مدي جو تپ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مدي جو بخار (Typhoid Fever) هڪ بخار جو قسم آهي، جنهن کي سنڌيءَ ۾ مُدي جو تپ (وڏو تپ) انگريزيءَ ۾ Typhoid Fever ۽ اردوءَ ۾ ميعادي بخار چئجي ٿو. هيءٌ بخار هڪ خاص قسم جي جيوڙي جي ڪري ٿيندو آهي. جنهن کي سالمنيال ٽائفي ۽ پيرا ٽائفي Salmanea Typie, Paratyphy چئجي ٿو. هي بخار سڄي دنيا ۾ عام آهي ۽ گهڻو ڪري گندگيءَ، ڪني پاڻيءَ ۽ ڪني ۽ کاڌي جي واپرائڻ سبب ٿئي ٿو. هن بيماريءَ کي پکيڙڻ ۾ مکين جو ڪردار سڀ کان اهم آهي. جيڪڏهن هٿ ڌوئڻ بنا ماني کائجي يا فروٽ (ميوات) بنا ڌوئڻ جي کاڌو وڃي، تڏهن به هيءَ بيماري ڦهلجي سگهي ٿي. هن بيماريءَ جا جيوڙا گهڻو ڪري پتي يا ننڍي آنڊي ۾ رهائش اختيار ڪندا آهن ۽ پائخاني جي ذريعي خارج ٿيندا آهن. جڏهن هي جيوڙا آنڊي ۾ داخل ٿيندا آهن ته ڏهن يا پندرهن ڏينهن کان پوءِ بيماريءَ جو اثر ٿيڻ شروع ٿيندو آهي. جيوڙن جي اندر داخل ٿيڻ ۽ بيماريءَ جو اثر شروع ٿيڻ جي وچ واري عرصي کي Incubation Period چئبو آهي. بيماريءَ جو اثر آهستي آهستي شروع ٿيندو آهي، جنهن جي ڪري مريض کي بخار ٿيندو آهي، جيڪو آهستي آهستي تيز ٿي ويندو آهي. بخار ڏينهن جي مقابلي ۾ رات جو وڌيڪ تيز ٿي ويندو آهي، مريض سُسُتي محسوس ڪندو آهي، هر وقت غنودگي طاري ٿيندي آهي، جسم ۾ ۽ ٽنگن ۾ سور ٿيندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن کنگهه به ٿيندي آهي ۽ نڪ مان رت به وهندو آهي جنهن کي Epistais چئبو آهي. مريض کي پيٽ ۾ سور به ٿيندو آهي قبضي (anstipation) يا دست به ٿيندا آهن، دل ڪچي پڻ ٿيندي آهي. جيتوڻيڪ بخار تيز ٿيندو آهي پر نبض جي رفتار گهٽ ٿي ويندي آهي. هڪ هفتي کان پوءِ پيٽ ۾ پُٺيءَ تي ڪجهه ڳاڙهي رنگ جا داغ ظاهر ٿيندا آهن، انهن داغن کي جيڪڏهن آڱر سان دٻائجي ته آهي ڪجهه دير لا3 هلڪا ٿي ويندا آهن. ٻن يا تن ڏينهن کان پوءِ اُهي داغ ختم ٿي ويندا آهن. بيماريءَ جي ستين يا اٺين ڏينهن تي تري پڻ وڌڻ شروع ٿي ويندي آهي جيڪا پيٽ جي مٿئين حصي کي دٻائڻ سان محسوس ٿيندي آهي، پيٽ به فوڪجڻ شروع ٿيندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ساهه جي تڪليف پڻ ٿيندي آهي. ٻئي هفتي جي آخر تائين مريض جي حالت ڪافي خراب ٿي ويندي آهي. تئين هفتي جي آخر تائين بخار تمام تيز ٿي ويندو آهي ۽ مريض بيهوش پڻ ٿي ويندو آهي ۽ جيڪڏهن مريض جو علاج نه ٿيندو ته اهو مري به سگهي ٿو. پر پروقت علاج ڪرائڻ سان مريض ٺيڪ ٿي ويندو آهي. هن بيماريءَ کي سڃاڻڻ لاءِ رت، پيشاب ۽ پائخاني کي چڪاس ڪيو ويندو آهي. بيماريءَ جي سڃاڻپ لاءِ رت جون ڪجهه خاص ٽيسٽون پڻ ڪيون وينديون آهن. مٽلاً Widal test ۽ Typhidot test وغيره. بيماريءَ جي دوران مريض کي مڪمل آرام ڪرڻ کپي، مريض جي ڪپڙن، هنڌ، بستري کي به صاف رکجي. هن بيماريءَ جو علاج مختلف Antibiotics سان ٿي سگهي ٿو. مثلاً Ampicillin, Chloraphenicol, Septran, Augumentine وغيره، پر اهي دوائون ڪنهن ڊاڪٽر جي مشوري سان ئي استعمال ڪجن ۽ مريضن جي خوراڪ ۾ هر قسم جي جوس (رَسُ) جو استعمال وڌايو وڃي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. {رسالو: سرتيون؛مضمون:مدي جو بخار ؛از: ڊاڪٽر تبسم جوڻيجو جولائي 2005؛ پبلشر:سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو}