محمد شاھ تغلق
محمد شاھ تغلق | |||||
---|---|---|---|---|---|
فخر ملڪ | |||||
دھليءَ جو سلطان | |||||
فيبروري 1325 کان 1351 تائين | |||||
پيشرو | غياث الدين تغلق | ||||
جانشين | فيروز شاھ تغلق | ||||
جيون ساٿي | ديپالپور جي راجا جي ڌيءَ | ||||
| |||||
گهراڻو | تغلق | ||||
شاھي گھراڻو | تغلق گھراڻو | ||||
پيءُ | غياث الدين تغلق | ||||
ماءُ | مخدومہ جھان | ||||
جنم | نالا: الغ خان ۽ جونا خان دهلي[1] | ||||
لاڏاڻو | 20 مارچ 1351 ساموئي، نزد ٺٽو ، سنڌ | ||||
مذھب | اسلام |
سلطان محمد شاھ تغلق: جنھن جو لقب فخر ملڪ ۽ ٻيا نالا جونا خان، الغ خان پڻ آھن . ھي سلطان غياث الدين تغلق جو وڏو پٽ هو جيڪو دھلي جي تغلق سلطنت جو باني ھيو[2] 1321 ۾ کيس پيءُ دکن جي ڪڪاتيا گھراڻي جي بادشاهه پرتاپرودرا تي چڙھائي لاءِ موڪليو ۽ ھن گاديء واري ھنڌ ورانگل جو گھيرو ڪيو.[3]. ھن ورانگل ( موجوده تلنگانہ وارو علائقو) ۽ مالابار ۽ مادو راء ( موجوده تامل ناڊو ڪرناٽڪ تائين ) فتح ڪيا.ھن روينيو آفيسرن جا نوان عھدا قائم ڪيا جن رياست جي وزير کي کاتن جي چڪاس ۾ مدد ڏني.[4]
تفصيلي تعارف
[سنواريو]ھن جو ڏاڏو ترڪ غلام ھو ۽ ڏاڏي ھندو رکيل ھئي جن مان ھن جو پيءُ غياث الدين تغلق پيدا ٿيو.[5] ھن جي ماء مخدومہ جھان جي لقب سان مشھور ھئي.جيڪا غريبن جي ڏاڍي مددگار ھئي. 1325 ۾ پنھنجي پيءُ جي وفات کان پوءِ ھي تخت تي ويٺو. سندس دور ۾ مشھور سياح ابن بطوطہ ھندوستان ۾ آيو ۽ ھن جي درٻار جو حصو بڻيو.[6] پنھنجي دؤر ۾ ھن 22 بغاوتن کي منھن ڏنو..
آخري چار سال گجرات ۽ سنڌ ۾
[سنواريو]1347ع/49-748ھ
محمد بن تغلق برساتن جو ھڪ مھينو ’اسوال‘ (جو بعد ۾ احمد آباد جي نالي سان شھر آباد ٿيو) ۾ گذاريو. تنھن بعد ’نھروال‘ (انھلواڙا پٽڻ) تي قبضو ڪيائين، جتي کيس ’بھمن شاھ‘ جي ديوگير ۾ تاجپوشيءَ واري اعلان جي خبر پيئي.
نوٽ: بقول عصاميءَ جي (جنھن جي تاريخ کي دکن جي مؤرخن پنھنجي معلومات جو ذريعو بنايو) بھمن شاه جي تاجپوشي 24 ربيع الثاني 748ھھ مطابق آگسٽ 1347ع ۾ ٿي. (12)
1348ع/50-749ھھ
ھن چوماسو منڊل/پاتري ۾ گذاريو، جو ڪڇ جي ننڍڙي رڻ جي ڪناري لڳ آھي.
1349ع/51-750ھھ
ھن چوماسو ’گرنال‘ ۾ گذاريو/گرنار جبل، جنھن تي جھوناڳڙھ تعمير ٿيل آھي.
1370ع/52-751ھھ
ھن برساتي موسم ’گونڊل‘ ۾ گذاري، جتي ٺٽي تي ڪاھھ لاءِ فوجي تيارين ۾ مصروف رھيو.
1350ع/752ھ
ٺٽي تي ڪاھھ لاءِ پيشقدمي ڪيائين 21 محرم مطابق 20 مارچ تي. جڏھن ٺٽي کان 14 ڪوه مفاصلي تي ھو تہ وفات ڪيائين.[7]49-748ھھ مطابق 1347ع
محمد بن تغلق، طغيءَ جو پيڇو ڪندي، برساتن باعث اسوال ۾ ھڪ ماه ترسي پيو. ان بعد ھو نھروال ڏانھن اسھيو، جتي آگسٽ جي مھيني ۾ يا ڪجھھ ڏينھن بعد کيس بھمن شاه جي تاجپوشيءَ واري خبر موصول ٿي. ھن دھليءَ ڏانھن تاره دم لشڪر روانو ڪرڻ لاءِ حڪم صادر ڪيو، جنھن فوج جا مھندار احمد اياز ۽ ٻيا ھئا. اھا فوج جڏھن نھروال پھتي تھ کين دکن ڏانھن وڃڻ لاءِ حڪم جاري ڪيا ويا. ھن ھي فيصلو ڪيو تھ طغيءَ خلاف مھم کان ڌيان ھرگز ھٽائڻو نھ آھي ۽ اھو ارادو ڪري گرنال جي راڻي کنگھار خلاف پيشقدمي شروع ڪري ڏنائين.
50-749ھھ مطابق 1348ع
گرنال خلاف فوج ڪشي ڪيائين ۽ چوماسو اتي گذاريائين. شايع ٿيل تاريخ جي مطالعي مان اسان کي ھي معلوم ٿئي ٿو تھ طغيءَ گرنال ۾ پناه ورتي ھئي ۽ چڙھائيءَ وقت ھو ان ھنڌ کان بھ فرار ٿي چڪو ھو ۽ ٺٽي جي ڄامن ڏانھن ڀاڄ ۾ ھو. (24) اختلاف رکندڙ نسخي جي احوال مان ظاھر آھي تھ محمد بن تغلق گرنال جو قلعو پنھنجي قبضي ڪيو. (اين حصار بگرفت) مزيد تفصيل پيش ڪندي ھي ڄاڻايو ويو آھي تھ گرفتار ٿيڻ کان اڳ راڻو کنگھار ٻيڙيءَ ذريعي فرار ٿي ويو. ٻيٽن (رڻ جي جزيرن) جي رئيسن ۽ مقادمن جيڪا آڻ مڃي، انھيءَ بيان ۾ ھڪ اھڙي ٻيٽ جو ذڪر شامل آھي، جنھن کي سالڪوڪ جو ٻيٽ (جزيرھ سالکوک) چيو وڃي ٿو.
51-750 ھجري مطابق 1349ع
محمد بن تغلق ان بعد چوماسو منڊل ۾ گذاريو (منڊل ۽ پاٽري ننڍڙي رڻ جي ڪناري واقع آھن) ان بعد ھو نھروال ڏانھن ويو، جتي ٺٽي خلاف چڙھائيءَ لاءِ تياري ڪيائين. جڏھن ھو ٺٽي کان 7 يا 8 ڪوه پري ھو تھ اوچتو برسات شروع ٿي ۽ ڪن ھنڌن تي زمين مان اندران پڻ پاڻي بڙڪا ڪري نڪرڻ لڳو. سلطان واپس موٽ کاڌي ۽ ٺريءَ پھتو، جتي سندس لشڪر پاڻيءَ جي ڪناري خيما کوڙيا. ھتي محمد بن تغلق بيمار ٿي پيو. ھن سلسلي ۾ جيڪو بيان لکيل آھي، سو ھن طرح آھي:
” ٺٽي ڏانھن چڙھائي ڪيائين ۽ جڏھن ٺٽي کان ست اٺ ڪوه مفاصلي تي ھو تھ اوچتو باران رحمت نازل ٿي ۽ زمين اندران پڻ پاڻي ٻاھر اچڻ لڳو. سلطان واپس ٺريءَ ۾ آيو ۽ ٺريءَ جي پاڻيءَ ڪناري خيما کوڙيا ويا ۽ سمورو لشڪر پڻ ٺريءَ ۾ منزل انداز ٿيو. سلطان کي ٺريءَ ۾ بخار ٿي پيو ۽ ان باعث بيمار رھيو."
[8]محمد بن تغلق جا آخري سال، جي ڪاٺياواڙ ۽ سنڌ ۾ گذريا، ان متعلق جيڪي حالات اسان وٽ محفوظ آھن، تن جو سرسري جائزو ھي ظاھر ڪري ٿو تھ بعد ۾ جيڪي تاريخ نويس آيا آھن، انھيءَ ۾ ڪابھ شڪ شبھي جي گنجائش نھ آھي تھ اختلافي مسودن (جن طرف اسان ڌيان ڇڪايو آھي) جي جيڪڏھن شايع ٿيل تاريخ فيروز شاھي سان تفصيلي طور تي ڀيٽ ڪئي ويندي تھ اسان کي سلطان جي ڪارگذارين، دورن، متفرقھ ڪاررواين متعلق زياده موزون ۽ سلسليوار تاريخي مواد مھيا ٿئي ٿو ۽ ان باعث ئي اسان کي سلطان طرفان سنڌ تي ناڪامياب چڙھائي جو احوال ملي ٿو.[9]
وفات
[سنواريو]سنڌ تي حملي وقت محمد شاه تغلق، ٺٽي جي ڀرسان سونڍا وٽ فوت ٿيو. فيروز تغلق نئون بادشاه ٿيو ۽ هن حملي ڪرڻ بجاءِ دهليءَ طرف واپس رخ رکيو. فوت ٿيل بادشاه محمد تغلق کي عارضي طور قلندر شهباز جي مزار جي اولهه ۾ دفنايو ويو. سيوهڻ ۾ سندس عارضي مدفن تي جيڪي تعميرات ٿيا، عالمن اتان هڪ فارسي ڪتبو دريافت ڪيو آهي. هن ڪتبي جي آڌار تي تاريخ جي هڪ اهم مسئلي کي حل ڪيو ويو آهي[10]
حوالا
[سنواريو]- ↑ Muḥammad ibn Tughluq. Britannica.
- ↑ Douie, James M. (1916) The Panjab North-West Frontier Province and Kashmir Cambridge University Press, Cambridge, England, page 171, سانچو:OCLC
- ↑ Sen, Sailendra (2013). A Textbook of Medieval Indian History. Primus Books. pp. 91–97. ISBN 978-9-38060-734-4.
- ↑ Chandra, Satish (1997). Medieval India: From Sultanate to the Mughals. New Delhi, India: Har-Anand Publications. pp. 101–102. ISBN 978-8124105221.
- ↑ Jamal Malik (2008). Islam in South Asia: A Short History. Brill Publishers. p. 104. https://books.google.com/books?id=FduG_t2sxwMC&pg=PA104.
- ↑ Canetti, Elias (1984). Crowds and Power. New York: Farrar, Straus and Giroux. ISBN 0-374-51820-3.
- ↑ {ڪتاب: سنڌ صدين کان؛ از: ممتاز مھر؛1982؛ ثقافتي مرڪز،ڀٽ شاھ http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book8/Book_page10.html. Missing or empty
|title=
(مدد)} - ↑ {ڪتاب: سنڌ صدين کان؛ از: ممتاز مھر؛1982؛ ثقافتي مرڪز،ڀٽ شاھ http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book8/Book_page10.html. Missing or empty
|title=
(مدد)} - ↑ {ڪتاب: سنڌ صدين کان؛ از: ممتاز مھر؛1982؛ ثقافتي مرڪز،ڀٽ شاھ http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book8/Book_page10.html. Missing or empty
|title=
(مدد)} - ↑ {ڪتاب:سمن جي سلطنت؛از: غلام محمد لاکو؛ ايڊيشن ٽيون 2005؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو }