مشت زني
مشت زنيءَ کي عربيءَ ۾ جلق (ھٿ جي مدد سان خارج ڪرڻ، مشت زني ھتلس، مٺ ھڻڻ)[1] یا استمناء بالید (جلق، ھٿورس) چوندا آھن جڏھن تہ مٺ ھڻڻ، سنڌيءَ ۾ استعمال ٿيندو آھي، انگریزي ۾ ان کي mastrubation چيو ويندو آھي. اھا ھڪ انساني شھوتي (sexual) سرگرمي آھي جنھن ۾ ھڪ مرد يا عورت بغير جماع جي پنھنجي شرمگاھ کي ھٿ، آڱرين يا ڪنھن ٻئي شيءِ جي مدد سان متحرڪ رکي ۽ جنھن ۾ انسان جي شرمگاھ مان مني نڪري اچي. ان جو ارتڪاب انسان عام طور تي ان وقت ڪندو آھي جڏھن ھُو پنھنجي شھوت جي دٻاءَ کي نہ سنڀالي سگهي.
سائنسي طور ان عمل کي غير نقصانڪار سمجهيو وڃي ٿو البتہ مختلف مذھب ۽ اخلاقي دائرا ان کي جائز نہ ٿا سمجهن، انهن موجب رڳو فطري طريقو يعني ٻن مختلف جنسن جو جماع ئي جائز شھوتي لطف وٺڻ آھي.
مذھبن ۾ اصول ۽ پابندي
[سنواريو]اسلام
[سنواريو]ھن عمل جو قرآن شريف ۾ تفصيل سان ذڪر ناھي. پر ھن آيت ۾ اشارو آھي۔ فَمَنِ ابْتَغَي وَرَاءَ ذَلِكَ فَأُولَئِكَ هُمُ الْعَادُونَ [2][3]