محمد عمر جوڻيجو ڏيپلائي
علامہ محمد عمر جوڻيجو (1906ع-1983ع) صاحب ٿرپارڪر ضلعي جا عالم دين ۽ علمي شخصيت ھيا جن جو علائقي تي ھاڪاري اثر پيو.
پيدائش
[سنواريو]علامہ محمد عمر جوڻيجو صاحب جي پيدائش ٿرپارڪر ضلعي جي ڏيپلي شھر کان ٻہ ميل اتر طرف راڻي ويرو نالي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ 1906ع ڌاري ٿي. سندس والد جو نالو محمد هو، اڃان ننڍائي هئا تہ پيءُ جي شفقت کان محروم ٿي ويا. پوءِ هن يتيم ٻار جي پرورش سندس ڏاڏي ابراهيم ۽ مامي شير خان ڪئي.
ننڍپڻ
[سنواريو]سندن ننڍپڻ ٻڪريون، رڍون ۽ اٺ چارڻ ۽ ٻنين پوکڻ ۾ گذريو، جهنگ ۾ مال چاريندي جتي بہ نماز جو وقت ٿيو تہ ڪنهن مٿاهين هنڌ يا ڀٽ تي ٻانگ ڏيئي نماز پڙهندو هو. هر جوءَ ۾ ڪنڊن جي والار سان نماز جي جاءِ مقرر ڪيل هوندي هين.
تعليم
[سنواريو]علم جي شوق ۾ مال ڇڏي حافظ اوڀايو ميمڻ ۽ حافظ عمر ميمڻ وٽ قرآن پڙهڻ شروع ڪيائين 1912ع ۾ پرائمري اسڪول ڏيپلو ۾ داخل ٿيو. ذهين هجڻ ڪري پهريون ڪتاب ٽن مھينن ۾ پورو ڪيائين ۽ استاد کي چوڻ لڳو تہ منھنجو امتحان وٺو. جنهن چيو تہ پٽ! امتحان تہ ڇھن مھينن کان پوءِ ٿيندو. وڌيڪ وقت وڃائڻ اجايو سمجهي اسڪول ۾ پڙهڻ ڇڏي ڏنائين. انهيءَ زماني ۾ مولوي احمد ميمڻ هڪ الله لوڪ بزرگ ۽ وڏي تقويٰ جو صاحب هو. ڏيپلي ۾ رهندو هو. انهيءَ نيڪ صفت انسان وٽ قرآن شريف ۽ پوءِ فارسي پڙهڻ لڳو. 1920ع ۾ انگريزن خلاف جيڪا تحريڪ هلي، انجو مولوي احمد سرگرم ڪارڪن هو ۽ انهيءَ تحريڪ دوران جيل هليو ويو.
سندن مائٽ پير پاڳاري جا مريد هئا ۽ مائٽن بہ مرضي ڏسي پير ڳوٺ واري مدرسي ۾ پڙهڻ جي موڪل ڏني ۽ ڪن فقيرن سان گڏ پڙهڻ لاءِ روانو ٿيو. ڳوٺ کان ٻہ دفعا بدين جو رخ ڪيائين. پر سندن چاچو گل محمد رستي مان پيرا کڻي، يتيم ڀائٽي کي مارڪُٽ ڪري واپس وٺي آيو. ٽيون دفعو مائٽن کان لڪي پيرين پيادو سجاول پھتو ۽ مدرسہ هاشميہ ۾ علم حاصل ڪرڻ لڳو. سندن ماءُ ۽ چاچو سجاول وٽس آيا ۽ ڳوٺ هلڻ لاءِ زور ڀريائون ۽ شاديءَ جي لالچ ڏنائون. ليڪن پاڻ صاف انڪار ڪري ڇڏيائين. انهيءَ دور ۾ آبادي گهٽ هئي ۽ زمينون غير آباد هيون. رستا سڃا ۽ ويران، بگهڙ ۽ ٻيا جانور عام هئا، جيڪي ماڻهن تي حملوڪندا هئا. کيس ماڻھو چوندا هئا تہ اڪيلو اچين ۽ وڃين پيو، بگهڙن کان بہ ڪونہ ٿو ڊڄين؟ چوندو هو تہ هن رستي ۾ ۽ خدا جي راھ ۾ مري وڃان ٻيو ڇا کپي؟ رات جنھن بہ ڳوٺ ۾ پئي تہ مسجد ۾ قيام ڪندو هو. سجاول کان علاوه رپ، ٽوها ۽ ڪڍڻ ۾ بہ ڪجهہ وقت تعليم ورتي اٿن. مدرسہ هاشميہ جو باني ۽ مهتمم هڪ خدا ترس ۽ نيڪو ڪار شخص سيد عبدالرحيم شاھ هو. ساليانو امتحان مولانا محمد صادق کڏي وارو ۽ مولانا دين محمد وفائي (وفات1369ھ) جھڙا نالي وارا عالم سڳورا وٺندا هئا. مولانا عبيدالله سنڌيءَ جو شاگرد ۽ سائين پروفيسر احمد علي انصاري (سابق پرنسپل اسلاميہ ڊگري ڪاليج هالا) جو والد مولانا محمد اڪرم انصاري هالائي تڏهوڪي زماني ۾ مدرسہ هاشميہ جو صدر مدرس هوندو هو.
پاڻ سجاول ۾ هالائي صاحب کان علاوه قرآن شريف جو ترجمو مولوي فتح علي وٽ، فقہ جو علم محمد عثمان کٽيءَ وٽ ۽ دوره حديث مولوي علي محمد درس وٽ پڙهائين. پاڻ ست سال مدرسہ هاشميہ ۾ ڏينھن رات جي محنت سان پڙهيا. 1927ع ۾ دستار بندي حاصل ڪيائون. جن عالمن کين پڳ ٻڌائي، انهن ۾ مولانا حاجي احمد ملاح (وفات 1398ھ) مولوي غلام علي، مولوي محمد عمر ۽ ٻيا ناري جا علماءَ بہ شريڪ هئا. ساڻن گڏ جن دستاربندي ڪئي، انهن ۾ مولوي خير محمد لنڊ بلوچ، مولوي عبدالرحيم هنڱورجو جنائي، مولوي محمد سالم جوڻيجو ۽ مولوي پير غلام علي ميرپور ساڪري وارو شامل هئا.
حالاتِ زندگي
[سنواريو]مولوي صاحب جون ٻہ شاديون هيون. پھرين شادي 1930ع ۾ مبين جوڻيجي جي نياڻي سان ٿي، جنھن مان حاجي غلام محمد، حاجي احمد علي، محمد اسحاق، محمود، حاجي علي محمد ۽ ڊاڪٽر افضل ۽ چار نياڻيون پيدا ٿيون. ٻي شادي مبين جي ڀاءَ صاحبڏني جي نياڻيءَ سان ڪيائون، جنھن مان ٽي پٽ هر هڪ: فضل الاٰهي، ڊاڪٽر فاضل الدين، زيد ۽ ٻہ نياڻيون آهن. پنهنجي وڏي فرزند جو نالو پنھنجي پيءُ جي نالي پٺيان محمد رکيائون. جيڪو 1932ع ۾ ڳوٺ سڙھ جي ڪکائين گهر ۾ پيدا ٿيو ۽ اسڪول ۾ سندس نالو غلام محمد لکيو ويو. 63 سالن جي ڄمار ۾ 20 آگست 1996 تي وفات ڪيائين.
مولوي محمد عمر جوڻيجو جي شڪل ۽ لباس جي جهلڪ قد مناسب، جسم ڀريل، رنگ گورو. چهرو گول ۽ خوبصورت چپن تي مرڪ، وڏن ۽ سهڻين اکين تي عينڪ پاتل. ڏند سهڻا ۽ کليل، مٿي تي اڪثر پٽڪو، ڪڏهن رومال يا ٽوپي، بافتو يا کاڌي جي شلوار قميص، گرميءَ جي موسم ۾ پھراڻ پاتل، سرديءَ ۾ سوئيٽر پاتل ۽ گرم کٿو ويڙهيل، پير ۾ چمڙي جي جتي ۽ هٿ ۾ لٺ. مولوي صاحب جي شخصيت ۽ مزاج جي عڪاسي ڪندي صاحبِ علم و قلم ۽ اسان جو اديب دوست پروفيسر مولا بخش محمدي هڪ مضمون ۾ لکي ٿو: ”پاڻ سڄي ڄمار ڪنهن سان ٻاڙو نہ ٻوليائون. هر وقت سندس مک تي مرڪ سجايل نظر ايندي هئي. متوڪل اهڙو جو مدرسہ هاشميہ سجاول ۾ تعليم لاءِ وڃڻ وقت سندس هڙ موڙي صرف هڪ رپيو هئي. خوش مزاج، ڪچهريءَ جو ڪوڏيو، مجلس جو مور، ذهين ۽ زيرڪ، دردمند دل جو ڌڻي زماني جو پارکو، انسان ذات کي محبت جو سبق سيکاريندڙ، فرات جو ٿورو وقت ننڊ ڪري باقي وقت تهجد ۾ رب اڳيان روئي گذاريندڙ، روزانو هڪ منزل قرآن پاڪ جي تلاوت ڪندڙ، ههڙا مرد مانجهي وري ڪٿي ٿا هن سنسار ۾ اچن؟ روزانو رات جي پڇاڙيءَ واري حصي ۾ گهر کان مسجد تائين اڌ ميل وارو مفاصلو، هڪ هٿ ۾ لٺ ۽ ٻئي هٿ ۾ بتي کڻي هلندو هو. ان پنڌ دوران جنهن دردمندي ۽ دلسوزيءَ سان وڏي آواز ۾ قرآن شريف جي تلاوت ڪندا ويندا هئا، ان جي اظهار لاءِ الفاظ اڻ ڪافي آهن.“ الله تعاليٰ کين ٻه دفعا حج جي سعادت نصيب ڪئي، پهريون دفعو حرمين جي زيارت جو شرف کين 1939ع ۾ عطا ٿيو، ٻيو دفعو پاڻ 1973ع ۾ پنهنجي وڏي گهر واري ۽ فرزند حاجي غلام محمد سان گڏجي ويا هئا. پهرين حج ۾ ساڻن گڏ ڏيپلي مان چار ٻيا رفيق به هئا. حج تان واپسيءَ تي شهر کان پنج اٺ ميل ٻاهر اچي سندن شاندار آڌر ڀاءُ ڪيو ويو.
مولوي صاحب جون تعليم لاءِ خدمتون
[سنواريو]مولوي محمد عمر جوڻيجو سجاول مان پڳ ٻڌڻ بعد ماتليءَ لڳ ڳوٺ ملهڻ ۾ ڪجهه وقت پڙهائڻ شروع ڪيو. ان کان پوءِ مولانا حاجي احمد ملاح جي مدرسہ مظهر العلوم بدين ۾ مدرس مقرر ٿيو ۽ 20_روپيه ماهوار کين پگهار ملندو هو. ڪجهه عرصي کان پوءِ سيٺ طالب صديقاڻي جي ساڻن ملاقات ٿي، جنهن زور ڀريو ته اسان کي عالم جي ضرورت آهي، مدرسو به کوليون ٿا. توهان مهرباني ڪري اچو جو زور ڀريو ته توهان جو ڳوٺ به ڏيپلي لڳ آهي. مولوي صاحب هڪ مهيني جي مهلت گهري، جيئن بدين جو مدرسو ٻئي جي حوالي ڪري سگهي، سيٺ طالب به ڏيپلي وارن سان ڳالهائي پڪ ڪري بدين واپار سانگي آيو ۽ مولوي صاحب کي وٺي ويو. اها ڳالهه 1930ع جي آهي. ٻيءَ روايت مطابق کين مولوي احمد ميمڻ (سندن استاد) جي گُهرمطابق حديث، منطق ۽ فلسفي جو کيس مطالعو ڪرائڻ لاءِ ڏيپلي ۾ گهرايو ويو. پگهار 20_ روپيه حاجي صاحبڏنه ڏيندو هو.
حاجي صاحبڏني کي مدرسي سان خاص انسيت هئي، جنهن ڪري ٻه ڪمرا مدرسي لاءِ ٺهرايائين، جن ۾ مولوي صاحب ديني تعليم ڏيندو رهيو. انهن جي رهائش مدرسي وارن ٻن ڪمرن ۾ هئي. ماني شهر مان فقر ڪري کائيندا هئا. جيڪڏهن طالبن کي شهر مان فقر نه مليو ته حاجي صاحب ڏنو پنهنجي گهر وارن جي پڪل ماني به کڻي کٿابين کي ڏئي ڇڏيندو هو عيد براد ڪپڙن جو جوڙو به ڏنو ويندو هو.
حاجي صاحبڏنو عالياڻي (وفات : 1957ع) جو ذڪر نه ڪرڻ سراسر نا انصافي ٿيندي. هن شخص جو واسطو ميمڻ قوم سان هو. نهايت سخي، خدا ترس ۽ دين جو سچو خادم هو. خوف خدا ايترو جو بد عمل ۽ نالي جي مسلمانن کي ڏسي روئي پوندو هو ته افسوس! خدا جي هيتري ساري خلق ۽ پاڪ پيغمبر جي هيءَ نادان امت پنهنجن گناهن سبب جهنم ۾ ويندي. مون کي ته اهڙن انسان جو فڪر آهي، مسڪينن کي کاڌو کارائڻ فرض ۽ نه کارائڻ پاڻ لاءِ وڏو گناهه سمجهندو هو. انسانيت کي تڙپندو ۽ ڏکي ڏسي سندس ڏيل ڏڪي ۽ لـڱ ڪانڊارجي ويندا هئا. مولوي محمد عمر ۽ حاجي صاحب ڏنو تبليغ تي گڏجي ويندا هئا. هڪ دفعو ائين ئي تبليغ تان واپس اچي رهيا هئا ته هڪ پوڙهي جهور عورت پيادل وڃي رهي هئي. مولوي صاحب کي چيائين ته: ”جيڪڏهن تنهنجي ۽ منهنجي ماءُ هجي ته اسين پيادل ويندي ڏسي سگهون؟“ خير ڳالهيون ڪندي شهر اچي پهتا ۽ فجر نماز تي مولوي صاحب آيو ته پنهنجي ساٿيءَ کي نه ڏٺائين. دل ۾ چيائين ته . الله ڀلو ڪري حاجي صاحبڏني جو، شايد واٽ ويندڙ عورت جو فڪر ٿي پيس. ٻئيءَ نماز تي جڏهن حاجي صاحبڏنو مليس ته فجر نماز تي نه اچڻ جو سبب پڇيائين. جواب ڏنائي ته اها عوررت اڪيلي ۽ پيرين پيادي پئي وئي، ان لاءِ ڀاڙي تي اٺ هٿ ڪري ۽ کاڌي پيتي جون شيون به کنيم ۽ ڳولهي انهيءَ کي هٿ ڪيم ۽ اٺ تي رواني ڪري پوءَ موتي آيس . . الله! . الله! ههڙي همدرد ۽ هڏ ڏوکي انسان ٿر جي ڀٽن ۽ ريگستانن ۾ وري ڏسڻ ۾ نه آيو.
حاجي صاحبڏنو نماز جو زبردست پابند هو صرف هڪڙي نماز جي ضايع ٿيڻ جي افسوس ۾ انهيءَ زماني جي روينيو ڪلارڪيءَ کي لت هڻي، نوڪريءَ کي خيرباد چئي واپار ڪرڻ لڳو. . الله تعاليٰ وڏي برڪت وڌي ۽ جلدي ريزڪي دڪاندار ٿيو. ٻئي طرف مولوي محمد عمر جوڻيجو کي اها ڳالهه پسند نه هوندي هئي ته ڪنهن جي اڳيان هٿ ڦهلائي، ان ڪري مدرسي لاءِ سرڪار کان گرانٽ منظور ڪرايائين، پرائمري اسڪول ۾ هڪ ڪلاڪ قرآن ماستري به ڪيائون جنهن جا کين انهيءَ زماني ۾ 10 روپيا ماهوار ملندا هئا. بعد ۾ هاءِ اسڪول ۾ عربيءَ جا استاد به مقرر ٿيا، ان ڪري روزگار ۽ گذر سفر سولائيءَ سان ٿيندو هو. چوندا هئا ته خيرات وٺندڙ عالم حق چئي نه سگهندو، تنهن ڪري عالم کي پنهنجو روزگار هئڻ گهرجي. عربي ٽيچريءَ جو گهڻو حصو ته ڏيپلي جي هاءِ اسڪول ۾ رهيا، پر اهلحديث ۽ احناف جي ڇڪتاڻ ۽ توحيد سنت جي پرچار سب 1920ع کان پوءِ واري ڏهاڪي ۾ ڇهه مهينا ننگر پارڪر جي لاءِ کين بدلي ڪيو ويو. سندن فرزند حاجي احمد علي ٻڌايو ته بابا کي جڏهن ننگر بدلي ڪيو ويو ته رستي ۾ پنهنجي ديرينه دوست مولوي گل محمد هنڱورجو (وفات: 1387ھ) وٽ اسلام ڪوٽ ويجهو ڳوٺ ڏيپيار ۾ وڃي ترسيو. موصوف مولانا پڇمي، ملاح ۽ مولوي محمد صادق کڏي واري وانگر دارالعلوم ديوبند جو فارغ عالم هو، وڏو توڪلي ۽ پرهيز گار شخص هو. نماز ۾ سورة فاتحه پڙهندي ايترو ته روئندو هو جو سورت پوري ڪرڻ مشڪل ٿي ويندي هيس ۽ بيحال ٿي پوندو هو. مولوي صاحب کيس حقيقت هال ٻڌائي تڏهن مولوي گل محمد اٺ آنا بابا کي ڏيڻ چاهيا ته هي وٺو.بابا انڪار ڪيو ته نه، توهان پاڻ وٽ رکو، مولوي صاحب وراڻيو ته: ” منهنجي نظر ۾ اڄ توهان کان وڌيڪ انهن جو ڪو حقدار ناهي، جو ميمڻن توکي بدلي ڪرايو آهي، دين جي مخالفت سبب ۽ تون وري دنيا جي پويان ننگر جا جبل جهاڳڻ پيو وڃين.“ بابا وراڻيو ته: ”توهان بلڪل حق ۽ سچ چئو ٿا، برابر اها منهنجي ڪمزوري آهي. پر ڳالهه هيءَ آهي ته انهيءَ پگهار مان منهنجي ٻچن جو داڻو پاڻي ۽ دال روٽي آرام سان ٿي ويندي آهي رب سائين مون کي سوال ڪرڻ کان بچايو آهي ۽ نٿو چاهيان ته ڪنهن جي اڳيان هٿ ٽنگيان.“ ننگر کان پوءِ ڪجهه وقت ڍورو نارو هاءِ اسڪول ۾ به نوڪري ڪئي اٿن. نوڪريءَ جا آخري سال ڏيپلو هاءِ اسڪول ۾ رهيا ۽ اتان ئي 1972ع ۾ رٽائر ڪيائون. پڇاڙيءَ تائين پينشن کڻندا رهيا.
ڏيپلو ۾ مدرسہ جو باني حاجي صاحبڏنو هو. جنهن کان بعد 1958ع ڌاري هڪ ڀلاري ۽ سڳوري عورت ، جيڪا صحابيات جي نقش قدم تي هلڻ واري هئي، يعني امان مريم مٺواڻي (وفات 1979ع)هيءَ نيڪ بخت هئي ته عورت ذات، پر گوءِ گهڻن مردن کان کڻي ويئي. دين جي محبت ۽ سچي جذبي سان سرشار هئي. انهيءَ سچائي ۽ اورچائي اهو ڏينهن به آندو جو پنهنجا ذاتي زيور وڪرو ڪري مدرسہ دارالحديث و القرآن جو بنياد وڌائين. سندس ديني ڀاءُ مولوي محمد عمر جوڻيجو تا وفات صدر مدرس رهيا، انهيءَ مدرسي لاءِ ناقابل فراموش خدمتون مولانا عبدالخالق نهڙي، سائين محمد احمد سمون، سائين حافظ محمد کٽي، سائين مولوي عبدالغني پسايو ۽ مرحوم عبدالرحيم لوڊو جون به آهن. امان مريم جي وفات کان بعد سندس لائق فرزند ادا مشتاق احمد مٺواڻي انهيءَ اداري جي متولي طور پنهنجيون خدمتون سرانجام ڏنيون. افسوس جو پاڻ اڻ مندائتي وڇوڙي سبب 29_ فيبروري 2008ع تي جدائيءَ جو داغ ڏئي هميشه لاءِ اسان کان موڪلائي ويا. پاڻ روڊ حادثي جو شڪار ٿيا. جنهن ۾ ساڻن گڏ سندن اهليه ۽ سالي به وڃي پنهنجي خالقِ حقيقي سان مليون شال الله تعاليٰ کين غريقِ رحمت ڪري ۽ سندن بشري لغزشون معاف ،اڄ به اهو مدرسو قائم آهي. شال الله تعاليٰ انهيءَ کي تادير قائم رکي ۽ انهن نيڪو ڪار هستي لاء نجات جو ذريعو ۽ صدقه جاري جو سبب بنائي. آمين!
اسلام لاءِ مولوي صاحب جون ڪيل خدمتون
[سنواريو]مولوي صاحب جنهن زماني ۾ ڏيپلو اچي وسايو، ان زماني ۾ سنڌ مان قرآن حديث جي تعليم ناپيد هئي. شرڪ ۽ بدعت جو دور دوره هو، بي علمي ۽ جهالت جا ڪڪر ڇانيل ۽ ملڪ شرڪ ۽ ڪفر جي ور چڙهيل هو. انسانيت تقليد جي طوقن ۽ پيري مريدي جي انڌيرن ۾ غرق هئي. اهل توحيد جو نالو ۽ نشان نه هئڻ جي برابر هو. اهڙين حالتن ۾ الله تعاليٰ جي رحمت جوش ۾ آئي ۽ توحيد جي للڪار جو پڙاڏو ٿر جي بيابان ۽ صحرائن کان گونجندي سنڌ واسين تائين پهتو، نتيجي ۾ شرڪ ۽ ڪفر جي ڪارنهن هيٺ آيل سينا صاف ۽ اجاگر ٿي، توحيد ۽ سنت جي نور سان منور ٿيا. جهڙي نموني عرب جي سرزمين تي محمد بن عبدالوهاب نجدي ۽ سندس رفقاءَ توحيد ۽ سنت جي جهنڊي کي ڦرڪايو، اهڙيءَ طرح ٿر ۽ سنڌ تائين توحيد واري جهنڊي کي بلند ڪرڻ جو سهرو داعي توحيد مولانا عبدالرحيم پڇمي، حافظ قرآن مولانا محمد عمر جوڻيجو، مولانا حاجي احمد ملاح، مولوي گل محمد هنڱورجو، مولوي علي محمد جوڻيجو، حاجي صاحبڏنو، امان مريم ۽ سيد بديع الدين شاهه راشدي جي حصي ۾ اچي ٿو.
مولوي صاحب پنهنجي ساري حياتي توحيد ۽ سنت جي پرچار ۽ دين جي دعوت ۽ تبليغ لاءِ وقف ڪري ڇڏي. ڏيپلي جا ماڻهو بت پرست، قبرن جا پوڄاري مقامن تي جاٽون ۽ ميلا لڳائيندا هئا. پاڻ ۽ سندن ساٿي حاجي صاحبڏني تعلقي ڏيپلي جا دورا ڪري اهي ميلا وغيره بند ڪرايا. اهڙيءَ طرح مٺي تعلقي ۾ به سندن تبليغ وڏو ڪم ڪيو ۽ ڪافي ڳوٺن ۾ ديني شعور ۽ انقلاب آيو ۽ انهيءَ جي ترجماني ڪندي مولوي گل محمد چوي ٿو:
مهراڻي جا ماڻهو شرارت ۾ شيطان
عمر جي علم ڪيو انهن ۾ ايمان
ڪفر جا اهي نشان مٽائڻ ۾ سندن حڪمت عملي ۽ مصلحت ۽ امن پسندي ڪارائتي ثابت ٿي. پاڻ انهيءَ وقت جي با اثر شخصيت جي ڀرپور تائيد ۽ حمايت حاصل ڪئي. شال الله تعاليٰ انهن کي غريق رحميت ڪري. انهن ۾ ارباب حاجي الجهڙيو (وفات 1988ع) ارباب تاج محمد (هي صاحب به نهايت پاڪباز رهڻ وارو ۽ تهجد گذار شخص هو) ۽ مير صاحب خان کڏاري وارو شامل آهن. ٿر ۾ توحيد جي دعوت جيئن ئي زور ورتو ان جي مخالفت ۾ مشرڪن ۽ بدعتين وڏو طوفان کڙو ڪيو. مولوي علي محمد ڏونجهائي ته بلڪل پنهنجي استاد پڇمي صاحب جي نقش قدم تي دعوت جو ڪم ڪيو. حق ۽ سچ چوڻ ته ڪير هن شخص کان اچي سکي. جرات ۽ بهادري ۽ ديني غيرت ۾ پنهنجو مثال پاڻ هو. ڪافي عرصو مٺي هاءِ اسڪول ۾ عربي ٽيچر به ٿي رهيو. اتي به توحيد جي دعوت مقصدِ اول رهيس، جنهن ڪري ڪافي شاگردن سندن اثر ورتو ۽ انهن اڳتي هلي مسلڪ اهلحديث جي وڏي پيماني تي پرچار ڪئي. مولوي محمد عمر جوڻيجو سندن خدمات جو ذڪر ڪندي چوندو هو ته: ” مولوي صاحب جي علم کان ته آئون واقف هئس، پر جڏهن کان پڇميءَ جو پاڇو پيس ته رچي لال ٿيو ۽ مڙني کان گوءِ کڻي ويو.“
اهو دور اهل حق جي لاءِ آزمائش جو دؤر هو. طرح طرح جي لقبن سان کين نوازيو ويو. ڪڏهن وهابي، ڪڏهن نجدي ته ڪڏهن بي دين سڏيو ويو. ڪنهن مسجد ۾ نماز پڙهيائون ته ان کي ڌوتو ويو. نفرت ۽ ڌڪار جي روش به انتها تي پهتل هئي. نالي جا مسلمان پنهنجن ٿانون ۾ کاڌو کارائڻ پسند نه ڪندا هئا، ڪنهن هندو کان به ايتري نفرت نه ڪئي ويندي هئي، جيتري هنن توحيد ۽ سنت جي شيدائين کان هوندي هئي. تاريخ انهيءَ ڪشمڪش کي فيصله ڪن موڙ تي آندو. جو مولوي علي محمد جي بدعتين کي للڪارڻ سبب مخالف مجبور ٿي. مناطري جو مطالبو ڪرڻ لڳا ته جيڪڏهن توهان حق ۽ سچ تي آهيو ته پنهنجا عالم گهرايو ۽ اسين به پنهنجا عالم ٿا گهرايون، پوءِ ڏسون ته ڪير ٿو کٽي؟ نيٺ مناظري جو چئلنج منظور ڪيو ويو ۽ اهل توحيد ۽ اهل بدعت جي درميان ڳوٺ ڏونجهه ۾15-16 ڊسمبر 1943ع مطابق 16-17 ذوالحج 1362ھ تي هڪ مناظرو ٿيو. انهيءَ مناظري جو مقامي طرح سڄو انتظام مولوي علي محمد رحمہ الله ڪيو هو. جنهن ۾ توحيد جو پرچم پڇمي عبدالرحيم، مولانا محمد عمر جوڻيجو، عبدالعزيز عرب ۽ ٻين عالمن جي هٿ ۾ هو ۽ مخالفن جي سرواڻي پير غلام مجدد شڪارپوري ۽ ٻيا ملان مولوي ڪري رهيا هئا. انگريز سرڪار جا بالا آفيسر ڪليڪٽر تائين امن امان کي قائم ڪرڻ لاءِ موجود هئا. چند مسئلن تي فريقين جون تقريرون ٿيون. هڪ ٻئي جي دلائل کي توريو ۽ پرکيو ويو. آخر فتح حق جي ٿي. پڇمي ۽ عرب به تقريرون ڪيون. مولوي محمد عمر بيشمار قرآني آيتون پيش ڪري مخالفن کي لاجواب ڪري ڇڏيو، جن مولوي صاحب جون تقريرون ٻڌيون هيون، اهي سندن علمي قابليت ڏسي دنگ رهجي ويا. بيشڪ مولوي صاحب مناظري جو شهسوار هو.
انهيءَ مناظري سٺا اثر ڇڏيا ۽ ماڻهن جا ذهن کلي پيا ته اسان گمراهيءَ ۾ هئاسون. پر هي قرآن حديث جي ڳالهه ڪن ۽ حق چون ٿا. حاجي صاحبڏنو ميمڻ انهيءَ مناظري ۾ خود شريڪ ٿيو ۽ سڄي ڪارروائي قلمبند ڪيائين، جيڪا بعد ۾ ”مناظره ڏونجهه“ جي نالي سان شايع ٿي. انهيءَ مناظري ۾ مولوي گل محمد شريڪ نه ٿي سگهيو هو، پر جڏهن ان جي تحرير وٽس پهتي ته سائين مولوي صاحب کي خراج تحسين پيش ڪندي چيائين
پڙهيم ڪالهه ڪاپي مناظري سندي، راڻي ويرو ويو جنهن ۾ وک وڌي،
ٿيو جنهن ۾ پيدا جوڻيجو جوان، بهادر اڪابر عمر جا نشان،
چيا عالمن قول سڀني سٺا، جوڻيجي جا گفتا موضوع تي چٽا،
يارهن آيتون پيش ڪيائين پير کي، هٽايائين بدعت جي وير کي.
مولوي صاحب پنهنجي زندگي دين لاءِ وقف ڪري ڇڏي هئي. تنهن ڪري هڪ طرف تبليغ جو سلسلو جاري رهيو، ته ٻئي طرف ديني تعليم به ڏيندا رهيا، جنهن ڪري ڪافي شاگرد تيار ٿيا، جن به پنهنجو فرض نڀايو. جتي ضرورت مناظري جي ٿي ته اهو ميدان به خالي نه ڇڏيائون. انهيءَ طريقي سان انهيءَ دؤر ۾ سنڌي زبان ۾ ديني لٽريچر ۽ ديني ڪتاب نه هئڻ جي برابر هئا. پاڻ اها ضرورت محسوس ڪندي حديث جي مشهور ڪتاب مشڪوٰة المصابيغ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ۽ تشريح لکڻ شروع ڪيائون. سنت جي شيدائي حاجي صاحبڏني جي دولت، پاڪ پيغمبرﷺ جي حديثن کي ڇپائڻ لاءِ هر وقت وقف هئي. انهيءَ ڪري 1953ع ۾ مشڪوٰة جا ابتدائي ٻه جلد شايع ٿيا. اڄ اڌ صديءَ جي تيز و تند تبديلين ۽ زماني جي لاهن چاڙهن کان پوءِ وري به ان ڪتاب جي ٻيهر ڇپائي جي سعادت حاجي صاحبڏني جي لائق فرزند ۽ دين جو درد رکندڙ هستي حاجي عبدالرحيم عالياڻي ۽ مولوي صاحب رحمہ الله جي اولاد جي حصي ۾ آئي آهي، دين جي عالم ۽ سنت جي خادم ڏيپلي ۾ زندگي گڏ گذاري، اڄ انهن جو اولاد حيدرآباد ۾ هڪ ٻئي جو پاڙيسري ۽ جامع مسجد خالد بن وليد اهلحديث قاسم آباد جي وڏي جذبي سان سنڀال ڪن پيا. شال الله تعاليٰ اها خدمت قبول فرمائي.
مولوي صاحب ڏيپلو جي جامع مسجد جا بنا ڪنهن معاوضي جي 40 سال پيش امام ٿي رهيا. سندن دوست ۽ تعليم کاتي جو آفيسر ۽ سنڌ جو نالي واور اديب محمد اسماعيل عرساڻي پنهنجي ڪتاب ” سکر سيئي ڏينهن“ ۾ سندن ذڪر ڪندي لکيو:
”مولوي محمد عمر جوڻيجي سان خاص دوستي ٿي ويئي. هو هڪ باعمل عالم هو ۽ ساڳئي وقت پنهنجي علم تي ڪوبه غرور نه هيس. ڏاڍو نهٺو ۽ همه صفت موصوف ڏسڻ ۾ آيم. جامع مسجد جو پيش امام به هو. جمعي جي ڏينهن خطبو به پاڻ ڏيندو هو ۽ پنهنجي ٿري تلفظ ۾ اهڙي ته تقرير دلپذير ڪندو هو. جنهن کان مان ڏاڍو متاثر ٿيندو هئس.“
جنهن جامع مسجد کي مولوي صاحب پنهنجي زندگيءَ جا چاليهه سال ڏيئي، ان جي منبر ۽ محراب کي زينت بخشيائون انهيءَ جي مصلي کان قرآن وسنت جي پرچار سبب کين زبردستي الڳ ڪيو ويو ۽ نه چاهيندي به انهيءَ کي الوداع چيائون. جنهن ڪري اهلحديث جماعت مجبور ٿي جدا مسجد ٺهرائي، جنهن ۾ مولوي صاحب تاحيات امامت ۽ خطابت جي منصب تي جلوه گر رهيا. مولوي صاحب کي قرآن سان وڏي محبت هئي، انهيءَ ڪري 1938ع ۾ نون مهينن جي قليل وقت ۾ حفظ مڪمل ڪيائون. قرآن شريف جو دور هر هفتي ۾ پورو ڪندا هئا. رمضان جي مهيني ۾ تراويح نماز ۾ ختم ڪڍڻ زندگيءَ جو معمول رهيو.
انهيءَ دوران حنفي جماعت مٽياريءَ مان مولوي عبدالخالق ميمڻ کي گهرائي سندن جاءِ تي جامع مسجد جو پيش امام مقرر ڪيو. جنهن صاحب ”تحفةالحديث“ نالي ڪتاب شايع ڪيو، جنهن ۾ سائين بديع الدين شاه راشدي ۽ مولوي محمد عمر جوڻيجو جي فاتحه خلف الامام، رفع اليدين، تراويح ۽ وتر بابت ڏنل دليل کي رد ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي وئي ۽ ٻنهي بزرگن کي نازيبا لفظن سان ياد ڪيو ويو. ميمڻ صاحب جي ڪمزور دليلن جي حيثيت ڪوريئڙي جي ڄار کان وڌيڪ نه هئي. تحفة الحديث جو مختصر جواب علامه راشدي مرحوم 25 شعبان 1395ھ مطابق 3-سيپٽمبر 1975ع تي ” تقرير لاجواب“ سان ڏنو. جيڪا بعد ۾ شايع ٿي ۽ تفصيلي جواب راشدي صاحب جن ” تمييز الطيب من الخبيث بجواب رسالہ تحفة الحديث“ جي نالي سان لکيو ۽ اهو بعد ۾ شايع ٿيو.
مولوي صاحب کي الله تعاليٰ خوابن جي تعبير ۾ وڏي ڄاڻ ڏني هئي. شهر ۽ ٻئي پاسي کان ماڻهو اچي وٽس تعبير پڇندا هئا. ان کان علاوه برسات ڄاڻ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هئا. هوائن، ڪڪرن موسم جي ڄاڻ ايتري وسيع هئن جو برسات ڏسي پري پري تائين ٻڌائيندا هئا ته فلاڻي هنڌ تي وسي پئي ۽ فلاڻي هنڌ تي ڦرو به مينهن جو ڪونهي. اهو علم پنهنجي مامي شير خان کان سکيا هئا.
مولوي صاحب جي شاگردن ۾ مولوي محمد هاشم نهڙي، مولوي نصير الدين نهڙي ۽ سندن فرزند مولوي عبدالله نهڙي، مولوي عنايت الله هنڱورجو، مولوي جان محمد نهڙي، سندن فرزند عبدالرحمٰن نهڙي، مولوي علي محمد جوڻيجو، مولوي محمد حيات کورم، مولوي عبدالرحيم عرف دريا خان راهمون، مولانا عبداللطيف ساند، عبدالمجيد ساند، مولوي محمد رمضان لنجو، مولانا عبدالعزيز راڄڙ، مولوي قادر بخش لنڊ، سائين حافظ محمد کٽي، سائين مولوي عبدالغني پسايو، مولوي صاحب جو فرزند ڊاڪٽر فاضل الدين جوڻيجو، مولوي عبدالرحيم لوڊو، مولوي عبدالخالق نهڙي، مولا بخش محمدي، حافظ عبدالمجيد هنڱورجو، الهرکيو بجير، تونجهه جا جوڻيجا ڦانٽ فارم جا سما، پيلوڙي جا سمان، پانيلي جا لنڊ ۽ سينهري کوهي جا نهڙي ۽ ٻيا انيڪ شاگرد شمار ٿين ٿا.
وفات
[سنواريو]مولوي صاحب جي صحت تمام سٺي رهي، ڪنهن وڏي بيماري ۾ مبتلا نه رهيا. ٿوري ڏڍ جي شڪايت رهندي هين. حياتيءَ جا آخري ڏهه ڏينهن بيمار رهيا. ابتدا هلڪي بخار سان ٿي، پوءِ جگر جي سائي وڪوڙي وئي،جيڪا موت جو سبب بني. ڏيپلي ۾ بيمار ٿيا، جتان کين حيدرآباد سندن وڏي فرزند حاجي غلام محمد جوڻيجو جي رهائش گاهه ”دارالدين“ تي علاج لاءِ آندو ويو. وڏا وڏا ماهر ڊاڪٽر علاج لاءِ ايندا رهيا.
چوي ٿو راقم الحروف ته جيئن ئي مون کي سندن بيماريءَ جي خبر پئي ته آئون ۽ منهنجو ننڍو ڀاءُ محمد زمان 24 ڊسمبر شام پنهنجي محسن، مربي ۽ مشفق استاد کي ڏسڻ لاءِ آياسين انهيءَ ڏينهن طبيعت ڪافي سڌرندڙ هئي، پنهنجي ٻنهي شاگردن ڏانهن شقفت ۽ محبت واري نگاه سان ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو. پٽن کي چيائين ته ”علم وارا آهن، انهن جو خيال ڪجو، هنن کي بسترا ۽ کٽون سٺي نموني ڏيو“ اسان ٻنهي ڀائرن لاءِ ٻه سؤ روپيه خرچي ڏنائين. ٻئي ڏينهن به طبيعت بظاهر ڪافي بهتر ڏسڻ ۾ آئي، ليڪن ڪمزوريءَ سبب ڳالهائڻ جو ست نه رهيو هئن.
بيماري ۽ شفا ته ڌڻي جي وس آهي، باقي سندن اولاد، پٽ ۽ ڌيئرون مٿن پر گهور ٿي رهيا هئا. هر وقت، هڪيا تڪيا حاضر، خدمت ۽ فرمانبرداريءَ جو حق ادا ڪيائيون. ليڪن اجل مهلت نه ڏني ۽ طبابت امر الاهي اڳيان عاجز رهي ۽ پاڻ، پٽ ۽ پوٽا، ڌيئرون ۽ ڏهٽا ۽ وڏو خاندان، عزيز و اقارب ۽ شاگردن جو وڏو تعداد پويان غمخوار ڇڏي 28 ڊسمبر اربع شام 1983ع تي ” دارالدين“ جي اڱڻ تي دم ڌڻيءَ حوالي ڪندي هميشه لاءِ ابدي آرامي ٿيا. لاڏاڻي کان چند گهڙيون اڳ هي بيت جهونگاريندا رهيا:
نه خبر نه خواب نڪو اوٺي آيو
هئا جي هت ڪنهن نه ڏنو جواب
هميرن حساب ڪوهه ڄاڻا ڪهڙو ٿيو.
سندن وفات جي خبر سنڌ ۽ ٿر ۾ باهه وانگر پکڙجي وئي. سندن جسد خاڪي کي 29 ڊسمبر تي حيدرآباد کان 12 بجي منجهند جو ڏيپلي ۾ آندو ويو. ماڻهن جا هشام ۽ انبوهه گڏ ٿي چڪا هئا. سارو شهر ۽ پري پري کان عزيز قريب احباب ۽ دوست پنهنجي سائين، استاد، مربي ۽ مهربان جي آخري ديدار لاءِ جمع ٿيا هئا. جنازي نماز سندن تلميذ رشيد حافظ محمد کٽي پڙهائي، ڏيپلي جي تاريخ جو وڏي ۾ وڏو جنازو هو. حافظ قرآن ۽ تهجد گذار عالم جي جدائي سبب ڏيپلو پنهنجون رونقون ۽ بهارون وڃائي چڪو هو.
ڪيڏو شهر ڪلاچ جو مادر مون ڏٺو!
هاڻي ائين ڦِٽو جيئن لڳي باهه ڀنڀور کي.
مولوي محمد عمر رحمہ الله سرزمين سنڌ جو جيد عالم، تفسير، حديث فقهه، معقولات ۽ منقولات جو جتي ماهر هو، اتي سنڌي لوڪ ادب تي ايترو ته سندس دسترس هو جو هُن جي رهاڻ هيرن جو کاڻ هوندي هئي.
”قيافه شناسي“ ۽ ”علم الانساب“ ۾ مون پوري حياتي لائق احترام استاد محترم مولوي محمد هاشم نهڙيو ۽ مولوي محمد عمر جوڻيجو جهڙو پارکو ۽ ڄاڻو ڪوبه نه ڏٺو .
مولوي محمد عمر اسان ٿر واسين کي ڇا ڏنو؟ ان کي توري تڪي پوءِ اسان کي سندس شخصيت بابت راءِ ڏيڻ کپي. هن مثالي ماڻهوءَ جتي انيڪ جاهلن ۽ نادانن جي سينن کي علم جي جوت سان منور ڪيو، اُتي پنهنجي اولاد کي تعليم جي زيور سان آراسته ڪري ثابت ڪيو ته علم جو دروازو هر هڪ لاءِ هڪ جيترو لاڀائيتو آهي. تدريس ۽ تعليم ۾ هن جو پورو ٿر هڪ لحاظ سان شاگرد آهي. اسڪول ۾ لسان العربي سان گڏ مدرسہ ۾ به آخري گهڙين تائين خصوصاً نياڻين جي دامن کي علم جي املهه سرمايه سان پُر ڪيائون. هُن جي خوش الحاني، زبان جي ميٺاج، تقرير جي خوشي بياني، لب ولهجه جي رواني، بي عيب ۽ با محاوره زبان و بيان، روز مره جا مثال، پهاڪن سان جتي سنڌ سونهاري جي سينڌ سينگاري ويا، اتي هن قلم ۽ قرطاس جي ڌڻي سنڌ واسين لاءِ ”مشڪوٰة المصابيح“ جهڙي مقبول عام ڪتاب جو ترجمو ۽ تفهيم سلوڙي سنڌي ۾ سنڌ واسين کي ڏئي ويا. ههڙي مرد مانجهيءَ لاءِ آئون الفاظن جي ڀيٽا ڏيندي شايد انصاف ڪري ڪونه سگهندس. ان لاءِ پنهنجي الفاظ علامه اقبال جي هنن دعائيه الفاظن سان ختم ڪندس:
زندگانی تھی تیری مہتاب سے تابندہ تر
خوب تر تھا صبح کے تارے سے بھی تیرا سفر
مثل ایوان سحر مرقد فروزاں ہو تیرا
نور سے معمور یہ خاکی شبستان ہو تیرا
ھي مضمون ڪچو مضمون آھي. توھان وڪيپيڊيا جي مدد ڪري سگھو ٿا ان کي سنواري. |