مسجد طوبيٰ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

طوبي مسجد پاڪستان جي شھر ڪراچي ۾ واقع ھڪ خوبصورت مسجد جيڪا مقامي سطح تي گول مسجد جي نالي سان سڃاتي وڃي ٿي۔ مسجد طوبي 1969ع ۾ ڪراچي جي ڊفينس ھائوسنگ اٿارٽي ۾ تعمير ڪئي وئي۔ ھي ڪورنگي روڊ جي ويجھو واقع آھي۔ مسجد طوبي غالباً واحد گنبد جي حامل دنيا جي سڀ کان وڏي مسجد آھي۔ ھي ڪراچي جي اھم سياحتي ماڳن مان ھڪ آھي۔ مسجد طوبي کي خالص اڇي سنگ مرمر سان تعمير ڪيو ويو آھي۔ ھن جي گنبد جو قطر 72 ميٽر (236 فٽ) آھي ۽ ھي بغير ڪنھن ٺل جي صرف ٻاھرين ڀتين تي بيٺل آھي۔ مسجد طوبي جو اڪيلو مينار 70 ميٽر بلند آھي۔ عبادت گاھ جي مرڪزي وسيع ۽ عريض ڪمري ۾ 5 ھزار نمازين جي گنجائش آھي۔