مصيبت ماريا سائينءَ سنواريا(ناول)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

هڪ تاريخي فرانسيسي ناول ”The Les Miserables “ جو سنڌي ترجمو آھي جنهن جو اصل ليکڪ وڪٽر هوگو آھي. 1862ع ۾ ڇپجندڙ ھي ناول 19 هين صديءَ جي بهترين ناول طور ڳڻيو ويندو آھي.[1]

ڪتاب جو  نالو ؛ مصيبت ماريا، سائينءَ سنواريا

                               (ناول)

مصنف؛

ترجمو:

وڪٽرهيوگو

شمس العلماء ميرزا قليچ بيگ

ايڊيشن؛ پهريون 1961ع، ٻيو 1977ع، ٽيون 2006ع
ڇپيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو
ڪاپي رائيٽ؛ سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو

”مصيبت ماريا، سائينءَ سنواريا“ ڪتاب ترجمي جي حوالي سان مرزا قليچ بيگ جي شاهڪار ڪاوشن ۾ شمار ٿئي ٿو. هيءُ ڪتاب هڪ مشهور فرينچ ناول ”The Les Miserables“ تان کنيو ويو آهي. جنهن جو اصل ليکڪ ’وڪٽر هيوگو‘ آهي. مرزا صاحب چواڻي، ته هن ناول جي انگريزيءَ سميت ٻين پرڏيهي ٻولين ۾ ترجمو ٿيو آهي. شمس العلماء ميرزا قليچ بيگ هن ناول جو سنڌي ترجمو سنه 1916ع ڌاري ڪيو. جو فيبروري 1917ع ۾ ترجمي جي اختتام تي لکيل نوٽ مان معلوم ٿئي ٿو. هيءُ ترجمو مرزا صاحب جي خاندان جي توسط سان بورڊ کي موصول ٿيو، جنهن جو پهريون ڇاپو سال 1961ع ۾ بورڊ ڇپائي پڌرو ڪيو، سال 1977ع ۾ هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو شايع ڪري پڌرو ڪيو ويو. مارڪيٽ ۾ ڪتاب جي ناياب ٿيڻ جي اطلاعن ملڻ تي هن ڪتاب جو نئون ڇاپو نئين اهتمام سان بورڊ جي پريس مان ڇاپي پڌرو ڪيو ويو. اميد ڪجي ٿي ته قارئين حضرات کي هيءُ ڇاپو به اڳ وارن ڇاپن وانگر پسند ايندو. هيءُ ڪتاب وڪٽر هيوگو جي مشهور فرينچ ناول مان هڪڙو آهي، ۽ انگريزيءَ توڙي ٻين ٻولين ۾ ترجمو ٿيل آهي.[1]

ناول جو نمونو[سنواريو]

هوگوءَ جي اڏام[سنواريو]

پلاٽ جو نچوڙ[سنواريو]

ڪردار[سنواريو]

عارضي ڏيکاءُ[سنواريو]

سنڌي ترجمو[سنواريو]

استعمال[سنواريو]

پڻ ڏسو[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

ٻاهران ڳنڍڻا[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 "Sindhi Adabi Board Online Library (Specialized)". www.sindhiadabiboard.org. حاصل ڪيل 2021-01-01.