مسجد اسلام پور مڪلي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مسجد اسلامپور، هيءَ مسجد مڪليءَ جي دامن ۾ اڃا تائين آهي. اها پڻ هندن جي هڪ ميلي واريءَ جاءِ ۽ مڙهيءَ جي مقابل، جنهن کي ”ڪالڪان“ سڏيو ويندو هو، ٺهرائي ويئي، ۽ ان جو نالو ”ڪالڪان“ جي مقابلي ۾ ”مسجد اسلامپور“ رکيو ويو. اها مسجد ٺٽي جي مشهور واعظ ميان عبدالقادر جي پٽ محمد حفيظ ٺهرائي. ميان عبدالقادر ميان ابوالحسن جو سؤٽ هو، جنهن جي سنڌي (مقدمـﮧ الصواة) مشهور آهي.

مٿي بيان ڪيل مسجد، ٻارهين صديءَ جي شروع ۾ ٺهي هوندي، ڇاڪاڻ ته محمد حفيظ مرحوم انهيءَ زماني جو هو. ٺٽي ايندي مڪليءَ جي لاهيءَ ۾ اها مسجد ويران پيئي آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون؛ پير حسام الدين راشدي؛ايڊشن 1981؛ پبلشر؛ سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو