڃاڻ آهن، شاهجهان 1658ع ۾ بيمار رهڻ لڳو ته سندس پٽ اورنگزيب وجھ وٺي کيس آگري جي قلعي ۾ قيد ڪري پاڻ بادشاھ بڻجي تخت تي ويهي رهيو. شاهجهان پنهنجي حياتيءَ جا پويان 8 سال لڳاتار پنهنجي پٽ جو باندي رهڻ کان پوءِ قيد ۾ ئي وفات ڪري ويو.
اورنگزيب عالمگير پنجون ۽ آخري اثر وارو مغل بادشاھ ليکيو وڃي ٿو، هن مذهب اسلام جي پنهنجي تشريح ڪئي، خطاطي جي فن جي سرپرستي ڪيائين، پاڻ به قرآن شريف جي خطاطي ڪندو هو، کيس تخت جي اصل حقدار، پنهنجي لبرل ۽ سيڪيولر ڀاءُ دارا شڪوه (Dara Shikoh) کان ڊپ هو ته هو ڪٿي سندس خلاف سازشون نه ڪري, سو پنهنجي ٻئي ڀاءُ مراد بخش جي مدد سان سندس سِسي وڍائي قتل ڪرايائين ۽ پوءِ اها سسي پنهنجي قيدي پيءُ شاهجهان ڏانهن عيد تي تحفي طور به موڪليائين ڇاڪاڻ ته شاهجهان کي دارا شڪوه سان تمام گهاٽو پيار هو، بادشاھ شاهجهان کي جيل ۾ اميد هئي ته هڪ ڏينهن سندس پُٽ دارا ضرور اورنگزيب کي تخت تان هٽائي کيس قيد مان آزاد ڪري سندس بادشاهت بحال ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿيندو. اورنگزيب، دارا جي پٽ سليمان شڪوه کي قيد ڪرڻ کانپوءِ اتي ئي زهر ڏئي مارايائين.
اصل يهودي مذهب جو آرمينيائي واپاري جيڪو مسلمان ٿيڻ کان پوءِ سنڌ ۾ اچي، ٺٺي ۾ صوفي سرمد (Sarmad) جي نالي سان مشهور ٿيو هو ۽ اتان جي اڀي چند (Abhi Chand) نالي هندو ڇوڪر سان لڳاءُ هئس، اهو صوفي ٺٺي کان لاهور ۽ پوءِ دهلي ۾ شهزادي دارا شڪوه وٽ پهتو هو، ان کي به اورنگزيب ڪافر هجڻ جو الزام مڙهي رڳو ان ڪري قتل ڪرايو جو هو دارا شڪوه جو ويجهو ماڻهو هو ۽ وڏي انگ ۾ ماڻهو سندس صوفي ازم کان متاثر ٿي رهيا هئا، سنڌي ادب، شاعري ۽ تاريخ ۾ هڪ صوفيءَ جي حوالي سان “ان الحق” جو نعرو هڻندڙ سرمد جو ذڪر اڪثر ملي ٿو. اورنگزيب جي پٽ معظم شاھ (بهادر شاھ پهريون) لاهور، ڪابل ۽ آگري جو گورنر رهڻ دوران پنهنجي پيءُ خلاف ڪيترائي ڀيرا بغاوتون ڪري تخت هٿ ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پر اورنگزيب انهن کي اٿندي ئي ناڪام بڻائي ڇڏيو هو ۽ بغاوتون ڪرڻ تي بهادر شاھ کي 1696ع کان 1707ع دوران ڪيترائي ڀيرا قيد به ڪيو ويو هو، اورنگزيب 1707ع ۾ دکن ۾ مراٺن پاران برپا ڪيل بغاوت کي منهن ڏيندي مارجي ويو هو، هن کي پنهنجي پٽن مان ڪنهن کي جاءِ نشين مقرر ڪرڻ جو موقعو ئي ڪونه مليو. [1] [2]