محمد ھاشم
علامه محمد هاشم ڳڙهي ياسيني
مولانا محمد هاشم جي ولادت سن 1259ھ ۾ شهر شهداد ڪوٽ ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿي. استاد العلماء مولانا نور محمد شھدادڪوٽي جي مدرسي ۾، اول کان آخر تائين سمورو علم پڙهي، فارغ التحصيل ٿيا. ان بعد، شهدادڪوٽ جي ويجهو ڀري جي ڳوٺ ۾ ديني مدرسو کولي پڙهائڻ لڳا، جنهن ۾ ستر کن طالب العلم مختلف سبقن ۾ پڙهندا هئا. سندن مدرسي مان ڪيترا عالم فيضياب ٿي نڪتا. پوءِ، ڪجهه وقت بعد، مولانا کي مولانا ميان تاج محمد ، پنهنجي فرزند ميان گل حسن جي پڙهائڻ لاءِ، پنهنجي ڳوٺ ڪٽبار (قلات بلوچستان) ۾ وٺي ويا. اتي به سندس مدرسي ۾ ڪيترا شاگرد بلوچستاني ۽ سنڌي پڙهندا هئا. صاحبزادي ميان گل حسن صاحب جڏهن سمورو علم مولانا کان پڙهي دستاربند ڪئي، تڏهن، ميان صاحبن جي مخلص مريد نواب اسدالله رئيساڻي جي استدعا تي، ڪيترا سال رئيساڻين جي جاگير محرم جي شهر ۾ مولانا صاحب جن قاضي ٿي رهيا. آخر ناڙي جي ملڪ ۾ پاڻيءَ جي اڻاٺ ۽ بي انداز گرميءَ جي برداشت نه ڪرڻ ڪري اتان ڇڏي آيا، ۽ خانصاحب الله بخش خان دراني بارڪزئي جي طلب سان ڳڙھي ياسين ۾ اچي مدرسو کوليائون، جنهن ۾ پري پري جا طالب العلم لاڙ، ميل، بلوچستان ۽ افغانستان کان اچي پڙهڻ لڳا ۽ فيضياب ٿيا. مولانا جا فيضياب شاگرد، مولانا گل حسن سجاده نشين ڪٽبار ۽ صدر قضاة بلوچستان، مولانا مولوي عبدالله صاحب رتائي (جنهن وٽان مولانا خادم حسين صاحب ۽ ٻيا ڪيترا پڙهي عالم فاضل ٿيا)، مولانا مولوي ڪريمداد صاحب ٺيڙهي وارو، مولانا غلام عمر صاحب ڊگهه وارو، مولانا جو فرزند مولانا محمد قاسم صاحب، مولانا تاج محمد صاحب بلوچستاني، مولانا جمال الدين صاحب صحبت پوري، مولانا حافظ نور محمد صاحب ياسيني قاري، مولوي فقير محمد صاحب، مولوي ڪمال الدين صاحب سيوائي، مخدوم غلام مصطفى صاحب سجاده نشين محمد پور شريف، مولوي عنايت الله صاحب آگرو، مولوي گل محمد صاحب ۽ مولوي پير محمد صاحب وارهه وارا ۽ ٻيا ڪيترا آهن. مولانا محمد هاشم جن، حضرت مولانا ميان تاج محمد صاحب بزرگ ڪٽبار شريف واري کان بيعت هئا. صوفياء ڪرام جي عزت رکندڙ، صالحن جي صحبت ۾ خوشنود ٿيندا هئا- خاص ڪري حضرت سلطان الاولياء خواجه عبدالرحمان صاحب سرهندي ۽ سندن فرزند خواجه محمد حسن جان صاحب ۽ خواجه عبدالقدوس آغا شيرين جان صاحب جا سخت معتقد رهيا. سندن تصنيف گهڻي ضايع ٿي ويئي آهي. هن وقت هڪ دفتر تحريرن جو (رساله نذر بابت، حاشيه ۽ ترڪيب مائة عامل جي، حاشيه هداية النحوجو، حاشيه بديع الميزان ۽ ايساغوجي جو، صرف بهائي تي) لکيل آهي. شعر چوڻ ۾ به کين چڱي دسترس هئي. ڪيتريون تاريخون سندن نظم ۾ چيل آهن. مثال طور، سندن چيل تاريخ جا ٻه بيت، جي حضرت سلطان العارفين خواجه عبدالرحمان صاحب سرهنديءَ جي رحلت بابت چيا اٿن، هيٺ ڏجن ٿا: شد فلک ز اندوه در خونِ شفق، شد ملک ز افسوس پنهان در شفق. بود خاصِ حضرت رب الفلک، ”غفرله“ تاريخ او گفته ملک. (1315) مولانا جن تاريخ 19 شوال سال 1322 هجري ۾ هن جهان فاني مان رحلت ڪئي. پويان ٽي فرزند – مولانا حاجي محمد صالح صاحب، مولانا محمد قاسم صاحب، ۽ مولانا محمد ابراهيم صاحب، ڇڏي ويو. سندن مزار مبارڪ ڳڙهي ياسين جي اولاهين قبرستان ۾ زيارتگاهه آهي. سندن تاريخ وفات لاءِ عارف بالله عامل ڪامل سيد احمد شامي صاحب عربيءَ ۾ هي بيت چيا آهن: اسفا لفقد العالم الرباني الکامل المفضال زبدة عصرهٖ اعني محمد هاشم من قد بدا بشراه قد فازالسعادة بالرضا
صدرالعلوم و مفخر الاعيان شيخ الکرام و ربة العرفان ضيفا من الاضياف للرحمٰن تاريخہ ”في معدل الرضوان“ – 1322 ايضاً تاريخ از ميانجي عبدالله سرهندي شهدادڪوٽي: جست هندي چو سال رحلت او گفت هاتف ”شد اندرون بهشت“-1322[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ علامه محمد هاشم مرحوم ڳڙهي ياسيني-- ولوي نجم الدين ۽ محمد قاسم صاحب ياسينيءَ -رسالو:مهراڻ سوانح نمبر 1990 ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ