مصطفي باليل

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
مصطفي باليل

مصطفي جي 2013 ۾ تصوير
پيدائش 1 سيپٽمبر 1945
سواس, ترڪي
پيشو استاد ، ڪھاڻيڪار

مصطفي باليل(انگريزي: Mustafa Balel ) ترڪي جو ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار جو نالو آھي جيڪو پھرين سيپٽمبر 1945 ۾ ترڪي جي شھر سواس(انگريزي: Sivas) ۾ پيدا ٿيو. ھن گريجوئيشن 1968 م انقرہجي غازي يونيورسٽي مان فرانسيسي فلسفي جي موضوع ۾ ڪئي. ماسٽرز فرانس جي پوئاٽير يونيورسٽي(انگريزي: Poitiers University) مان 1972 ۾ ڪئي جنھن بعد ترڪي واپس اچي اردھان ۾ ھڪ ھاء اسڪول م استاد طور ڪم شروع ڪيائين پوء سواس ۽ پوء استنبول جي اتاترڪ تعليمي انسٽيٽيوٽ ۾ ۾ 1980 تائين اھا ملازمت ڪيائين. ھن جون لکيل ڪھاڻيون ترڪي، يوگوسلاويا، بلغاريا، فرانس، رومانيا ۽ ايران جي رسالن ۾ ڇپجنديون رھيون. ھن فرانسيسي ٻولي جا ڪيترائي ناول ۽ ڪھاڻين جا ترجما ڪيا. ٻارھين انتاليا واري جشن ۾ ھن جي 1975 ۾ لکيل ڪھاڻي Can Eriği ( آلوبخارو) کي اسٽوري اچيومينٽ ايوارڊ مليو.

حوالا[سنواريو]