مظفر ڳڙهه
ڏيک

مظفر ڳڙھ (انگريزي: Muzafar Garh) پاڪستان جي صوبي پنجاب جي ضلعي مظفرڳڙھ جو وڏو شھر ۽ ضلعي صدر مقام سان گڏوگڏ تعلقي مظفرڳڙھ جو پڻ صدر مقام آهي جيڪو چناب نديءَ جي ڪناري تي واقع آھي.
ھن شھر جو بنياد 1794 ۾ ملتان جي گورنر نواب مظفر خان رکيو ھو. نالي جي معني بہ مظفر جو قلعو اٿس ڇوتہ اتي نواب مظفر خان پنھنجي نالي سان ھڪ قلعو جوڙايو هو. 1864 ۾ مظفر ڳڙھ کي ضلعي جو درجو مليو ۽ ھي شھر ان جو صدر مقام ٿيو.[2] ھن شھر جي وچ ۾ فياض پارڪ واقع آهي جيڪو سياحتي مقام ۾ شمار ٿيندو آهي. اھو اڳوڻي ڊپٽي ڪمشنر فياض بشير جي نالي سان منصوب ٿيل آھي.
حوالا
[سنواريو]- ↑ "Area". اصل نسخو مان 2006-04-14 تي محفوظ ڪيل.
- ↑ District Profile: Southern Punjab- Muzaffargarh