مواد ڏانھن هلو

وقف

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

وقف جو اواف آھي. ھن مان مراد خيراتي ڪمن جي جائداد وغيره، خيراتي جايون وغيره جيڪي خير جي ڪمن يا مذهبي ڪمن لاءِ وقف هجن (جهڙوڪ: مسجدون، مقام، مسافرخانا وغيره) -تن- جي سنڀال ڪندڙ کاتو. -اوقاف- عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جيڪو انهيءَ قسم جي جائداد بابت استعمال ٿيندو آهي، جيڪي هميشه لاءِ خيراتي ڪمن لاءِ وقف ڪيل هجن. هن وقت سنڌ جون اڪثر وڏيون درگاهون -اوقاف- کاتي جي حوالي آهن.[1]

وقف جو قانون

[سنواريو]

ڪنهن به شيءِ جي نفعي نقصان کي خير جي مقصدن لاءِ صدقو ڪرڻ، اهڙيءَ ريت جو ملڪيت، وقف ڪندڙ وٽ ئي رهي پر ان جا فائدا ۽ نفعا شرطن مطابق استعمال ٿين. ملڪيت وقف ڪندڙ کي ”واقف“ ڪوٺيو ويندو آهي ۽ واقف کي اهو اختيار به هوندو آهي ته هو پنهنجي وقف ڪيل ملڪيت واپس وٺي يا ان کي وڪڻي ڇڏي. بشرطيڪ واقف، پنهنجي ملڪيت دائمي طور وقف ڪري ڪنهن ”وليءَ“ جي حوالي نه ڪئي هجي. يا وري ڪنهن عدالت اهو فيصلو نه ڏنو هجي ته واقف جو ملڪيت سان ڪو تعلق ڪونهي يا وري اهو واقف گذاري وڃي. عام طرح هنن ٽن صورتن ۾ وقف لازم هوندو آهي. 1. حاڪم وقت جي حڪم موجب: موت کان پوءِ وقف ڪرڻ: جيڪو وصيت جي شڪل ۾ هوندو آهي ۽ هڪ ڀاڱي ٽي جي صورت ۾ نافذ ڪيو ويندو آهي. 2. مسجد لاٰءِ وقف ڪرڻ: ۽ جڏهن ڪنهن هڪ به ماڻهوءَ انهيءَ مقصد لاءِ نماز ادا ڪئي ته اهو عمل نفاذ لاءِ سمجهبو. وقف جي وصف جي حوالي سان ڪيترن عالمن ۾ اختلاف موجود آهي. امام ابو حنيفهرح جي راءِ آهي ته وقف، واقف جي ملڪيت رهندو. رڳو فائدو ۽ نفعو انسان ذات جي ڀلائيءَ لاءِ استعمال ٿيندو. تقريباً اهو ئي مسلڪ امام مالڪرح جو به آهي. پر هن قانون جي تشريح ۾ ٻين عالمن جي راين کي به آڏو رکيو ويو آهي. اهي ماڻهو جي وقف ڪري سگهن ٿا هر مسلمان عاقل بالغ ۽ جائداد جو قانوني مالڪ پنهنجي ملڪيت وقف ڪري سگهي ٿو. وقف ڪرڻ جو طريقئه ڪار وقف زباني يا تحريري ٻنهي صورتن ۾ ڪري سگهجي ٿو. وقف جي اعلان کان پوءِ جيڪڏهن ملڪيت Moveable ڦرندڙ صورت ۾ آهي ته اها متوليءَ حوالي ڪرڻ ئي ڪافي آهي. پر جي ملڪيت اڻ ڦرندڙ صورت ۾ آهي ۽ ان جي قيمت هڪ سو يا هڪ سو کان وڌ آهي ته ان کي پاڪستان جي رجسٽري ايڪٽ 1908ع تحت رجسٽر ڪرائبو، پر جي واقف پنهنجي وقف ڪيل ملڪيت جو پاڻ واحد متولي بڻجي ٿو ته ان صورت ۾ وقف جو اعلان ئي ڪافي رهندو. جيئن ته واقف ۽ متولي هڪڙو ئي شخص آهي ته ان صورت ۾ حقيقي قبضي جي منتقليءَ جي صورت پيش نه ايندي، پر ٻي صورت ۾ وقف ان وقت تائين ڪامل نه ٿو ٿئي جيستائين واقف وقف جي اعلان کان پوءِ، جائداد جو حقيقي قبضو متولي حوالي نه ڪري. ڪنهن ٻئي متوليءَ کي جائداد ڏئي ۽ پوءِ وري واپس وٺڻ ۽ متوليءَ کي برطرف ڪرڻ جو اختيار، واقف کي ناهي. البت جيڪڏهن وقف نامي جي شرطن ۾ اهو اختيار، واقف پاڻ لاءِ رکيو آهي ته پوءِ هو اهو عمل ڪري سگهي ٿو. وقف جا شرط وقف هميشه لاءِ عمل ۾ ايندو، انڪري ڪنهن خاص معياد يا وقت لاءِ وقف نه ٿيندو. وقف جا مقصد به دائمي رهندا. جيڪڏهن ڪو شخص پنهنجي سموري ملڪيت وقف ڪرڻ چاهي ته پنهنجي حياتيءَ دوران اهو عمل ڪري سگهي ٿو، پر مرڻ کان پوءِ سندس ملڪيت جو فقط ٽيون حصو وقف ڪري سگهبو، جيڪو وصيت ذريعي ٿيندو. وقف جا مقصد اسلامي شريعت پٽاندر وقف جا مقصد، مذهبي خيراتي ۽ ڀلائيءَ وارا ٿي سگهن ٿا. ڪو شخص پنهنجي ڪٽنب ۽ اولاد جي حق ۾ به وقف ڪري سگهي ٿو. عام طرح وقف لاءِ هيٺيان مقصد ٿي سگهن ٿا: 1. مسجدن جي تعمير: امام جو پگهار ۽ مسجد جي سار سنڀال لاءِ خرچ وغيره. 2. تعليمي ادارا کولڻ ۽ ان جي انتظام سنڀالڻ لاءِ خرچ. 3. پُلين، رستن، سرائن جي تعمير ۽ انتظام لاءِ خرچ. 4. غريبن ۽ محتاجن جي مالي مدد ۽ حج ڪرائڻ. 5. محتاج ۽ دست نگر مائٽن ۽ ٻين ماڻهن جي سار سنڀال واسطي. اصل سائپرس جيڪڏهن ڪنهن وقت جا مقصد پورا ٿي وڃن ته وقف جي آمدني اهڙن ئي ٻين مقصدن لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿي. قرض خواهن کي فريب ڏيڻ جيڪڏهن ڪا جائداد يا ملڪيت قرض خواهن کي قرض جي ادائگيءَ کان محروم رکڻ لاءِ وقف ڪئي وئي آهي ته قرض خواهه ڪورٽ ذريعي ان کي وقف کان منسوخ ڪرائي سگهن ٿا.[2]

حوالا

[سنواريو]
  1. اوقاف : (Sindhianaسنڌيانا)
  2. {رسالو: سرتيون؛مضمون: وقف جو قانون؛از: تنوير جوڻيجو؛ فيبروري 2006؛ پبلشر:سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو}