محمدالياس قادري
هن مضمون ۾ وڪيپيڊيا جي معيار جي مطابق صفائي جي ضرورت آهي، |
هي مضمون قابلِ تصديق هجڻ لاءِ وڌيڪ حوالن جي ضرورت رکي ٿو |
هن مضمون جي اڻ ڌُريائپ (غير جانبداري) تڪراري آهي. مهرباني ڪري هن مضمون جو جانبداري وارو مَواد ڊاهيو يا ترميم ڪري انکي اڻ ڌُريو بڻايو يا مضمون جي بحث صفحو تي راءِ ڏيو. |
| حضرت علامه مولانا ابوبلال محمدالياس عطار قادري رضوي ضيائي دامت برڪاتهم العاليه | |
|---|---|
| پيدائش | July 12, 1950 Hijri date: 26 رمضان المبارڪ 1369 |
| رھائش | ڪراچي, Sindh, پاڪستان |
| اڪيڊمڪ پسمنظر | |
| اثرات | امام اھلسنت مجدد دين و ملت پروانهءِ شمع رسالت حضرت علامه مولانا امام احمد رضا خان عليه الرحمة الحمٰن, امام اعظم ابو حنيفہ رحمة اللہ عليه |
| علمي خدمتون | |
| اسڪول يا رواج | سني, قادري صوفي |
| مُکيه دلچسپيون | دعوت اسلامي |
امير اھلسنت حضرت علامه مولانا ابوبلال محمد الياس عطارقادري رضوي[1] ضيائي دامت برڪاتهم العاليه 26 رمضان المبارڪ 1369ھ/1950ع ڌاري ڪراچيءَ ۾ ڄاوا. شروعاتي -تعليم- ڪراچيءَ ۾ ئي حاصل ڪيائون. سندن والد صاحب جو نالو حاجي عبدالرحمان قادري هو، جيڪو هڪ ديندار ماڻهو هو ۽ هڪ اداري ۾ ملازمت ڪندو هو. پاڻ ننڍا هئا ته سندن والد صاحب حج تي ويو، -جتي- منيٰ ۾ لُڪَ لڳڻ سبب وفات ڪري ويو. اصل ۾ سندس وڏا ڪڇ جي ”ڪُنڀار“ شهر جا رهاڪو هئا. قيام پاڪستان جي لڏپلاڻ دؤران پهريائين حيدرآباد ۾ قيام فرمائون، پوءِ اُتان وري ڪراچيءَ ۾ رهائش پذير ٿيا. پاڻ خليفه اعليٰ سيدي قطب مدينه حضرت علامه مولانا ضياءُ الدين احمد مدني قادري رضويءَ جا مريد آهن. کين چئني سلسلن جي خلافت حاصل آهي، پاڻ هڪ ديني ”عاشقان رسول صلي اللہ عليه وآله وسلم جن جي مدني تحريڪ“ جو آغاز 1401ھ/1982ع ۾ ڪرڻ فرمايائون، جيڪا ڏسندي ڏسندي دنيا جي 100 کان وڌيڪ ملڪن تائين پکڙجي وئي. هن تحريڪ جو نالو دعوت اسلامي رکيو ويو. دنيا ۾ سندن لکين مريد آهن. هن جماعت جو ساليانو اجتماع ملتان ۾ ٿيندو هو، جنهن ۾ لکن جي تعداد ۾ ماڻهو شرڪت ڪندا هئا. کين نعتيه شاعريءَ سان ڪافي لڳاءُ آهي. سندن ڪافي تصنيفون آهن، -جن- ۾ ’فيضان سنت‘ ، جنهن جو دنيا جي 15 زبانن ۾ ترجمو ٿيل آهي. ’آداب طعام‘، ’فيضانِ رمضان‘، ’پردي جي باري ۾ سوال جواب‘، ’رسائل عطاريه‘، ’نماز جا احڪام‘، ’رفيق الحرمين‘، ’چندي جي باري ۾ سوال جواب‘، ’مدني پنج سوره‘، `ڪفريا ڪلمات جي باري ۾ سوال جواب` ’عقيقي جي -باري- ۾‘، ’خودڪشيءَ جو علاج سوال جواب‘، ’امام حسين جون ڪرامتون‘، ’40 روحاني علاج‘، ’گهريلو علاج‘ مشهور آهن. ’مغلانِ مدينه‘ ’ارمغانِ مدينه‘۽ وسائل بخشش سندن نعتيه شاعريءَ جا ڪتاب آهن. پاڻ 2008ع ۾ هڪ اسلامي چينل شروع ڪيائون جنهن جو نالو مدني چينل آهي. جيڪو سڄي دنيا ۾ ڏٺو ويندو آهي۔[2]
حوالا
[سنواريو]- ↑ Team, IslamiEducation (2008-11-09). "امیر اہلسنت مولانا محمد الیاس عطار قادری رضوی". IslamiEducation (آمريڪي انگريزي ۾). 2019-12-06 تي حاصل ڪيل.
- ↑ الياس عطار قادري : (Sindhianaسنڌيانا), اصل نسخو مان 2016-04-09 تي محفوظ ڪيل, 2019-12-15 تي حاصل ڪيل
{{citation}}: Unknown parameter|dead-url=ignored (|url-status=suggested) (مدد)
- صفائي گهربل سڀئي صفحا
- مضمون جيڪي وڌيڪ حوالن جي ضرورت رکن ٿا
- سڀ مضمون جيڪي وڌيڪ حوالن جي ضرورت رکن ٿا
- اين پي او وي تڪرار
- Pages using infobox academic with unknown parameters
- CS1 آمريڪي انگريزي-language sources (en-us)
- CS1 errors: unsupported parameter
- ميمڻ ماڻهو
- جيئرا ماڻهو
- جيوت ماڻهو
- ميمڻ شخصيتون
- ڪراچي جا ماڻھو
- اسلامي شخصيتون
- ڪراچي جون شخصيتون
- 1950ع جون پيدائشون