متولي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

متولي: وقف قائم ٿيندي ئي ملڪيت جو قبضو متوليءَ حوالي ڪيو ويندو آهي. جيڪو جائداد جو منتظم هوندو آهي. واقف پنهنجي وقف لاءِ ڪنهن به شخص توڙي اهو مرد هجي يا عورت مسلمان هجي يا غير مسلم، ان کي متولي مقرر ڪري سگهي ٿو. البت جيڪڏهن وقف ڪن خاص ڪمن لاءِ آهي ته اتي فقط مناسب متولي مقرر ڪيا ويندا. مثال جيڪڏهن وقف مسجد لاءِ آهي ته متولي مسلمان ٿيندو، غير مسلم نه. اهڙيءَ طرح نابالغ يا ذهني معذور کي به متولي مقرر ڪري نه سگهبو. پر ڪو واقف نابالغ يا ذهني معذور کي متولي مقرر ڪري ته عدالت ان تي قدم کڻي سگهي ٿي ۽ ڪنهن ٻئي شخص کي عبوري طور متولي مقرر ڪري سگهي ٿي

متوليءَ جي مقرري[سنواريو]

1.واقف کي اختيار آهي ته پهريون متولي پاڻ مقرر ڪري يا متولين جي نالن جو تعين ڪري رٿابندي ڪري يا اهڙا شرط يا متولي ٿيڻ لاءِ اهليت به متعين ڪري جنهن جي پيش نظر متولي مقرر ڪري سگهجن. اهڙيءَ طرح واقف، متولي مقرر ڪرڻ لاءِ اهو اختيار پهرين متوليءَ کي به ڏيئي سگهي ٿو ته سندس موت کان پوءِ ڪو متولي هو پاڻ چونڊي. 2. جيڪڏهن مقرر ٿيل متولي فوت ٿي وڃي يا ڪو متولي ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري يا ڪا ڪورٽ پنهنجي حڪم سان برطرف ڪري ته ڪورٽ کي اختيار آهي ته هو ڪو ٻيو متولي، واقف جي هدايتن کي آڏو رکندي، مقرر ڪري. متوليءَ جي خدمت جو معاوضو متوليءَ جي خدمت جو معاوضو واقف پاڻ مقرر ڪري سگهي ٿو. اهو معاوضو ڪا مقرر رقم يا وقف جي خرچ پکي کان پوءِ بچندڙ ڪا رقم ٿي سگهي ٿي. پر جي واقف، متوليءَ لاءِ معاوضو مقرر ناهي ڪيو ته ڪورٽ سڳوري ان لاءِ معقول رقم مقرر ڪري سگهي ٿي. پر اها رقم وقف جي آمدنيءَ جي ڏهين حصي کان وڌيڪ ٿي نه ٿي سگهي. جيڪڏهن متوليءَ کي ٿورو معاوضو ملي رهيو آهي ته عدالت ان لاءِ الائونس به مقرر ڪري سگهي ٿي. متوليءَ جي برطرفي عدالت ڪنهن به متوليءَ کي، وقف جي مقصدن خلاف ڪم ڪرڻ تان برطرف ڪري سگهي ٿي. البت متوليءَ کي اهو اختيار ناهي ته هو ڪو ٻيو متولي مقرر ڪري، البت جيڪڏهن واقف کيس اهو اختيار ڏنو آهي ته هو اهو ڪم ڪري سگهي ٿو ۽ ملڪيت جي سار سنڀال ۽ پنهنجي مدد لاءِ ڪو نائب به مقرر ڪري سگهي ٿو. وقفِ ۽ ٽرسٽ ۾ فرق وقف جي صورت ۾ ملڪيت الله تعاليٰ حوالي ڪئي وڃي ٿي ۽ متولي فقط منتظم هوندو آهي. جڏهن ته ٽرسٽ جي شڪل ۾ ملڪيت ٽرسٽيز (Trustees) وٽ هوندي آهي ۽ اهي ئي منتظم به هوندا آهن[1]

حوالا[سنواريو]

  1. {رسالو: سرتيون؛مضمون: وقف جو قانون؛از: تنوير جوڻيجو؛(هي مواد قانون ۽ انصاف ڪميشن، حڪومت پاڪستان جي ڇپايل ڪتاب ”قانون فهمي“ تان کنيو ويو). فيبروري 2006؛ پبلشر:سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو}