مدد:مون تي بندش وڌي وئي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ان جو مطلب ڇا آهي؟

بندش ڇا آهي؟

اختصار:
H:B

ڪنهن تي بندش وجهڻ جو سبب وڪيپيڊيا تي اهڙيون حرڪتون ڪرڻ آهي، جيڪي وڪيپيڊيا جي هدايتن ۽ پاليسين جي خلاف هجن. بند واپرايندڙ جي کاتي، ڪنهن آئي پي پتي يا هڪ جاءِ تي گھڻن ئي آئي پي پتن تي لڳائي سگھجي ٿي، جيڪڏهن ائين محسوس ٿي ته اهي هدايتن ۽ حڪمت عملين جي برخلاف ڪم ڪري رهيا آهن. اوهان تي بندش جا ڪجهه سبب هي ٿي سگھن ٿا:

بندش جا ڪارڻ

  1. اوهان جي ترميم يا وڪيپيڊيا ۾ رويي سان مسئلو (ڪهڙو به کاتي يا آئي پي پتي مان) – توهان جو کاتو يا ڳنڍيل آئي پي پتو وڪيپيڊيا ۾ ترميم لاءِ غلط نموني استعمال ٿيو آهي. مسئلو مٿي خاني ۾ ڏسي سگھجي ٿو.
  2. اوهان جي واپرائيندڙ–نانءُ سان مسئلو – اوهان جو واپرائيندڙ–نانءُ غيرمناسب هجڻ ڪري اوهان تي بندش وڌي وئي آهي. جاري رکڻ لاءِ مهرباني ڪري ٻيو ڪو واپرائيندڙ–نانءُ منتخب ڪيو.
  3. تخريبڪاري–روڪڻ واري سسٽم هن آئي جو پتو لڳايو آهي – اوهان جي آئي پي پتي کي هن کان اڳ هڪ اهڙي کاتي استعمال ڪيو آهي جنهن تي بندش مڙهي وئي هئي. ان مسئلي تي ڳالهائڻ لاءِ ڪنهن به منتظم سان رابطو ڪيو.

هاڻي آئون ڇا ڪيان؟

  • جيڪڏهن بندش واري پيغام ۾ سبب ڄاڻيل آهي ته هيٺ ڏنل طريقو استعمال ڪيو.
  • جيڪڏهن اوهان اڳ ڪڏهن به وڪيپيڊيا تي ترميم نه ڪئي آهي ۽/يا توهان وٽ کاتو ناهي ته پوءِ هتي ٻڌايو، اهو اوهان کي بندش هجڻ باوجود ترميم جي اجازت ڏئي سگھي ٿو.
  • جيڪڏهن اوهان سمجهو ٿا ته اوهان تي بندش غلطي آهي ته پوءِ هيٺ ٻڌايل طريقي تي عمل ڪيو.

اپيل ڪرڻ

اوهان ڪيترن ئي ذريعي کان بندش توڙي ان جي مقرر وقت خلاف اپيل داخل ڪري سگھو ٿا. پهريون جيڪڏهن اوهان جو کاتو کليل آهي ۽ ان ۾ برق ٽپال (اي ميل) ڏنل آهي ته پوءِ اوهان متظمين کي برق ٽپال ذريعي ٻڌائي سگھو ٿا. مسلسل تخريبڪاري سبب اهو آپشن ختم ٿي سگھي ٿو.

ٻي صورت ۾ اوهان بندش خلاف هتي اپيل داخل ڪري هيٺيان اکر لکو.

{{unblock|هتي سبب لکو}}

هي اکر پنهنجي بحث صفحي جي بلڪل آخر ۾ لکو.