ماڊيول بحث:Convert/data

Page contents not supported in other languages.
کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

@Intisar Ali: يونٽن جا عربي فارسي يا اردو ۾ لکيل نالا سنڌي ۾ ڪري لکيا ويا آهن اڃا ڪجهه رهجن ٿا جيڪي ڪرڻا پوندا يونٽن جا نالا تُرت تڪڙا سنڌي ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ ان عربي فارسي يا اردو ۾ لکيل يونٽ جو نالو ڪاپي ڪري پوءِ ڪنٽرول ايف بٽڻ ڪيبورڊ منجهان دٻائيجي پوءِ فائنڊ ۽ ريپلس نظر ايندو جتي ريپليس واري جاءِ تي سنڌي ۾ يونٽ جو نالو لکي آل تي ڪلڪ ڪجي ته جتي جتي اهو لکيل هوندو اتي اتي سنڌي ۾ مٽائجي ويندو. ڪُجهه مون ڪيا آهن ڪُجهه اهڙي طريقي سان ٻيا ساٿي پڻ هن ماڊيول ۾ ڪن. مهربانيون خادم جوڳي اسد راڄپر  ڳالھ 07:13, 22 جنوري 2020 (UTC)

@JogiAsad: سائين مون وٽ ڪمپيوٽر يا ليپ ٽاپ ناھي ۽ نہ ئي وري اھي ھلائڻ اچن ,ڇوتہ ڪمپيوٽر جي بنيادي تعليم ناھي ورتي. مان موبائل فون تي ڪم ڪندو آھيان. جيڪڏهن فون جي ڪي بورڊ تي ممڪن ھجي تہ گائيڊ ڪيو. مان سکي شروع ڪندم Intisar Ali @JogiAsad: ڪجھ ڄڻخانن وارن سانچن ۾ انگريزي لفظن جي سنڌي ۾ ترجمي جي ضرورت آھي پر تحفظائڻ ڪري پھچ رڪيل آھي. مون کي پھچ ڏني وڃي تہ غلطيون سڌاري ٺيڪ ڪجن انھن م Infobox settlement ۽ Infobox country شامل آهن. Intisar Ali

اُهي اختيار ڪامورو ڏئي سگهي ٿو، سنڌي وڪيپيڊيا تي مقامي ڪوبه ڪامورو ناهي، مون اڳ مقامي ڪامورو ٿيڻ جي لاءِ راءِ شماري ڪرائي هئي پر سنڌي وڪيپيڊيا جي واپرائيندڙن ان ووٽنگ ۾ دلچسپي ئي نه ورتي جنهنڪري اها درخواست ميٽاوڪي تي رد ڪئي وئي ته سنڌي وڪيپيڊيا ڪميونٽي ننڍي آهي جيڪو ووٽنگ منجهان ظاهر هيو. جيڪڏهن توهان سنڌي وڪيپيڊيا تي منتظمي ڪم سارسڀال ۾ سهائتا ڪريو ۽ منتظم ٿيڻ ۾ دلچسپي رکو ٿا ته ان لاءِ راءِ شماري ڪرايو، پاڻ وٽ ڪيترائي انتظامي ڪم رهيل آهن جن کي هڪ يا ٻه منتظم پورو نٿا ڪري سگهن. باقي جيڪي سانچا توهان بهتر ڪرڻ چاهيو ٿا تن جي بحث صفحي تي درخواست ڪريو ته انهن جي تحفظ کي گهٽائي سگهجي ته جيئن پڪ ڪيل واپرائيندڙ ترميمي سگهن.جوڳي اسد راڄپر  ڳالھ 13:12, 27 فيبروري 2020 (UTC)