محبت ٻرڙو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

جنم[سنواريو]

ڊاڪٽر محبت ٻرڙو 25 مارچ، 1952ع تي نور شاهه محلي، قنبر شهر ۾ هڪ پورهيت شوڪت علي ٻرڙي جي گهر ۾ پيدا ٿيو.

پڙهائي[سنواريو]

هن شروعاتي تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول قنبر، مئٽرڪ ميونسپل هاءِ اسڪول قنبر ۽ انٽر سائنس (پري ميڊيڪل) 1971ع ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان پاس ڪئي. ان کانپوءِ ايم.بي.بي.ايس لياقت ميڊيڪل ڪاليج (ايل. ايم. سي) مان پاس ڪيائين.

زندگي[سنواريو]

ايم.بي.بي.ايس پاس ڪرڻ کان پوءِ آرميءَ ۾ ڊاڪٽر چونڊجي ڪئپٽن ڊاڪٽر جي حيثيت سان گلگت، اسڪردو ۾ رهيو، پر پنهنجي آزاداڻي طبيعت سبب آرميءَ جي نوڪريءَ تان استعيفا ڏئي، ميلون جونس بلڊ بئنڪ، ڪراچي ۽ آغا خان چيريٽيبل ڊسپينسري ڪراچيءَ ۾ نوڪري ڪئي، پر ستت ئي اتان نوڪري ڇڏي قنبر هليو آيو، جتي لطيف ڪلينڪ تي، باگي ديري محلي، گوپانگ محلي ۽ علي خان محلي ۾ مريضن جو علاج ڪندو هو،

ادبي زندگي ۽ صحافي زندگي[سنواريو]

ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (انگريزي ٻولي: Dr. Muhabbat Burirro)، سنڌ جو لائق اديب، محقق، ترجميڪار، سياسي ۽ سماجي اڳواڻ، ايڊيٽر، استاد هو. ڊاڪٽر محبت علي ٻرڙي، ايل. ايم. سيءَ ۾ تعليم دوران مختصر ڪهاڻيون، طنز مزاح ۽ ٻيا مضمون لکڻ شروع ڪيا، جيڪي ”شاگرد“ پبليڪيشن، ”انجيڪشن“ پبليڪيشن ۽ ايل ايم سي جي ”لياقت“ ۽ ٻين رسالن ۾ ڇپيا. هُو ”سنڌي“ پبليڪيشن ڄامشوري (’سنڌي ڊائجسٽ‘) جِي اٺين ۽ نائين ڪڙيءَ جي مُرتبن ۾ شامل (اسسٽنٽ ايڊيٽر) ۽ ڇپرائيندڙ رهيو. 1977ع ۾ هُو ”سنڌي شاگرد پبليڪيشن“ جو ايڊيٽر ۽ ”انجيڪشن پبليڪيشن“ ڄامشوري جو ٻانهن ٻيلي ۽ ڪاتب رهيو، جن ۾ هن قلمي نالن سان ايڊيٽوريل ۽ مضمون لکيا. هُو ”رهبر ڊائجسٽ“ حيدرآباد سان سهڪار ڪندڙ رهيو. اتان کان سندس صحافت جي شروعات ٿي. 1992ع ۾ روزاني جاڳو اخبار، ڪراچيءَ جو قنبر تعلقي لاءِ نمائندو رهيو. 1978ع ۾ ڏاهپ ڪتاب گهر نالي پبلشنگ ادارو قنبر ۾ قائم ڪيائين. ڊاڪٽر ٻرڙو روزاني هلال پاڪستان جو نگران به رهيو. هن پنهنجا ڪتاب مختلف نالن سان لکيا، جن ۾ ڪٿي محبت ٻرڙو، ته ڪٿي سڄڻ لطيف، مهراڻ مگسي، ساجد، سجاد قنبروي نالا استعمال ڪيا. هن جي ڇپيل ڪتابن مان ڪي سندس زندگيءَ ۾ ته ڪي کانئس پوءِ ڇپيا آهن. سنڌي ادبي سنگت قنبر شاخ سان ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي ويجھڙائي رهي. سنگت قنبر جي گڏجاڻين ۽ پروگرامن ۾ وقت به وقت شامل ٿيندو ۽ پنهنجون ڪارائتيون صلاحون ڏيندو رهيو. هو سنگت قنبر جو 1995ع ۾ ميمبر ٿيو.

ڊاڪٽر محبت ٻرڙي 76-1974ع دوران ”گلن جھڙا ٻارڙا سنگت قنبر“ جي سرپرستي ڪئي. هو هر هفتي ٻارڙا سنگت جي گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيڻَ ۽ ٻارن کي تربيت ڏيڻَ لاءِ ڊاڪٽر محبت ڄامشوري کان قنبر ايندو هو. سندس ان عمل سان قنبر ۾ ترقي پسنديءَ جي پهرئين سياسي، سماجي، علمي ۽ ادبي دَور جي شروعات ٿي. ان ئي تسلسل هيٺ 1977ع ۾ هُو سماجي ڀلائيءَ جي تنظيم ”قنبر ويلفيئر ايسوسيئيشن“ جو باني ميمبر به رهيو.

1988ع ۾ سياسي تنقيدي ادب جو شاندار ڪتاب جيڪو سچ چوي قلمي نالي ’لطيف ۽ سڄڻ‘ سان لِکيو. جيڪو سچ چوي جو آخري باب هٿ وڌايو ــ سنڌ بچايو نالي سان الڳ ڪتابي روپ ۾ 1988ع ۾ ڇپيو. ساڳئي عرصي ۾ هن جا ٻيا ڪيئي ننڍا وڏا ڪتاب ڇپيا.

قنبر ۾ اچڻ کان پوءِ ڊاڪٽر محبت سٽيزن (ويلفيئر) ڪاميٽي قنبر جو باني ميمبر ۽ سيڪريٽري 94-1993ع دوران رهيو. هُو 1989ع ۾ ”موهن جو دڙو سائنس ڪلب قنبر“ کان 1997ع ۾ وفات تائين، کيرٿر سائنس اڪيڊمي قنبر سان لاڳاپيل ۽ ان جي فڪري اڳواڻي ڪندڙ رهيو، جنهن پاران هن ڪجهه ليڪچر بنيادي سائنسي موضوعن تي ڏنا ۽ ”اڪيڊمي“ پاران 1992ع ۾ ٽن مهينن تائين روزانو ”انگلش ٽيچنگ پروگرام“ ۾ رضاڪار ٽيوٽر رهيو. ان کان سواءِ اڪيڊميءَ جي سائنسي پبليڪيشن سلسليوار ”سائنسي سوچ“ جو فڪري اڳواڻ رهيو. ڊاڪٽر محبت 1994ع ۾ ”سنڌ فورم فار اِنٽيگريٽيڊ ڊولپمينٽ حيدرآباد“ سان لاڳاپيل رهيو ۽ ان فورم جي گڏجاڻين ۾ هن سرگرميءَ سان حصو ورتو. هُن ”هيومن رائيٽس ڪانفرنس“ لاڙڪاڻي ۾ خصوصي طور هڪ مضمون انگريزي ۽ سنڌيءَ ۾ انساني حق _ هڪ مختصر تاريخي خاڪو پڙهيو.

1990ع کان ڊاڪٽر محبت سياسي صورتحال تي مضمونَ لکڻ ۽ ترجما ڪرڻ، مختلف علمي مقالا ۽ مضمونَ لکڻ ۽ ترجمو ڪرڻ، انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا جوڙڻ، سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ سائنسي اصطلاح سازي ڪرڻ، سنڌي ٻوليءَ، ان جي لفظن ۽ گرامر تي تحقيق ڪرڻ، علمي ليڪچر ڏيڻ ۽ سماجي ۽ ادبي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو. سندس اهو ڪم تمام گھڻو، گھڻ طرفو ۽ ڳُوڙهو آهي. سياسي سرگرمين کان پوءِ ڊاڪٽر محبت جي اها هڪ اهم ۽ پائدار پيش رفت هئي، جنهن کيس سنڌ جي علمي، ادبي ۽ تحقيقي دنيا ۾ هڪ نئون ۽ اهم تعارف ڏنو. هن تمام گھڻا اهم علمي ڪتاب ۽ مقالا ۽ مضمونَ ان دَور ۾ لکيا، جيڪي سندس وفات کان پوءِ هر سال سندس ورسيءَ جي موقعي تي ڇپجندا رهيا آهن.

سياست ۽ سياسي مضمون[سنواريو]

1976ع ۾، ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي سياسي سرگرمين جي شروعات ايل ايم سي ۾ سنڌي شاگرد تحريڪ (س ش ت) جو يونٽ کولڻ ۽ ان جو ميمبر ٿيڻ سان ٿي، جنهن جو هُو 1978ع تائين باني سيڪريٽري رهيو. اتي هن سياسي تعليم جو ڪم سرگرميءَ سان ڪيو، جن ۾ خاص طور سماجي، سائنسي، علمي، جدلياتي ۽ فڪري موضوعن تي ڏنل سندس ليڪچر ڌيان لهڻن ٿا. 79-1978ع دوران ڊاڪٽر محبت سنڌي شاگرد تحريڪ، سنڌ جو پهريون ۽ چونڊيل مرڪزي صدر رهيو. ان عرصي ۾ هن پنهنجي علمي سياسي ڪم کي وڌيڪ پکيڙيو ۽ سڄيءَ سنڌ ۾ سوَن جي تعداد ۾ ليڪچر ڏنا، جن مان ڪيترائي ليڪچر ڪلاڪن جا ڪلاڪ هليا. اهو مارشل لا جو قهري دَور هو، جنهن ۾ سياسي سرگرمين تي وڏي سختي هئي ۽ لينن، مارڪس ۽ اينجلس جي ڪتابن تي وٺ پڪڙ هئي، جيڪي ڊاڪٽر محبت جي قنبر واري گهر توڙي ڄامشوري ۾ هاسٽل تي گهڻي تعداد ۾ موجود هئا. هيءُ دَور سندس لکڻ بدران مطالعي سميت عملي ڪم جو هو، جنهن ۾ مٿس سياسي ڪيسَ به داخل ڪيا ويا. ڄامشوري ۾ تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ ڊاڪٽر محبت، عوامي تحريڪ ۾ شامل ٿيو ۽ پوءِ ان جي ٺهيل مرڪزي تعليمي ڪاميٽيءَ جو بنيادي ميمبر به رهيو، جنهن ۾ هن 50 کان وڌيڪ موضوعن تي، 500 کان وڌيڪ ليڪچرَ سنڌ جي مختلف يونٽن ۾ ڏنا، جن تنظيم اندر سياسي سجاڳيءَ ۾ وڏو ڪم ڪيو. 1990ع کان ڊاڪٽر محبت سياسي صورتحال تي باقاعدي مضمونَ لکڻ ۽ ترجما ڪرڻ شروع ڪيا.


ڊاڪٽر محبت ٻرڙو جي لکيل ڪجهه مضمونن ۽ ڪتابن جا نالا[سنواريو]

  • (1) سنڌي ٻوليءَ جو دشمن نمبر پهريون ڪير؟ (1998ع)
  • (2) شهيد فاضل راهو ۽ سندس پارٽي، (1988ع)
  • (3) ڄاڻي سڃاڻي، ويهان ڪيئن ماٺ ڪري، (1988ع)
  • (4) سنڌي عوام جو قومي اتحاد ۽ ڪي سازشي، (1989ع)
  • (5) پ. پ. پ حڪومت جا پهريان ٽيهه ڏينهن، (1989ع)
  • (6) سنڌيو سجاڳ ٿيو، (1989ع)
  • (7) سنڌي مار سورما، (1990ع)
  • (8) سنڌين جا اتحاد، (1902ع)
  • (9) ايم. ڪيو. ايم جي دهشتگرد سياست
  • (10) چين مٿان ڳاڙهو تارو
  • (11) اٽڪ قلعي کان (1990ع
  • (12) موسيٰ کان مارڪس تائين (ترجمو)

سندس لاڏاڻي کان پوءِ ڇپيل سندس ڪجهه مضمون ۽ ڪتاب[سنواريو]

  • (13) جدلي ماديت جا بنيادي اصول (2008ع)
  • (14) ٻوليءَ جو بڻ (2007ع)
  • (15) انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا (1998ع)
  • (16) ماڻهو ۽ ماڻهپو (1999ع)،
  • (17) شعور (2004ع)،
  • (18) ڌرتي منهنجو گهر (2009ع)،
  • (19) سنڌ، حڪمران، ايم ڪيو ايم ۽ سنڌي عوام (2006ع)

ان کان سواءِ ٻيا مقالا، مضمون ۽ ٻيا ڪتاب پڻ موجود آهن. ڊاڪٽر محبت جي لاڏاڻي کان پوءِ سندس ويجهن دوستن ۽ شاگردن، سندس ياد ۾، ”کيرٿر سائنس اڪيڊمي“ جو نالو تبديل ڪري ’ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي‘ رکيو. هن اڪيڊميءَ پاران هر سال ”محبت ٻرڙو اوارڊ“ ڏنا ويندا آهن .

لاڏاڻو[سنواريو]

هن عالم، اڻ مُلهه ۽ محبتي شخص، ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي وفات دل جي دَوري سبب، 9 اپريل 1997ع تي، قنبر ۾ ٿي، جنهن ساڻس لاڳاپيل هر ماڻهوءَ کي ڏاڍو ڏکوئي ڇڏيو. [1] [2]



  1. ڏاهپ جو جنم (گينرخ وولڪوف / محبت ٻرڙو / رياضت ٻرڙو) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2020-09-30 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-07-30 
  2. سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام