مرحليوار سفارتڪاري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مرحليوار سفارتڪاري يا تھدار سفارتڪاري يا ٽرئڪ ڊپلوميسي (Track Diplomacy) هڪ مهارت وارو علم ۽ هنر آهي، جنهن ۾ ڪنهن به مقصد کي ماڻڻ لاءِ سماج جي مختلف محرڪن، شعبن، پرتن ۽ تهن تائين پهچ کي ٿيڻ جوڳو بنائڻو پوي ٿو. ٻن رياستن ۾ لاڳاپن کي رواجي ۽ بهتر بنائڻ لاءِ جن مرحلن منجهان گذرڻو پوي ٿو، انهن کي ماهرن ۽ عالمن مختلف رُخن، تَهَن يا سطحن (Tracks) ۾ ورهايو آهي. انهن منجهان اهم تهه هيٺ ڏجن ٿا.

Track, I Diplomacy: هن قسم جي سفارتڪاريءَ ۾ ٻه حڪومتون هڪٻئي سان سڌي سنئين لاڳاپي ۾ هونديون آهن ۽ پنهنجن نمائندن ذريعي هڪٻئي جي موقف کي سمجهندي، ڪنهن حل تائين پهچنديون آهن. هن طريقي ۾ سرڪاري سطح تي ڳالهين ۾ روايتي سفارتڪاري ۽ بين الاقوامي ادارن ذريعي لاڳاپي وارا عمل شامل آهن، جيڪي ٻن لاڳاپيل ڌرين تائين هڪٻئي ذريعي ان جي ڏنل معلومات کي پهچائيندا آهن.

Track1½ “One and Half” Diplomacy: هن طريقي هيٺ رياستي ادارن طرفان ڳالهين جا اختيار پنهنجن نمائندن ذريعي ”اَڻ رياستي عنصرن“کي ڏنا ويندا آهن. اهي عنصر ڪن به ڳالهين ۾ حڪومتي اختيارن هيٺ حصو وٺڻ ۽ سامهون واري ڌر کي سهولتون ڏيڻ جي سلسلي ۾ خودمختيار هوندا آهن. انتهائي تڪراري صورتحال ۾ هيءُ اختيار اهڙن غير رياستي فردن کي به ڏنو ويندو آهي، جيڪي مخالف ڌرين سان رابطي رکڻ جي صلاحيت رکندي منجهيل معاملن کي سلجهائي سگهندا آهن. ان کان علاوه سرڪاري سطح تي مذاڪرات ڪرائڻ لاءِ صورتحال سازگار بنائڻ جي سلسلي ۾ پڻ اهي فرد / ادارا ابتدائي ڳالهه ٻولهه ذريعي ايجنڊا طئه ڪرائڻ ۾ مدد ڪري سگهندا آهن ۽ نيٺ ڪنهن اتفاق راءِ تي پهچڻ ۾ تڪراري ڌرين ۽ سندن حلقن کي سهولت فراهم ڪندا آهن.

TrackII Diplomacy: ڪنهن به علائقي يا معاملي ۾ مهارت رکندڙ، مهذب ۽ روشن خيال حلقي ( Civil Society) ۾ شامل اُهي اهم غير رياستي ڪردار (واپاري يا مذهبي اڳواڻ، تعليمي ماهر، فنڪار، اديب، ساڃاهه وند ۽ سماجي خدمتگار وغيره) جيڪي غير سرڪاري حيثيت ۾ ڪنهن به تڪرار تي اثر اندز ٿي سگهن ۽ معاملي کي حل ڪرائڻ ۾ مدد ڏين. اهي حلقا غير روايتي طريقن (مثال طور، ڳالهين لاءِ سهڪاري ماحول جي فراهمي ۽ گڏجاڻين لاءِ ماحول تيار ڪرڻ جي سلسلي ۾ رابطا رکڻ) ذريعي ٻن ڌرين وچ ۾ سڌا سنوان رابطا پيدا ڪرڻ لاءِ مددگار حالتون پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. ان سلسلي ۾ اهي حلقا ٻنهي ڌرين جي سماجن ۾ موجود هيٺاهين ۽ وچين سطح تي سرگرميون شروع ڪري اهڙو ماحول ٺاهيندا آهن ته جيئن تڪرار جي حل ۾ اڳڀرائي ٿي سگهي.

Track III Diplomacy: سماجي تبديليءَ لاءِ عالمي اصولن ۽ معيارن جي بحالي ۽ پرامن ماحول جي واڌ ويجهه لاءِ ڪم ڪندڙ هي حلقا عوامي تنظيمن، فردن، خانگي ادارن ۽ پرامن گروهن تي ٻڌل هوندا آهن، جيڪي عوام سان ويجهو رابطو هئڻ ڪري عوامي سطح تي بهتر ماحول ٺاهڻ ۾ مدد ڪندا آهن. سفارتڪاريءَ جي هن قسم ۾ گڏجاڻيون، ڪانفرنسون، ڳالهيون ٻوليون، ميڊيائي بحث ۽ اقتداري اثر کان پري ٿيل حلقن وچ ۾ ڳالهه ٻولهه شروع ڪرائي اهڙو هاڪاري ماحول ٺاهيو ويندو آهي، جنهن ۾ ڪن به مخالف ڌرين وچ ۾ غلط فهميون ختم ڪرائڻ جو موقعو ملي سگهندو آهي. ل[1]

حوالا[سنواريو]