مزاحيہ رزميہ شاعري
مزاحيہ رزميہ شاعري (انگريزي: Mock-heroic، Mock-epic يا Heroi-comic) ادب جي اها صنف آهي، جيڪا طنز يا پيروڊي جي صورت ۾ روايتي رزميہ ادب ۽ هيرن جي بلند اسلوب، ٻولي ۽ پيشڪش جو مزاحيه نموني نقل ڪري ٿي. هن صنف ۾ عام طور ڪنهن معمولي يا غير اهم موضوع کي رزميہ عظمت سان پيش ڪيو ويندو آهي، يا ڪنهن بيوقوف، معمولي يا غير متوقع ڪردار کي هيرو جي حيثيت ڏني ويندي آهي، جنهن سان رزميہ ادب جي روايتي اسلوب تي طنز ۽ مزاح پيدا ٿئي ٿو.
مزاحيہ رزميہ شاعري جنهن ۾ پڙهندڙن جي تفريح طبع لاءِ مزاح جو عنصر موجود هجي يا جنهن ۾ ڪنهن جي مڪمل رزميہ شاعري جواب ۾ مزاحيہ شاعري ڪئي وڃي يا ان جي مذاق اڏائي وڃي. سنڌيءَ ۾ شمس الدين بلبل مزاحيہ شاعر ڪئي آهي.[1]
تاريخ
[سنواريو]تاريخي طور تي مزاحيہ رزميہ شاعري جو اسلوب سترهين صديءَ دوران اٽلي ۾ وڏي مقبوليت ماڻي، جڏهن ته برطانيا ۾ انگريزي بحالي وارو دور ۽ آگسٽن ادب جي زماني ۾ پڻ هن صنف وڏي ترقي ڪئي.
هن صنف جو سڀ کان قديم معلوم مثال ڏيڏرن ۽ ڪوئن جي جنگ آهي، جنهن کي رومي عالمن هومر سان منسوب ڪيو، ڇاڪاڻتہ اها سندس رزميہ شاعري جي پيروڊي هئي. بهرحال، اڪثر جديد محققن جو خيال آهي ته اها تصنيف سڪندر اعظم جي دور ۾ ڪنهن گمنام شاعر جي لکيل آهي. يورپ ۾ نون ادبي رجحانن جي اُڀار سان طنزيه ادب پراڻين ادبي روايتن ۽ سماجي قدرن تي تنقيد جو اهم ذريعو بڻيو. اسپين جي پڪارسڪ ناول ۽ فرانس جي برليسڪ ناول سان گڏ اٽلي ۾ poema eroicomico (مزاحيہ رزميہ نظم) جي صنف وجود ۾ آئي. هن صنف جا شاعر روايتي رزميہ شاعري جي ساڳي بحر، لغت، بيان ۽ فصاحت کي برقرار رکندا هئا، پر رزميہ موضوعن بدران روزمره جي واقعن ۽ معمولي ڪردارن کي موضوع بڻائي انهن ذريعي قديم رزميہ ادب تي طنز ڪندا هئا.
فرانسيسڪو براچيوليني جو 1618ع ۾ شايع ٿيل Lo scherno degli dèi ("ديوتائن جو تمسخر") اڪثر پهريون اطالوي مزاحيہ رزميہ نظم شمار ڪيو ويندو آهي، جڏهن ته اليساندرو تاسوني جو لا سيخيا راپيٽا ("چورايل ڏول") (1622ع) هن صنف جو سڀ کان مشهور شاهڪار سمجهيو وڃي ٿو.
اٽلي ۾ هن صنف جون ٻيون به ڪيتريون ئي اهم تصنيفون منظرعام تي آيون، جن ۾ جيرولامو امي لونگي جي لا جيگانتيئا (La Gigantea)، جيوواني باتيستا لالي جي لا موسڪيئيڊي (La moscheide)، انتونيو ابوندانتي جي وياجو دي ڪولونيا (Viaggio di Colonia)، ڪارلو ڊي ڊوٽوري جي لاسينو (L'asino)، لوريتو ويتوري جي لا ٽرويا راپيتا (La Troja rapita)، لورينزو لپي جي اِل مالمانتيلي راڪُوئيستاتو (Il Malmantile racquistato) ۽ ايپوليٽو نيري جي لا پريزا دي سان مينياتو (La presa di San Miniato) شامل آهن.
هيءَ صنف اطالوي مقامي لهجن ۾ پڻ ترقي ڪئي. نيپولٽن لهجو ۾ جوليو چيزارے ڪورتيزي جو لا وائاسئيڊي (La Vaiasseide) سڀ کان مشهور تصنيف آهي، جڏهن ته رومانسڪو لهجو ۾ جيوواني ڪاميليو پيريسيو جو اِل ماجيو رومانيسڪو (Il maggio romanesco)، جوسيپي برنيري جو ميو پاتاڪا (Meo Patacca) ۽ بينيڊيٽو ميڪيلي جو لا ليبرتا رومانا آڪُوئيستاتا اي ديفيسا (La libbertà romana acquistata e defensa) هن صنف جا اهم نمونا آهن.
ميگوئل ڊي ثيروانتس جي ڊان ڪهوٽي جي انگريزي ترجمي کان پوءِ انگريزي اديبن رزميہ شاعري ۽ رزميہ داستانن جي مبالغي آميز ٻوليءَ کي عام ۽ معمولي ڪردارن جي بيان لاءِ استعمال ڪرڻ شروع ڪيو. مزاحيہ رزميہ شاعري جي انگريزي روايت جي شروعات عام طور سيميوئل بٽلر جي هيوڊيبرس (Hudibras) (1662ع–1674ع) سان ڳنڍي ويندي آهي. هن نظم ۾ انگريزي گهرو ويڙهه واري دور جي هڪ پيوٽن سورمي کي رزميہ انداز ۾ پيش ڪري طنز ۽ مزاح پيدا ڪيو ويو. هن نظم مان هيوڊيبراسٽڪ (Hudibrastic) نالي هڪ مخصوص شعري اسلوب پڻ وجود ۾ آيو.
جان ڊرائيڊن بحاليءَ واري دور ۾ مزاحيہ رزميہ شاعري جي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. سندس ميڪ فليڪنو (Mac Flecknoe) هن صنف جو معياري نمونو شمار ڪيو وڃي ٿو، جنهن ۾ ورجل جي اينيئڊ جي رزميہ ٻولي استعمال ڪندي ٿامس شيڊويل تي طنز ڪيو ويو آهي.
سترهين ۽ ارڙهين صديءَ دوران هيءَ صنف وڌيڪ ترقي ڪندي رهي. ان دور جو سڀ کان نمايان شاعر اليگزينڊر پوپ هو، جنهن جي دي ريپ آف دي لاڪ (The Rape of the Lock) کي انگريزي مزاحيہ رزميہ شاعري جو شاهڪار تصور ڪيو وڃي ٿو. هن نظم ۾ هومر جي الياذ ۽ ورجل جي اينيئڊ جي رزميہ اسلوب، بحر، ڪانٽو، ميوز کي سڏ، جنگي منظرن ۽ ٻين رزميہ روايتن کي هڪ معمولي سماجي واقعي سان جوڙي طنزيه انداز اختيار ڪيو ويو آهي. پوپ پنهنجي ٻي تصنيف دي ڊنسيئڊ (The Dunciad) ۾ پڻ رزميہ اسلوب وسيلي معمولي موضوعن کي طنز جو نشانو بڻايو.
ان کان سواءِ جان گي جون ٽريويا (Trivia) ۽ بيگرز اوپيرا (Beggar's Opera)، ۽ سيميوئل جانسن جو لنڊن (London) پڻ مزاحيہ رزميہ ادب جا اهم مثال شمار ٿين ٿا
پڻ ڏسو
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.