مرڪ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
نيپال جي نيوار عورت جي چھري تي مرڪ


مرڪ. يا کل (انگريزي: smile ) وات جي ٻنھي پاسن کان مشڪن (muscles) کي پاسي تي لچڪ ڏيڻ يا موڙڻ سان چھري تي ظاھر ٿيندي آھي[1]. ڪنھن ڪنھن جي مرڪ م اکين جون مشڪون اکين جي ٻاھرين پاسي واري ڪنڊن کان سڪڙجنديون آھن ان قسم جي مرڪ کي ڊوشين مرڪ (Duchenne smile) چوندا آهن. اھو نالو فرانس جي علم العصاب جي ماھر جي.بي.اي.ڊوشين (G.B.A.Duchenne)جي نالي تان پيو.

ڊيوشن مرڪ جنھن ۾ ڳٽن سان گڏوگڏ اکين جون مشڪون (muscles) بہ حرڪت ۾ اچن ٿيون

انسانن ۾ مرڪ خوشي، ملنساري، مسرت ۽ مزي جو اظھار ھوندي آھي. ڪڏھن ڪڏھن وات جي پاسي جي مشڪن جي ان لچڪ سان ڳڻتي جو غير ارادي اظھار پڻ ڪيو ويندو آهي جنھن کي چٻاڙو (grimace) چوندا آھن پر مرڪ جو چھري تي اظھار ان کان نرالو هوندو آهي. ثقافتن جي تعلقن جي اڀياس مان ظاھر ٿئي ٿو ته مرڪ پوري دنيا ۾ سماجي رابطن جي ذريعن ۾ شامل آھي,[2]. انساني مرڪ جي نفسيات تي تحقيق ڪندڙ پورچوگيزي ماھر نفسيات آرمنڊو فريٽس ميگاليش (Armindo Freitas-Magalhães) جي مطابق مرڪ جذبن جو اھڙو لفظي يا غير لفظي اظھار آھي جيڪو پيار، مسرت، خوشي، آنند، فخر، ڌڪار ۽ پشيماني جي احساسن کي ٻين تائين پھچائي ٿو. جن مان پيار ، خوشي، مسرت وغيره مرڪ يا کل جا مثبت احساسن جو اظهار آھن ۽ ڌڪار ، پشيماني يا ندامت وغيره منفي احساسن جو اظهار آھن. پشيماني يا ندامت واري مرڪ کي ڦڪي مرڪ يا ڦڪي کل چوندا آهن. ملنساري ۾ مرڪ جي وڏي اھميت آھي. مرڪ ۽ ٽھڪ جا ملنساري ۾ مختلف ڪم ھوندا آھن. مرڪ جو استعمال اڪثر ٽھڪ کان اول ٿيندو آهي يعني ٽھڪ جو بنياد مرڪ ھوندي آھي ۽ ٽھڪ جي موٽ وري اڪثر مرڪ سان ملندي آهي. جنسي معاملن ۾ عورت جي مرڪ مردن ۾ ان جي جسماني ڪشش کي وڌائيندي آھي. سن جي برعڪس مرد جي مرڪ جو عورتن تي اھڙو اثر نہ وجھندي آهي پر جي اھا حياء يا فخر ظاهر ڪري تہ ان جي ڪشش ٿي سگھي ٿي. مرڪ ۾ چھري جي زائيگوميٽيڪس ميجر مشڪ (zygomaticus major muscle ) جو استعمال ٿيندو آهي.

حوالا[سنواريو]

  1. Freitas-Magalhães, A.; Castro, E.= (2009). Facial Expression: The Brain and The Face. Porto: University Fernando Pessoa Press. pp. 1–18 ڪ. ISBN 978-989-643-034-4. 
  2. Izard, Carroll E. (1971). The Face of Emotion. New York: Appleton-Century-Croft. ISBN 978-0-390-47831-3.