مجاھد ڪالوني

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مجاھد ڪالوني(انگريزي: U C Mujahid Colony) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي ڪراچي سينٽرل جي تعلقي لياقت آباد سب ڊويزن جي ھڪ يونين ڪاؤنسل آهي[1]. 11 جنوري 2011 کان اڳ اھا لياقت آباد ٽائون م واقع ھئي. ھن ڪالوني جا ڪوآرڊينيٽس: 24°54'52"N 67°02'09"E • 27 m آھن ء ناظم آباد بلاڪ 4 ۽ برما شيل سوسائٽي جي وچ ۾ نواب صديق علي خان روڊ جي اوڀر پاسي واقع آهي. ھتان جي رھندڙ آبادي اڪثريت ۾ اردو ڳالهائيندڙن تي مشتمل آهي. ھن يونين ڪاؤنسل م انو ڀائي پارڪ، امتياز سپر مارڪيٽ (ناظم آباد)، اي او (AO) اسپتال، تڪونا پارڪ، ڊرائيونگ لائسنس آفيس (ناظم آباد برانچ)، مردن جي گورنمينٽ ڪاليج ناظم آباد، الفاروق ڪرڪيٽ گرائونڊ ناظم آباد 2، بقائي انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيائڪ ڊزيز، سنڌ اسپورٽس بورڊ ڪامپليڪس، ناظم آباد ڪلب واقع آهن.

حوالا[سنواريو]

  1. "Links to Pearl case?: Saud Memon’s brother picked up". The Express Tribune. 10 June 2011. https://tribune.com.pk/story/185799/links-to-pearl-case-saud-memons-brother-picked-up/. Retrieved 4 April 2017.